لطيفيات

اک الٽي ڌار

ھي ڪتاب محترم نذير سومرو جي شاھ لطيف جي ٽن سُرن سھڻي، مومل ۽ کنڀات تي لکيل تجزياتي مضمونن جو مجموعو آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
منفرد ڪردار جي مالڪ ۽ سهڻي قملڪار سائين نذير سومري هن ڪتاب ” اک الٽي ڌار“ ۾ ٽنهي سرن خاص طور سهڻي ۽ مومل جي تقليدي اپٽار بدران علامتي اظهار جا انيڪ مَٽ اپٽيا آهن، جن کي پڙهندي سچ ته اکيون حيرت جو بت بڻجڻ تي مجبور ٿين ٿيون، سندس قلم جي رواني ۽ اظهار جي لکت ڏند ڪٿائي دور کان هاڻوڪين حالاتن آڌار پروڙڻ ۽ پرکڻ جي گهڻو ويجهو آڻين ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 1034
  • 353
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نذير سومرو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اک الٽي ڌار

کنڀات -1: کنڀات ۾ باغي

هيء ڳالهه پراڻي آهي،
تمام گهڻي پراڻي.
ڪيتري؟
سقراط کان به اڳ جي؟
ها ان کان به اڳ جي.
شايد پنج هزار سال پراڻي؟،
نه اڃا وڌيڪ.
ڏه هزار سال؟،
نه....
اڃان به پراڻي.
ته پوء پهرئين انسان جي وقت جي؟.
نه اڃا به پراڻي.
ته پوء انسان جڏهن اڃان باندر هو،
.............چيمپيئنزي جي وقت جي!؟
نه اڃان به پراڻي.
ان کان اڳ ته انسان پاڻيء ۾ زندگي گذاريندو هو ۽ اها شڪل اڃان انساني ڪونه بڻي هئي.
ها اها ڳالهه ان وقت جي آهي جڏهن هڪ عضوو ٺهيو جنهن کي اک چيو ويندو آهي ۽ اهو عضوو اڄ کان ڪروڙين سال اڳ ٺهيو هو.
اک جو ڪم ڏسڻ آهي.
هن جڏهن پنهنجو ڪم شروع ڪيو ته ان کي سڀ شيون هڪ جهڙيون لڳندي به مختلف لڳيون.
ڪجهه نه وڻندڙ هيون ته ڪي وڻندڙ.
ڪي وڻندڙ ته ڪي وري تمام گهڻو وڻندڙ.
ڪي گهڻو وڻندڙ ته ڪي اهڙيون جن کي ڏسندي اکيون نه ٿڪجن.
هن جو سبب اڄ تائين ڪنهن انسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ائين ڇو آهي.
”ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي نه وسرن مور“ ......!!
جيڪي شيون تمام گهڻيون وڻيون،
جيڪي انسان گهڻا وڻيا انهن کي اڳتي هلي انسان “پرين/معشوق/محبوب“ جو نالو ڏنو ۽ ان “وڻڻ“ کي عرف عام ۾ عشق جي نالي سان سڏيو ويو.
اڳتي هلي انسانن “عاشقن“ پنهنجي محبوب کي ساراهڻ شروع ڪيو.
تون ڏاڍي/ڏاڍو وڻندڙ آهين.
تنهنجي صورت تمام گهڻي وڻي ٿي.
دل چوي ٿي توکي ڏسجي ويٺو.
تون سامهون ويهه مان ڏسان.
تون کل...........
تنهنجو آواز مٺو آهي،
وڻندڙ آهي.
ڪنن کي ڏاڍو وڻي ٿو.
دل چوي ٿي تون ڳالهاء..... مان ٻڌان.
تنهنجو وات،
تنهنجا ڏند،
تنهنجون اکيون....
..............مطلب ته هر عضوي کي ساراهيو ويو،
ڪيترا سال اهو سلسلو ائين ئي هليو.
پوء اڳتي هلي ڪن وري ساڳئي مطلب وارن لفظن ۾ ترنم پيدا ڪيو
............ ۽ ائين ئي شاعري وجود ۾ آئي.
