گلن جي موسم،پيار جي موسم،
مٺڙي آهه بهار جي موسم.
رنج ختم، انڪار ختم،
آئي آ اقرار جي موسم.
چوريءَ چوريءَ جهاتيون پائڻ،
جانيءَ جي ديدار جي موسم.
هڪڙي موسم، وڻندڙ موسم،
سهڻن جي سينگار جي موسم.
لبڙا لبڙن سان ملن بس،
ايندي شال خمار جي موسم.
صحبت، الفت، قربت واري،
چاهت جي اظهار جي موسم.
يادن جي ۽ اوسيئڙي جي،
پرين جي ته پچار جي موسم.
رب کان روز گهرن ٿر وارا،
وڏ ڦڙي وسڪار جي موسم.
هل ته هلي ڪا ماڻيون پيارا،
حاڪم گل گلزار جي موسم.