مهاڳ: اونداهيءَ ۾ لاٽ
مٿين قول وانگر، ڪيترا شاعر انهيءَ اميد ته شاعري ڪري رهيا آهن ته من سندن شاعري دنيا ۾ زنده رهجي وڃي ۽ عام ماڻهن جي دلين ۾ ان جو يادگيرو باقي رهي. اها ئي خواهش گهڻن شاعرن کي زنده رهڻ ۽ شاعري ڪرڻ تي اتساهي ٿي. حالانڪه اسان ڏسئون ٿا ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ ڪيترائي ڏات ڌڻي هئا ڇو ته سنڌ ڪنهن به دور ۾ ڪيترائي ڏات ڌڻي هئا ڇو ته سنڌ ڪنهن به دور ۾ سنڍ ڪانه ٿي آهي. پر اڄ اُهي شاعر ڪنهن کي ياد به ڪونه آهن. اسان جو شاهه سائين به انڪري شاعريءَ وسيلي زندهه رهيو آهي، جو پاڻ ان لاءِ گهڻي جاکوڙ ڪئي هئائين، ان دور ۾ ذريعه ابلاغ جي کوٽ هئي، تنهنڪري پاڻ ٿر، بر، جبل، جهاڳي اتي جي ماڻهن سان راتين جون راتيون رهاڻيون ڪري کين پنهنجون وايون ۽ پنهنجا بيت ٻڌائيندو ۽ ياد ڪرائيندو هو. شاهه سائين اتر۾ درازن وٽ صاحب ڏني فقير فاروقيءَ سان سنگت قائم ڪئي ته وچولي ۾ موري شهر جي خوشحال فقير( جيڪو شهيد عبدالرزاق سومري جي روضي جي ڀرسان دفن ٿيل آهي) سان روح جو رشتو رکيو ۽ لاڙ طرف ٺٽي ۾ مخدوم ٺاري سان پرت جا پيچ پاتا ۽ انهن ٽنهي هنڌن کي پنهنجي شاعريءَ جي پکيڙڻ جا مرڪز بنيائين. هر مهيني ٻئي مذڪوره مرڪزن تي پهچي، اُتي راتيون رهي اوسي پاسي جي هارين،نارين، ڪمين ڪاسبين سان روح رهاڻيون ڪري کين هر دفعي نوان بيت ۽ وايون ياد ڪرائيندويا ٻڌائيندو هو ۽ اڳئين ڀيري کين ٻڌايل بيتن يا وائين کي سندن واتان ٻڌي، سندن تلفظ درست ڪندو هو. اها سندس ڪوشش هئي، جنهن جي ڪري هو عام ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ ٿي ويو، ميسارجي نه سگهيو. جڏهن ته ٻيا ڪيترا شاعر پنهنجي جسماني موت سان گڏ شاعر طور به زندهه رهي نه سگهيا، مري ختم ٿي ويا.
هن موجوده دور ۾ سنڌ ۾ هزارين شاعر آهن. ڪي واقعي پاورفل آهن ته ڪن کي ميڊيا مٿي کڻي ڇڏيو آهي. ڪي پنهنجي غربت ۽ سادگيءَ جي ڪري گم آهن ته ڪي پنهنجي هوشياري ۽ چالاڪيءَ جي ڪري مشهوريءَ جي اُڀ جا ستارا بڻجي چمڪي رهيا آهن. ڪن شاعرن کي حالتن پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ته ڪن کي حالات اڳتي آڻي ڇڏيو آهي. ڪن شاعرن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ته ڪن وري ڪيسٽن وسيلي مشهوري ماڻي آهي. ڏسجي ته انهن هزارين هاڪارن شاعرن مان ڪجهه صديون گذرڻ بعد شاهه سائينءَ وانگر ڪيترا نالا ٿا دنيا جي تختي تي زندهه بچن. ظاهر آهي ته اڳين گم ٿيل شاعرن وانگر ڪيترن کي وقت جي وير لوڙهي ويندي ۽ “بي موت مئا، تو لاءِ ڪٺا انسان هزارين مان نه رڳو” وانگر اڪثريت شاعرن جي پنهنجا نشان ڇڏي نه سگهندي، ڪجهه ٿورا شاعر شاهه لطيف عوامي ذهنن ۾ محفوظ رهندا.
اسان جو نوجوان شاعر حاڪم گل، جنهن جي شعرن جو هيءُ پهريون مجموعو ڇپجي رهيو آهي، سو به انهيءَ آسري تي لکي رهيو آهي ته من سندس شعر حاسد تقرير هٿان بچي دنيا تي زندهه رهجي وڃن ۽ ڪنهن اڻ ڄاول عاشق جي دل گرمائن ۽ گهڻو پوءِ جڏهن پاڻ هن دنيا مان ڪوچ ڪري چڪو هجي، ڪو شاعريءَ جو شائق سندس فوٽوءَ ڏانهن اشارو ڪري چوي ته “ شاعر ته ههڙو”.
حاڪم گل جي هن مجموعي ۾ غزل، گيت، وايون، بيت، چوسٽا، آزاد نظم ۽ نثري نظم آهن.
هن يار پنهنجي پر ۾ اگهامڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي، پر چوندا آهن ته “ اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي موٽ.”
راقم الحروف جي هڪ شعر جو بند آهي:
قوم وٽ جي قبوليت ۾ پورهيو پوي، پو ته شاعر رڳو شعر ويٺو لکي،
پاڻ کي ڪو ٻيو ڪم ته مشڪل ٿئي، گيت وايون ٺاهيون ته ٻي ڳالهه آ.