پهريون شاعر ڪهڙو/ڪير هو؟
پهريون شعر ڪهڙو هو؟،
ان جي ڪا باقاعده تاريخ ته ڪونهي پر شاعرن جي اندر جي ايڪس ري رپورٽ ٻڌائي ٿي ته سندن دل ۾ ڪا مورت نما شيء موجود ڏٺي ويئي آهي جنهن مان اندازو هڻي سگهجي ٿو ته اها سندن محبوب جي مورت هئي جنهن کي ڏسي هن همراه هن سانئڻ لفظن ۾ ترنم پيدا ڪري ان جي ئي تعريف ڪئي هئي.
مطلب سموري ڳالهه ڪرڻ جو ته پهريون شعر
پرين جي صورت اڳيان لفظي سجدو هو.
معشوق جي بيان ۾ چيل هي اهي لفظ هئا جيڪي بيخوديء ۾ شاعر جي واتان نڪتا.
اڳتي هلي هن دنيا جا هي ڏاها ماڻهو،
هي شاعر ماڻهو به منجهي پيا ته هو ڪنهن ٻئي کي پنهنجي پرين جي تصوير ٻڌائيندي ڇا چون؟
ڪيئن ان کي ٻڌائجي ته سندن پرين ڪنهن جهڙو آهي؟
هن جو قد ڪيترو آهي،
سندس رنگ ڪهڙو آهي،
سندس هلڻ ڪيئن آهي،
سندس کلڻ.........؟
سڀ شاعر منجهي پيا........
ڪنڌ هيٺ ڪري سوچڻ ويٺا.
ڪن پنهنجي محبوب لاء چوڻ شروع ڪيو ته هو ڏاڍو سهڻو آهي، تمام حسين آهي.....
ڪيترو؟
اها ته خبر ڪونهي پر هو تمام سهڻو آهي.
آخر ڪيترو؟
ايترو، جو کيس ڏسندي مان نه ٿو ٿڪجان......
پر مان ته اڃان نه ٿو سمجهان تنهنجي ڳالهه، مون کي کولي ٻڌاء ۽ سمجهاء ته تنهنجي سر جو سائين، جنهن لاء ويٺو ٿو سوچين سارو وقت، سڀ گهڙيون.............ڪيترو سهڻو آهي!
ڪيترو ئي وقت اهو قصو ائين هلندو رهيو.
پر پڇڻ وارا مطمئن ڪونه ٿيا.
(پڇڻ وارن کان وڌيڪ انهن عاشقن جو دم پئي نڪتو ته هو پنهنجي سر جي سائين جي واکاڻ ڪندا رهن. هنن جي اندر ۾ اڌمان پئي کاڌا ان من موهڻي جي مورت ته کيس دنيا آڏو عيان ڪن.
اها انساني ڪمزوري رهي آهي ته هو پنهنجون ڪاميابيون ٻين کي ٻڌائي.
(محبوب جو هجڻ به عاشق لاء وڏي حاصلات آهي).
ڇو نه هجي ڀلا؟؟!!
ان کي ئي ڏسڻ سان ته دل جي دنيا آباد ٿي آهي
ڄڻ ڪا ڪلراٺي زمين فصل واري ٿي هجي،
ڄڻ ڪنهن بيابان ۾ ڪو وڻ ڦٽو هجي.
ڄڻ ٿر تي ڪا بوند برسي هجي.....
پرين کان اڳ ته دل هڪ ويران قبرستان هئي.
چمڙن جو آستانو هئي.
چٻرن جو آکيرو هئي.
هن جي اچڻ ئي ته پاڻي جي کوه وارو ڪم ڪيو،
هاڻي چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ آهي.
دنيا جا ته سڀ رنگ ئي بدلجي ويا آهن.
دنيا رنگين ٿي ويئي آهي ان کانپوء،
.......................ته پوء سوال آهي ته هڪ انسان جيڪو منهنجي دنيا کي ڦڪي مان مٺو بڻائي ٿو.
ڪائنات ۾ مونکي منهنجي موجود هجڻ جو يقين ڏياري ٿو.
مونکي نه مان ها بڻائي ٿو...................
اهو ڪيترو سهڻو هوندو؟
هنن جي اهڙن سوالن جو سلسلو هلندو رهيو،
..................ته ٻڌاء تنهنجو محبوب ڪيترو سهڻو آهي؟
آخر ڪار، ڪن چوڻ شروع ڪيو ته،
منهنجو پرين چنڊ جهڙو آهي.
