شاعري

خوابَ مُرڪي پيا

حاڪم گل جي سنڌي ادب ۾ هڪ نرالي سڃاڻ آهي. هن ننڍي عمر ۾ شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندس غزل، گيت، وايون، چوسٽا ۽ نظم مڪمل رڌم ۽ رچاءُ رکن ٿا. سندس نالو حاڪم ۽ تخلص گل ۽ هو مالهي ڳوٺ جو مهر آهي پر هو پنهنجي نالي جي هيشه ابتڙ ڪڏهن بہ حاڪم نہ پر هڪ عام ڳوٺاڻو ۽ عوامي ماڻهو لڳندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ سڳداسي چانورن جهڙو هڳاءُ آهي. حاڪم گل کي ادب جي اڀ تي رابيلن جهڙي خوشبو ڦهلائڻ لاءِ اڃان بہ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. اميد تہ سندس پهرئين شعري مجموعي ”خواب مرڪي پيا“ کي ادبي کيتر ۾ ضرور ڀرپور موٽ ملندي.
  • 4.5/5.0
  • 773
  • 237
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حاڪم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابَ مُرڪي پيا

اسان جو هي جيون به اڙاهه جهڙو

اسان جو هي جيون به آڙاهه جهڙو!
نه ڪل آهي ڪنهن کي،
نه ڪنهن کي قدر ڪو،!
وڃي پيو ٿو سڪندو،
سڪل لام وانگي،
وڃي پيو ٿو ٿڪيو،
ٿڪل شام وانگي!
اوهانجا ته چارا،
گلابن جو سيجون،
مگر هن اسان لئه،
اُڀاجڻ جي ڪاوا،!
جتي روز زخمي جگر ٿيندا آهن،
جتي روز زخمي دليُون ٿينديون آهن،
مگرناهي ڪنهن کي،
ڪا پرواهه سائين،
اسان جي جيون جي!
اسان جي جوڀن جي!
وري ڪا وساميل ٻيهر جو ٻري ٿي،
تڏهن چڻنگ جوڀن کي شعلو ڪري ٿي!
وري ڪا تمنا جيو۾ جڙي ٿي،
نه ڪوبه پاڇو ملي پيار جو ٿو!
رڳو آهي سامهون،
ڪا صحرا ئي صحرا،
جتي ناهي آئي،
ڪڏهن سانوڻي ڪا،
جتي ناهي گونجي،
ڪا ڪويل جي ڪوڪو!
رڳو ماٺ ئي ماٺ،
موئن دڙي جيان؟!
اتي سڀ تمنائون،
مٽجي وڃن ٿيون!
اتي سڀ اميدون،
دفن ٿي وڃن ٿيون!
رهي ٿو نه ڪي،
ڪنهن جو احساس ڪوئي،
جو جنهن کي وڃي،
ڪوئي سيني سان لائي،
سڀئي سور دل جا،
گهڙيءَ لئه مٽائي!
تڏهن به الائي ڇو،
ويران من جي،
نه ڪل آهي ڪنهن کي!
نه ڪنهن کي قدر ڪو!.