رکي ياري اسان سان من، نڀائيندين ته ڇا ٿيندو!،
اسان جي دل سان پنهنجي دل، لڳائيندين ته ڇا ٿيندو.
ڇڏيو هاڻي حجابن کي، ڏسو سامهون پرين مون ڏي،
نگاهن سان نگاهون جي ملائيندين ته ڇا ٿيندو.
سَڄي هن پنهنجي جيون ۾، رنا آهيون ڀنا آهيون،
ڪري احساسَ پنهنجا من، کلائيندين ته ڇا ٿيندو.
اها ئي آرزو پنهنجي، حياتيءَ کي اڃان آهي،
اسان جي پيار کي دل ۾، وسائيندين ته ڇا ٿيندو.
ڇڏيو ڳالهيون رسامي جون، اچو هاڻي ته پرچي پئو،
وري حاڪم سان ميلو جي، ملهائيندين ته ڇا ٿيندو.