ڪن چيو گل جهڙو،
ڪنهن چيو وڻ جهڙو ته سندس قد آهي.
عربي زبان جي هڪ شاعر امراءُالقيس پنهنجي محبوب جي سونهن بيان ڪندي چيو “منهنجو محبوب اهڙو ته سهڻو آهي جيئن ڪنهن جبل جي لاهيء تي هرڻين جو ڦيـڱڻيون پيون آهن“
ايران جي شاعرن پنهنجي محبوب جي ساراه گلن سان ڪئي. ڇو ته ايران ۾ گل هئا.
عربن وٽ انهن شين جي کوٽ/اڻاٺ هئي.
مطلب ته انهن پنهنجي محبوب کي پنهنجي پنهنجي نظر ۾ ڪا شيء (سهڻي نظرايندڙ) سان ڀيٽيو.
اڳتي هلي اٽڪل سڀني شاعرن چيو ته پرين جيئن ته چمڪندڙ آهي،
چمڪندڙ هوندي اکين کي ٺاري به ٿو ته پوء منهنجو پرين چنڊ جهڙو آهي.
قصو هلندو رهيو جيڪو جي شاعر پئي ساماڻو تنهن پئي چيو ته منهنجو معشوق چنڊ جهڙو آهي. اهو قصو اٽڪل اٺارهين صدي تائين هلندو آيو. يعني اٽڪل چار ڪروڙ سالن تائين هن اکين جي ٺار لاء چنڊ هڪ تشبيهه طور استعمال ٿيندو رهيو. ڪنهن کي اهو خيال ڪونه آيو ته
چنڊ ۾ به ته داغ آهي،
چنڊ صرف رات جو ڏسجي.
هو مهيني ۾ ٻه ٽي ڏينهن ته بلڪل نظر ئي ڪونه ايندو آهي.
ائين ڇو؟
ڇو ته انسان گهڻو ڪري “فالوور“ هوندو آهي، انهن ۾ تمام ٿورڙا “اينيشئيٽر“ هوندا آهن. اينيشيئيٽر جو مطلب آهي اهو ماڻهو جيڪو ڪنهن اهڙي ڪم جي شروعات ڪري جيڪو اڳي ڪنهن نه ڪيو هجي.
فالوور وري ان کي چئبو آهي جيڪو ڪنهن جي ڪڍ لڳي اها ئي ڳالهه/ ڪم دهرائي.
مون کي حيرت آهي ته انسان جي وجود جي تاريخ ڪروڙين سال پراڻي آهي ۽ پڪ سان ڪنهن جي وڻڻ جي تاريخ به ايتري ئي (ان کان وڌيڪ، ڇو ته جڏهن انسانَ اڃان انساني شڪل ڪونه ورتي هئي، تڏهن سائنسي ٿيوريء مطابق باندر، چيمپينزي وغيره رهيو آهي، ته پوء باندر کي به ته ڪا باندري وڻي هوندي، باندريء کي به ته ڪو باندر وڻيو هوندو.... باندريء جا ٺينگ ٽپا به ته نخرن وانگر هوندا...) پراڻي هوندي پوء ته پڪ سان عشق ۽ شاعريء جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي هجڻ گهرجي/ هوندي.........
.....۽ پڪ سان آهي.
.............ته پوء منهنجي حيران ٿيڻ جو جواز موجود آهي ته ڪروڙين سالن تائين محبوب چنڊ سان ڀيٽبو رهيو آهي. ڪنهن کي ان کان هڪ قدم اڳتي جي سوچ نه آئي!!
.............پر انهن جو ڪهڙو ڏوه،
اڄ تائين به ائين ئي ٿيندو رهيو آهي. اسان جڏهن پنهنجي مطالعي جي شروعات ڪئي ۽ ٽي سو سال اڳ چيل لطيف سائين جا اهي شعر پڙهيا ته حيرت جي حد نه رهي.
اهي شعر ان وقت به نوان لڳا،
اڄ به نوان لڳن ٿا.
هي شاعر صرف باغي ناهي پر وڏو اينيشيئيٽر به ثابت ٿيو آهي.
