سنڌي ادب ۾ ليکڪن ۽ شاعرن جو انگ وڌندو ئي نظر اچي ٿو، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهن جو ادب ڏانهن رجحان وڌيو آهي گهٽيو ناهي ، ڇاڪاڻ ته اسان کي خدشو هو ته هي انٽرنيٽ جو دور آ، ماڻهو جيڪو چاهي اهو نيٽ تي سرچ ڪري پڙهي سگهي ٿو ۽ ڪتاب خريد ڪرڻ کي ضروري نه سمجهندو پر ڪتاب ڇاڪاڻ ته رڪارڊ تي موجود رهي ٿو. ان ڪري ڪتابن جي پنهنجي جاءِ تي اهميت برقرار رهي آهي، بلڪ اڃان وڌي آهي، ڪتاب به جام پيا ڇپجن ته شاعر به گهڻا پيا پيدا ٿين، پر هڪ ڳالهه جي کوٽ نظر اچي ٿي ته نوان شاعر ڪنهن سينيئر شاعر کان استادي نه پيا وٺن ان ڪري ڪافي شاعرن جا غير معياري ڪتاب ڇپجي وڃن ٿا، پوءِ پڙهندڙ معياري ڪتابن کي به پڙهڻ مناسب نٿو سمجهي، حاڪم گل ان روايت جي بلڪل ابتڙ باقائده شاعري جي سکيا ورتي ۽ ڪافي سالن تائين راشد مورائي کان اصلاح وٺندو رهيو، جڏهن هو پڪو پختو شاعر ٿي ويو ته پوءِ ئي هن شاعري ڇپائڻ شروع ڪئي، جيڪو ڪتاب هن جو گهڻا سال اڳ اچڻ گهربو هو، اهو هاڻي آيو آهي، انهي جو سبب صرف اهو آهي ته پڙهندڙن کي ڪا معياري شاعري ڏجي، حاڪم گل جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان گهڻن شاعرن کان بهتر آهي ۽ اسان سندس هي ڪتاب “ خواب مرڪي پيا” ڇپي سرهائي محسوس ڪيون ٿا ۽ اها دعويٰ ڪيون ٿا ته سنڌي ادب ۾ اهڙي شاعريءَ جي ڪتاب ڇپجڻ جي ضرورت آهي، اميد ته توهان کي هي ڪاوش ضرور پسند ايندي.