خالي گهر ۽ مان خالي گهر ۽ مان، سڏڪا ٿا ڀريون! ڪونهي چنڊ اڱڻ اڄ، هاءِ پڌر ۽ مان، سڏڪا ٿا ڀريون! تنهنجي وئي کان پوءِ مٺي، پل پهر ۽ مان، سڏڪا ٿا ڀريون! ويران ٿي وياسين الا! منهنجو شهر ۽ مان، سڏڪا ٿا ڀريون!