پيشانيء ۾ پرينء جي، ڀلائيء جا ڀيرَ
اڱڻ اڪنڍين جي، ڏي پاٻوهي پيرَ
قمَرَ پاڙي ڪيرَ، شَمسَ سپرئينء سين!؟
يعني قَمَرَ، چنڊَ،(ڪيترائي چنڊ) (جمع) سجن (ڪيترائي سج) (جمع) سان ڪير ڀيٽي!؟ يعني اڳي جيڪو محبوب کي چنڊ سان ڀيٽبو هو اهو سڀ غلط.
تختي ميساري ڇڏيو.
ڪير آهي جيڪو سج جهڙي سونهن جي توهين ڪري ان کي ان کان گهٽ چمڪندڙ چنڊ سان ڀيٽي......
سج کان خيرات وٺي چمڪندڙ فقير کي ڪائنات جي مالڪ پرينء سان ڀيٽجي......
ايڏو وڏو ڏوه...............
سج جهڙي سپرئين کي قمر سان برابر ڪرڻ، ڀيٽڻ جي ڪنهن ۾ طاقت آهي!؟
ڪجهه ٻيا به شعر پڙهون پوء گڏي ٿا سموري ڳالهه کي سمجهون.

چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان پرينء سين
تون اڇو منجهه رات، سڄڻ نت سوجهرو
* * * * *
چوڏهين چنڊ اڀرين، سهسين ڪري سينگار
پلڪ پريان جي نه پڙين، حيلا ڪرين هزار
جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو
* * * * *
چنڊ چئين حق، جي ورهين جي وچرين
ٻه اکيون ٽيون نڪ، تو ۾ ناه پرين جهڙو
* * * * *
چنڊ چئين سچ، جي مٺي نه ڀائين،
ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچ
پنهن ۾ ٻريئي مچ، سو پدم پريان جي پير ۾
* * * * *

هي شعر هن ڪائنات جي ٺهڻ کانپوء جا پهريان شعر آهن جن ۾ ڪنهن شاعر گٺل پيٺل، مدي خارج پراڻي ان تشبيهه کي ختم ڪيو ته پرين چنڊ جهڙو آهي. هن همراه دعوى ڪئي ته اها پرينء جي توهين آهي جو ان کي اهڙي شيء سان ڀيٽجي جيڪا ڪڏهن روشن ته ڪڏهن وجودي طور موجود ئي ڪونه.
ڪڏهن سنهڙو ته ڪڏهن ڳچ.
صرف رات جو روشن/ نظر ايندڙ.
پرين جيڪو سدائين پيو چمڪي، سدائين پيو ٻري، سدائين پيو سجي ان کي اهڙيء شيء سان ڀيٽڻ ڏوه هو، آهي ۽ هجڻ گهرجي.
هن همراه جا دليل ڀاري آهن.
هاڻي دنيا دليل وارن جي آهي.
دليل ڏيئي خاموش ڪرايو يا دليل ٻڌي خاموش ٿي وڃون.
هاڻي هر تشبيهه دليل جي پيماني سان پرکبي. هروڀرو ها ۾ ها ڪونه ملائبي.
اهو چنڊ ڀلي چوڏهينء جو هجي پر ان کان ته پدم دفعا (ايڪا، ڏهاڪا، سو، هزار، ڏه هزار، لک، ڏه لک، ڪروڙ، ڏه ڪروڙ، ارب، ڏه ارب، کرب، ڏه کرب، پدم) يعني ڳاڻيٽي سرشتي مطابق آخري انگ، حساب جي پڄاڻي ته پرين جي پير ۾ آهي. يعني چنڊ جي منهن کان پرين جي پير ۾ پدم دفعا وڌيڪ روشني آهي ته پوء پرين جو منهن ڪيترو روشن هوندو!!؟؟
ان لاء ڪي انگي حساب ٺهيا ئي ڪونه آهن. مطلب ته پرين کي چنڊ سان ڀيٽڻ ته ڏوه پر پرين جي پير سان ڀيٽڻ ان برابر ڪرڻ، ان برابر سمجهڻ به ڏوه.
چنڊ چمڪندو رهي ٿو،
ڀلي پيو چمڪي،
وڻي به اٿو،
ڀلي پيو وڻي.......
