تون جڏهن کان ڪيا سڀ ختم سلسلا
ڏينهن محشر ٿيو رات ٿي ڪربلا.
تو ته ٺڪرائي مون کي ڇڏيو آهي پر،
جوڙ هڪ ٻئي جا هوندا آهن ڀرجهلا.
مون کان جهوليون ڀري تو وتيون چاهه جون،
موت نفرت سان مون کي ڏنئي ڇو ڀلا؟
تون ڇا ڄاڻي پٿر دل تنهنجي پيار ۾،
طئه ڪيا ها مون ڪيڏا پرين مرحلا.
تو چيو هو وڇوڙو نه ٿيندو ڪڏهن،
ڀل ته طوفان اچن يا اچن زلزلا.
سنگدل ڏور تنهنجي وڃڻ کان ته پوءِ،
کوڙ سارا کڙا ٿي ويا مسئلا!
ڇا کان ڪلفت جو اهڙو زهر اوتيئي،
جو پيئڻ سان وڏا ٿي ويا فاصلا.