شاعري

خوابَ مُرڪي پيا

حاڪم گل جي سنڌي ادب ۾ هڪ نرالي سڃاڻ آهي. هن ننڍي عمر ۾ شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندس غزل، گيت، وايون، چوسٽا ۽ نظم مڪمل رڌم ۽ رچاءُ رکن ٿا. سندس نالو حاڪم ۽ تخلص گل ۽ هو مالهي ڳوٺ جو مهر آهي پر هو پنهنجي نالي جي هيشه ابتڙ ڪڏهن بہ حاڪم نہ پر هڪ عام ڳوٺاڻو ۽ عوامي ماڻهو لڳندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ سڳداسي چانورن جهڙو هڳاءُ آهي. حاڪم گل کي ادب جي اڀ تي رابيلن جهڙي خوشبو ڦهلائڻ لاءِ اڃان بہ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. اميد تہ سندس پهرئين شعري مجموعي ”خواب مرڪي پيا“ کي ادبي کيتر ۾ ضرور ڀرپور موٽ ملندي.
  • 4.5/5.0
  • 773
  • 240
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حاڪم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابَ مُرڪي پيا

پنهنجي پاران

ڪيتري ئي وقت کان ڪوشش هئي ته پنهنجي پهرين شاعري جي مجموعي “ خواب مرڪي پيا” کي جلدي شايع ڪرائي پڙهندڙن جي آڏو آڻيان پر مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪررڻ سبب تمام گهڻو مصروف پئي رهيس جنهن ڪري ڪتاب آڻڻ ۾ دير ٿي وئي، ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن پياري غلام مصطفيٰ سولنگي سان ويجهڙائي ٿي ۽ ڪچهري ٿي ته سندس محبت، پنهنجائپ ۽ هجت کي ڏسي ڪري فيصلو ڪيو ته سندس نگرانيءَ ۾ هلندڙ سنڌ راڻي پبليڪيشن پاران ئي پنهنجو پهريون مجموعو آڻڻ آهي، جيڪو اڄ اوهان سڄڻن جي هٿن ۾ ۽ اکين جي آڏو آهي.
مون ڪوشش ڪئي آهي ته ڪتاب جي اندر چونڊ شاعري ڏيان ۽ اهي صنفون ڏيان جن کي عام پڙهندڙبه سمجهي سگهي، انهيءَ ڪوشش ۾ ڪيتري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اهو پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهي سگهن ٿا. ڪتاب ۾ شامل سڀني صنفن ۾ ڪوشش ڪئي اٿم ته رڌم ۽ رواني هجي ۽ انهن ۾ وزن بحر جو به خاص رکيو اٿم نه رڳو اهو پر خيال ۽ فڪر جي گهرائيءَ کي به قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
منهنجي شاعري، شخصيت ۽ ڪتاب تي لکڻ وارن دوستن ۽ اديبن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن منهنجي گذارش کي مانُ بخشي وقت تي پنهنجون لکڻيون مون حوالي ڪيون، خاص طور پنهنجي استاد سائين راشد مورائي صاحب جو جنهن تفصيلي مهاڳ لکيو، جڏهن ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال قاضي منظر حيات، ضيا شاهه، گوهر سنڌي، خواجه ذوالفقار ۽ بيخود بلوچ جو به ٿورائتو آهيان جن مجموعي تي لکي منهنجي شخصيت کي وڌيڪ سگهارو بڻايو. ٿورائتو ته سائين هارون چنه، آزاد بخاري، استاد راهي، حاڪم مهر( امر سنڌي)، غني غمدل، غلام محمد غازي، وحيد محسن، مشتاق بخاري، مهدي شاهه، نجم سرهيو، سجاد ميراڻي، سميع سجاد ميراڻي، ۽ محمد حسين مهر ۽ پنهنجي روحاني ڀاءُسائين راشد مورائي جي فرزند شاهه عبداللطيف جو آهيان جن هن ڪتاب جي آڻڻ لاءِ هجت مان تمام گهڻو زور ڀريندا پئي آيا، جنهن سبب اڄ هي ڪتاب ( منهنجو پهريون شاعري مجموعو) اوهان جي هٿن ۾ آهي.

[b]حاڪم گل
[/b] مالهي ڳوٺ ( شڪارپور)