پوء ڀلا ان ۾ پرين جهڙي پيشاني ( ٻه ڪجراري اکيون، هڪ نڪ) آهي!!؟؟
هتي پڙهندڙن کان هڪ سوال.
اوهين پرينء سان پنهنجي گهر جي ڇت تي ويٺا آهيو،
مٿان چوڏهينء جو چند چمڪي ٿو باقي چوطرف گهگهه اونڌاه آهي.
اوهان هڪ نظر پرين تي وجهو.
اتان نظر هٽائي چنڊ تي هڪ نظر وجهو.
.....وري اتان پنهنجي نظر پرينء جي منهن تي وجهو
........ هاڻي ٻڌايو ته اوهان کي ڪهڙي چهري تان نظر هٽائڻ وڌيڪ ڏکي لڳي؟
جواب يقينن اهو هوندو ته چنڊ کان پوء پرين ڏانهن ڏسڻ سولو آهي،
پرينء جي چهري تان نظر هٽائي چنڊ ڏانهن تڪڻ ڏکيو آهي. جڏهن اوهان سپرين جي منهن مان ديد ڪڍي چنڊ ڏانهن تڪڻ لاء سوچيندا ته دل جي ڪيفيت غم واري هوندي ۽ جڏهن چنڊ کان منهن موڙي پرين ڏانهن ڪرڻ جو سوچيندا ته اندر ٻهڪي پوندو.

سهسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
باالله ريء پرين، سڀ اونداهي ڀائنيان
هن شعر ۾ انتها آهي.
اچو ته سمجهون انتها ڇا آهي؟
انتها بري آهي يا ڀلي؟
جڏهن ڪنهن به شيء جو مقابلو ڪنهن ٻي شيء سان ٻڌائبو آهي ته انساني فطرت اها آهي ته (اها) ٻن ڇيڙن (آخري حدن) تائين ان کي کڻي وڃبو رهيو آهي.
مثال هُن ڳالهه ۽ هن ڳالهه ۾ “زمين آسمان“ جو فرق آهي.
هڪ ڇيڙو زمين ٻيو ڇيڙو آسمان.
اهڙي طرح، هنن ٻنهي ۾ “ڏينهن رات“ جو فرق آهي.
يعني هڪ ڇيڙو ڏينهن آهي ٻيو ڇيڙو رات.
اچو ٿورو وڌيڪ مثالن سان سمجهون.
ڪبير جو شعر آهي؛
خانه شيشه مين، ديوانه بنا رکا هي
اور يه حڪم هي ڪه شيشه ڪهين پاش نه هو
شيشي جي گهر ۾ چريو ڪري ويهاريو ويو آهي مٿان وري حڪم آهي ته متان ڪو شيشو ڀڃين.....
خبردار رهجانء......
لطيف سائين چيو؛
مونکي مون پرين ٻڌي وڌو تار ۾
اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين
مون کي هٿ پير ٻڌي،
تار پاڻيء ۾ اڇلايو ويو آهي.
مٿان وري حڪم ڏنو اٿن ته متان ڪو پاند پسائين. خبردار رهجانء......
(هتي ڀيٽڻ جي انداز ۾ به لطيف سائين ئي وِنر آهي.
ڪيئن؟
ٻنهي شاعرن ڪا اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ چاهي آهي جيڪا ناممڪنات ۾ هجي. هڪ ٻڌايو ته شيشي جو ٺهيل هڪ گهر آهي، ان ۾ چريو ويٺو آهي ۽ چريو شيشي کي نه ڀڇي، اهو ممڪن ئي ناهي.
ٻئي شاعر ٻڌايو ته، هڪ تار ڀريل پاڻيء جو واه آهي ڪنهن کي هٿ پير ٻڌي ان ۾ اڇلايو ويو آهي ۽ ان کي حڪم آهي ته پاڻيء ۾ متان ڪو پاند پسائين.
پاڻيء ۾ ڪنهن کي اڇلائجي ۽ ان جو پاند نه پسي، نا ممڪن آهي.
هاڻي سوال جو جواب ٿا ڳولهيون.
شيشي جي گهر ۾ چرئي جو هجڻ ۽ پاڻيء ۾ ڪري پاند نه پسائڻ مان ڪهڙو وڌيڪ نا ممڪن آهي؟
يقين سان اوهان جو جواب هوندو ته شيشي جي گهر ۾ رهي اهو وري به ممڪن آهي ته شيشو نه ڀڄي.
