تنهنجي چاهت وساري سگهان ڪيئن مان!،
او پرين! پاڻ ماري سگهان ڪيئن مان!.
ٿو وڇوڙو وڍي روز پيو هيانءُ کي،
ڏور توکان گذاري سگهان ڪيئن مان!.
آ هلي سال گذري ويا تو بنا،
لڙڪ پنهنجا بيهاري سگهان ڪيئن مان!.
رات ٿئي ٿي ته تڙپڻ شروع ٿي ڪري،
دل چريءَ کي سنڀاري سگهان ڪيئن مان!.
ڪا گهڙي چين ناهي سوا تو پرين،
توکي دل مان ڌڪاري سگهان ڪيئن مان!.