ڇڏي يار دنيا هليو وڃبو هاڻي،
ڀلا ڪنهن جي خاطر هتي جيبو هاڻي!
انهيءَ کان بهتر تو ماري ڇڏين ها!
مگر ائين نه در تان ڌڪاري ڇڏين ها!
اهو سور ڪيسين پرين سهبو هاڻي!
تنهنجي بيوفائي اندر کي وڍي ٿي،
ڪوري ماس منهنجو هڏن تان ڪپي ٿي،
اهو درد دل جو ڪٿان گهٽبو هاڻي!
مڃان ٿو ته توکي وسارڻ ڏکيو آ،
سوا تنهنجي جيون گذارڻ ڏکيو آ،
مگر پاڻ “حاڪم” پلي وٺبو هاڻي!