وڇوڙي کان ڪيڏو ڊنا نيڻ منهنجا،
مينهوڳيءَ جي مند جان ڀنا نيڻ منهنجا.
کڻي سار آئي جڏهن هير تنهنجي،
تڏهن توکي ساري رنا نيڻ منهنجا.
ڀلا ڪيئن ڪنهن کي وساري سگهن ٿا،
سدائين رهيا آشنا نيڻ منهنجا.
چون ٿا ضديرا، رُڳو روئڻو آ،
نه ٿا ماٺ ڪن تو بنا نيڻ منهنجا.
مليو درد جيڪو هيو منهنجي دل کي،
سو ڀوڳن پيا ڀوڳنا نيڻ منهنجا.