دوست! تنهنجي دغائي ماري ٿي،
مون کي منهنجي وفائي ماري ٿي!
توکان وسري ويو هجان شايد،
هاڻي مون کي جدائي ماري ٿي!
سور ڪيڏا به ڏي مگر جانان!
پر اها بيوفائي ماري ٿي!
هو جڏهن زر ته ساڻ ٽولا ها،
يارو هاڻي سڃائي ماري ٿي!
منهن ۾ هڪڙي ته من ۾ ٻي آهي،
دوستن جي ٻيائي ماري ٿي!
جنهن سان حاڪم سچو تو پيار ڪيو،
سائي توکي سچائي ماري ٿي!