يا وري شيشو دير سان ڀڄي.
ٻئي طرف پاڻي ۾ پاند نه پسي، اهو هڪ پلڪ لاء به ممڪن ڪونهي.
مطلب ته جيڪڏهن ٻيئي ناممڪنات آهن ته وڌيڪ ناممڪنات پاڻيء ۾ رهي پاند نه پسائڻ آهي).
يا وري اهڙو ئي هڪ شعر، تون بادشاه آهين اي پرين مان تنهنجي در جو غلام آهيان.
تون مالڪ مان تنهنجي در جو ڪتو....
حمل فقير چيو؛
پريان سندي پار جي، جي ڪتي اچي ڪاري
هوند سڀ لغاري، تنهن ڪتيء تان قربان ڪيان
حمل فقير پاڻ ذات جو لغاري هو. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن سپرين جي پار، ملڪ، علائقي، پاڙي جي ڪا ڪاري (بد شڪلي) ڪتي اچي. هتي صرف ڪتي هجي ها ته ڳالهه انتها تي نه پهچي ها پر ڳالهه ۾ وزن پيدا ڪرڻ لاء ڪاري ڪتي چيو ويو. (ٻين لفظن ۾ ته ڳالهه ٺهي ئي تڏهن جڏهن ڪتي ڪاري چئي ويئي). (اسان وٽ ڪارو رنگ ڪوجهائپ جي نشاني ليکيو ويندو آهي. فلاڻو رنگ جو ڪارو، فلاڻي رنگ جي ڪاري اهڙي جهڙو تئو) جيڪر سموري لغاري ذات جا ماڻهو مان ان تان قربان ڪري ڇڏيان. يعني محبوب جي ملڪ جي ڪاري ڪتي به ماڻهوء کان سٺي آهي/ وڌيڪ آهي.
حافظ جو هڪ شعر آهي ته
اسان غريبن جي هيء ڳالهه بادشاهن تائين ڪير پهچائيندو ته شراب وڪڻندڙ جي گهٽيء ۾ بادشاهن جي تاج جي قيمت هڪ ڪوڏي (ٽڪو) به ڪونهي (يعني ڪجهه به ڪونهي).
اچو هاڻي مٿئين شعر تي،
جنهن ۾ چيل آهي ته، سوين سج اڀرن ۽ چوراسي چنڊ اڀرن (سنڌيء ۾ چوراسي چنڊن جو مطلب آهي ته چوڌاري چنڊ اڀريل هجن يعني ڪيترائي چنڊ) هڪ سج ڪائنات کي ايترو روشن ڪري ٿو جو سئي به نظر اچي ٿي. ڪول به چرندي نظرجي ٿي. ڪولين کان ننڍا جيو به ڏسجن ٿا. ٻاهر ته پري اندر ڪمرن ۾ به ان جي روشني رفليڪٽ ٿي پهچي ٿي. پوء جيڪڏهن ان جڳهه تي سوين سج اڀرن ۽ چوڌاري چنڊ اڀرن ته پوء ڪيتري روشني هوندي!!؟؟
پر هي شاعر ٿو چوي ته ايتري روشنيء هوندي به جيڪڏهن ان سين ۾ پرين ڪونهي ته اونداهي آهي.
اچو، پنهنجي هانو ٿي هٿ رکي هن شعر کي سمجهون.
اوهان ايتري روشنيء ۾ موجود آهيو پر اوهان جو محبوب سائين ڪونهي ته پوء ايتري روشني به اونده آهي يا نه؟
( ڀري دنيا ۾ جي نهين لگتا، جاني ڪس چيز ڪي ڪمي هي اڀي)
پر ان جي مقابلي ۾ گهگهه اونداهيء ۾ آهيو پر پرين گڏ آهي، موجود آهي ته پوء......
جواب پڪ سان اوهان جو به لطيف سائين وارو هوندو.
هنن سڀني سمجهاڻين مان اها ڳالهه ڀلي ڀت نظر آئي ته پرين سج، چنڊ ستارن کان وڌيڪ روشن آهي ۽ معشوق جي ڀيٽ انهن سڀني سان هڪ ڪبيره گناه آهي.
