اٺ ڏهاڙا پري، اٺ صديون ڄڻ لڳيون،
تو سوا اوپريون سڀ خوشيون ڄڻ لڳيون!
جام ها جامَ پر ڪو مزو ڪونه هو،
پُر پياليون پرين وِهَه وٽيون ڄڻ لڳيون!
ڏينهن توبن سمورا سڄڻ سور ها،
۽ وري راتيون بي چَيون ڄڻ لڳيون!
دوستن منهنجي دل کي ڏنيون آٿتون،
پر اهي آٿتون ڪل ٺڳيون ڄڻ لڳيون!
آرسيءَ ۾ ڏٺو مون جڏهن پاڻ کي،
آب هاڻيون پرين ٻئي اکيون ڄڻ لڳيون!