تنهنجو پيار به پاڻيءَ جهڙو،
گهر جي ڄڻ ته ڌياڻيءَ جهڙو.
تنهنجا خواب اڌوريون ڳالهيون،
منهنجو خواب ڪهاڻيءَ جهڙو.
سونهن نگر ۾ کوڙ حسين پر،
تنهنجو روپ آ راڻيءَ جهڙو.
سوچ به ڪنهن جي خوشبو خوشبو،
عقل به ڄڻ ته سياڻيءَ جهڙو.
ڪنهن جو پيار ته پاڪ وري پر،
ڪنهن جو پيار به فلاڻيءَ جهڙو.
ڄام تماچيءَ کي نه وڻيو هو،
ماڻهو ڪوبه مهاڻيءَ جهڙو.
ناول حاڪم گل ڪو لکجان،
منهنجي درد ڪهاڻيءَ جهڙو.