اهو عشق جو گناه چار ڪروڙ سال ٿيندو رهيو.
هن سائين اچي ان کي ڪفر قرار ڏيئي دنيا جي عاشقن کي هن قسم جي وڌيڪ گناهن کان بچايو.

* * * * *
کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر
سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سان.
هن شعر ۾ به ساڳئي ئي مطلب واريون ڳالهيون آهن پر هن شاعر جو هتي به انداز پنهنجو آهي. هي همراه (لفظ همراه تي ڪاوڙ نه ڪجو، هن سان (لطيف سائينء سان) منهنجي محبت ايتري آهي جو مونکي سوچڻ کان سواء، جيڪو اچي ان لفظ سان هن کي پڪارڻ وڌيڪ وڻندو آهي.................۽ عشق جي انتها به اها ئي آهي ته پرينء کي جنهن نالي سان سڏجي اهو نالو (لفظ) پاڻ فخر ڪري ته مان پرينء لاء استعمال ٿيو آهيان ۽ ڊڪشنريء جا باقي لفظ ساڻس ساڙ ڪن) ڳالهه کي ورجائي بور ڪرڻ بجاء ڳالهه ۾ نواڻ پيدا ڪري ان کي دلچسپ بڻائڻ جو ماهر آهي.
هن شعر ۾ چوي ٿو..........،
جڏهن پرين پنهنجي نيڻن کي خمار مان کنيو يعني تڪيو،
سج، جيڪو هن ڪائنات جو سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ عنصر آهي ان پنهنجون شاخون، ڪرڻا جهڪا ڪيا، جهڪا ٿي ويا.
ڪائنات جو ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ عنصر يعني چنڊ ڪومائجي ويو، پنهنجي سموري سونهن وڃائي ويٺو.
ڪائنات جو ٽيون نمبر وڌيڪ چمڪندڙ عنصر تارو (تارن جي جهرمٽ کي، گهڻن تارن جي هڪ هنڌ هجڻ کي ڪتي ڪوٺبو آهي) تائب ٿيا جو مطلب ته توبهه تائب ٿيا، پرين سان مقابلي ڪرڻ کان سدا لاء ٻاهر ٿي ويا (هنن محبوب سان مقابلي کي گناه سمجهيو). جوهر يعني ائٽم (پر جيئن ته لطيف سائين جي وقت ۾ ائٽم جو شعاع ايترو لکت ۾ ظاهر ڪونه ٿيو هو، ان تي ڪا تحقيق ڪونه ٿي هئي تنهنڪري هتي مطلب جوهر معنى هيرا جواهر آهي) جانب جي جمال، سونهن جي جلوي جي ڪري جهڪو ٿي ويو.


هڪ قدم اڳتي

هڪ شعر ٻيو اهو به وري ٻئي انداز وارو پڙهو؛

تو ڏانهن گهڻو نهاريان، تارا تيلاهم
سڄڻ جيڏاهم، تون تيڏاهم اڀرين.
اي ستارا/تارا مون توڏانهن گهڻو نهاريو آهي، توکي گهڻو جاچيو آهي، توتي مون مسلسل نظر رکي آهي، تنهنجي چوري مون پڪڙي آهي ته تون اوڏانهن ٿو اڀرين جيڏانهن سڄڻ آهي. يعني تون به منهنجي سر جي سائين جو عاشق آهين. تون به منهنجو رقيب آهين. تون به عاشقن جي لسٽ ۾ آهين.
هاڻي اچو ته مٿين سلسلي سان ان کي هن شعر جي نظر سان سمجهون.
جيڪو عاشق هجي اهو تشبيهه لاء ڪيئن ٿو استعمال ٿي سگهي؟
ٿورو اڳتي هلو.
ڇا اوهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته فلاڻو/فلاڻي ايترو سهڻو/سهڻي آهي جيترو ان جو عاشق؟ جواب آهي ڪڏهن به ڪونه.
لطيف سائين چنڊ ستارن سان پرينء کي ڀيٽڻ واري گناه کي هڪ نئون موڙ ائين ڏئي ٿو ته عاشق کي تشبيهه طور ڪم نه آڻڻ گهرجي.
اهو بحث هن شعر سان هن مانواري شاعر سدائين لاء بند ڪري ڇڏيو.