واءُ گهلي آ سير ڏئي وئي، واءُ گهلي آ سير ڏئي وئي، سوچن ۾ ڪي جهير ڏئي وئي! ڪيئن وساريان تنهن کي الا مان! نيڻن ۾ جا نير ڏئي وئي! خوشيون ساڻ کڻي ۽ مونکي، درد واري هير ڏئي وئي! تون نه وفا مان، “حاڪم” ڄاڻي! لفظ چئي هي، چير ڏئي وئي!