شاعري

خوابَ مُرڪي پيا

حاڪم گل جي سنڌي ادب ۾ هڪ نرالي سڃاڻ آهي. هن ننڍي عمر ۾ شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندس غزل، گيت، وايون، چوسٽا ۽ نظم مڪمل رڌم ۽ رچاءُ رکن ٿا. سندس نالو حاڪم ۽ تخلص گل ۽ هو مالهي ڳوٺ جو مهر آهي پر هو پنهنجي نالي جي هيشه ابتڙ ڪڏهن بہ حاڪم نہ پر هڪ عام ڳوٺاڻو ۽ عوامي ماڻهو لڳندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ سڳداسي چانورن جهڙو هڳاءُ آهي. حاڪم گل کي ادب جي اڀ تي رابيلن جهڙي خوشبو ڦهلائڻ لاءِ اڃان بہ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. اميد تہ سندس پهرئين شعري مجموعي ”خواب مرڪي پيا“ کي ادبي کيتر ۾ ضرور ڀرپور موٽ ملندي.
  • 4.5/5.0
  • 773
  • 236
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حاڪم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خوابَ مُرڪي پيا

بيت

ڪيئن ڪيان ڪوڙي، چنڊ تنهنجي واکاڻ مان،
ڀڳل تون چوڙي، منهنجي آن محبوب جي!

منهنجو پيار پوپري پائي وٺان ائين،
ڌڙڪو دل سان جيئن رهندو آ ساٿ ۾!

پاڻيءَ بنا ڪا مڇي، ڦٿڪي ٻاهر جيئن،
آئون به تون بن ائين، ڦٿڪان ٿو فراق ۾!

جيون کي آزار، ڪيڏا هوندا ها مگر،
پرين تنهنجي پيار، ٺاهيو هن وجود کي!

سانوڻيءَ جو مينهن، وسي ٿئي هٻڪار،
ساجن تنهنجو نينهن، ائين اسان لاءِ!

کولي پنهنجا وار، آڻي وڌئي رات کي،
مڃي مون ئي هار، واپس ڪر تون ڏينهن کي!

جيئڻ جو سامان، تنهنجي هڪڙي مرڪ،
مون لئه جڳ جهان، سندر ٿي پئي پوپري!

ڀلا تنهنجي پيار کي ڪيئن وساريان آنءُ،
منهنجو توسان نانءُ، جڙيل آهي اصل کان!

ساجن تنهنجو پيار، اونداهيءَ ۾ لاٽ،
ملي وئي ڄڻ واٽ، اکين کان نابين کي.

ويڙهي ڇڏ تون وار، موڪل ڏي اونداهه کي،
کڻي نيڻ خمار، روشن ڪر جهان کي!

هڻي چوٽي گل، نڪتي ٻاهر کيچلي،
سڄي ويڙهي هل، متو هن جي سونهن جو!

ڪوئي ڪونهي هتڙي ڪنهن سان ڪيان حال،
هڪڙو پل آ سال، تنهنجي دوريءَ جو پرين!

“ٻنگان” منجهه وجهي تو سڌو هنيو “ٻاڻ”،
ڪهڙو جيئندس هاڻ، هيڪلو ڀلا مان پرين!

خوشبوءَ سڀئي ورق، جنهن ۾ تنهنجو نانءُ،
تنهنجي هڪڙي مرڪ، آهي ڄڻ پرڀات ڪي!

مرڪن جا ڪانڀا ٻڌي آيس تنهنجي در،
تون به جهولي ڀر، پنهنجي پيارسان منهنجي!

سوچون سڀ سرور، يادون سڀ ويچار،
ڇڙو تنهنجي سار، آهي من پاتال ۾!

ساري رات جاڳ، رڳو تنهنجو خيال بس،
وڇوڙي جي واڳ، نيٺ روح اڏاري وئي!

1.ٻنگان: ڪَمان
2. ٻاڻُ: تيرُ


ڇڏي ويو پار، اڳ کان اڳي اوچتو،
ستو هڪڙو ٻار، سياري جي هنج ۾!


ورهه پُڄاڻان باغ ۾، مس ٿي ٽڙيو گل،
رهيو هڪڙو پل، جيئرو هن جهان ۾!

تنهنجي دهشت ڍوءُ، ڪافي جيئڻ لاءِ،
بارودن جو ڀوءُ، ڀري ويٺو پيٽ کي!

گولين جي گجگوڙ، ٽانڊا ٿي وئي جوءِ،
دهشت جي بدبوءِ، ڀرجي وئي وجود ۾!

تون ته خزاني کاڻ، توکي ڄاڻي ڪير سگهي،
مون کي به ڏي هاڻ، کڻي مٺ خرار مان!