پنهنجو هاڻ جيون به دوکو لڳي ٿو،
نئين موڙ تي هي انوکو لڳي ٿو.
ڪڏهن مکڻ، ماکي ۽ مصري ٿو ڀانيان،
ڪڏهن زهر ڀريل پيالو لڳي ٿو.
جڏهن ياد ماضي ڪيان ٿو ته پيارا،
ڏکن جو گذاريل ڪو عرصو لڳي ٿو.
جنهن جي ڪابه ساڀيان ڪڏهن ڪا نه ٿئي ٿي،
ملڻ تنهنجو هاڻي ڪو سپنو لڳي ٿو.
جو منهنجو ائين ٿي ويو آهه اڄڪلهه،
سڪل لام جو ڪوئي پتو لڳي ٿو.
ڏني ڏات هن کي هوشياري وڏي آ،
اوهان کي ڏسڻ ۾ جو سادو لڳي ٿو.