سئنڊرس هڪ هنڌ چيو آهي ته “ شاعر پنجن حواسن کي ڪاميابيءَ سان چوري، اهڙي معنيٰ ٿو پيدا ڪري، جيڪا انهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان کانپوءِ هو ڇهون حواس ڪتب ٿو آڻي، جيڪو آهي نون خيالن کي جذب ڪري ترتيب ۾ آڻڻ، نتيجي طور پڙهندڙ نه رڳو شعر جو تاثر ٿو وٺي، پر پنهنجي حواسن کان باخبر ٿي، شاعر سا گڏوگڏ شاعراڻي سمجهه به ماڻي ٿو.”
اچو ته حاڪم گل جي شاعري پڙهون ۽ شاعر سان گڏ شاعراڻي سمجهه به ماڻيون:
وڇوڙي کان ڪيڏو ڊنا نيڻ منهنجا،
مينهوڳيءَ جي مند جان ڀنا نيڻ منهنجا!.
کڻي سار آئي جڏهن هير تنهنجي،
تڏهن توکي ساري رنا نيڻ منهنجا!.
ٻئي هڪ غزل ۾ حاڪم گل چوي ٿو:
سنجيده ٿي سوچيو آهي،
توکان وڇڙي ڀوڳيو آهي!
ويلنٽائين ڊي به اچي ويو،
آءُ ملڻ جو موقعو آهي.
ٽي ايس ايلٽ چوي ٿو: “ شاعري اهڙو فن آهي، جيڪو سختيءَ سان قومي آهي، ڇو ته هن جو خيال سڀني قومن ۾ ساڳيو ۽ عام ٿي سگهي ٿو پر احساس هر قوم لاءِ عام نه پر خاص آهي ۽ شاعري انهن احساسن جو اظهار آهي.” حاڪم گل پنهنجي هڪ گيت ۾ چوي ٿو:
ڪيڏا آهن پيارا ماڻهو اجرڪ ٽوپي وارا ماڻهو،
منهنجا جيءَ جيارا ماڻهو، ڪيڏا آهن پيارا ماڻهو.
ڪيڏو من ۾ پيار رکن ٿا،
سونهن جو ڄڻ سنسار رکن ٿا،
محبت جو وهنوار رکن ٿا،
حاڪم گل موچارا ماڻهو،
ڪيڏا آهن پيارا ماڻهو.
يا حاڪم گل جي هڪ ٻئي شعر جا بند ڏسو جيڪو به قومي آهي:
جنگ اسان جي جاري آهي،
سنڌ اسان کي پياري آهي.
هوشو، هيموءَ کي جنهن ڄڻيو،
جيجل ڀاڳن واري آهي.
ڌاريا سنڌ ۾ ڪونه ٿا گهرجن،
هر سنڌي انڪاري آهي!.
جنهن جي دل ۾ سنڌ وسي ٿي،
تنهن جي سوچ سونهاري آهي!.
“ جناب فيض احمد فيض جو چوڻ آهي ته شاعريءَ جو ڪم رڳو مشاهدو ناهي مجاهدو به ان تي فرض آهي.”
ٻيءَ جاءِ تي فيض صاحب چيو آهي ته ،“ انساني زندگيءَ جي اجتماعي جدوجهد جو ادراڪ ۽ ان جدوجهد ۾ حسب توفيق شرڪت، رڳو زندگيءَ جي تقاضا نه پر فن جي به تقاضا آهي.” حاڪم گل پنهنجي هڪ شعر ۾ چوي ٿو:
سيڻ سان گڏ سوريءَ تي چڙهه،
“حاڪم گل” تو دل ڇو هاري آهي!
سر ڏينداسين، خوش ٿينداسين.
حاڪم، گل سان ياري آهي.
مٿين شعرن ۾ سيڻن سان گڏ سوريءَ چڙهڻ يا حاڪم، گل سان ياري هئڻ ڪري سر ڏيڻ اهڙيون ڳالهيون آهن، جن مان سمجهي سگهجي ٿو ته هي اسان جو شاعر اجتماعي جدوجهد جو حامي آهي ۽ ٻين سان گڏ ٿي جيئڻ يا مرڻ چاهي ٿو، جيڪو هڪ سچي شاعر تي فرض ٿئي ٿو. حاڪم گل ان فرض نڀاهڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. مها ڪوي ٽئگور به هڪ هنڌ چيو آهي ته “ اديب،ٻين کان الڳ رهي، اهو ڪجهه ڪڏهن به نٿو پرائي سگهي، جيڪو هن کي گڏيل تجربن مان حاصل ٿئي ٿو. مون کي ان ڳالهه جو چٽو احساس آهي ته ڪوبه ليکڪ تيسيتائين عوامي ليکڪ ڪوٺي نٿو سگهجي، جيسيتائين هو عوام سانپنهنجا ويچار نٿو ونڊي ورڇي.
حاڪم گل رڳو شاعر نه آهي، پر هو سماجي ورڪر به آهي. هن جو پنهنجي آسپاس جي ماڻهن سان گهرو ۽ گهاٽو واسطو ۽ رابطو آهي. هو انساني مسئلا نه رڳو سمجهي ٿو پر ٻين ساٿين سان گڏجي سماجي مسئلن جي حل لاءِ به جاکوڙي ٿو. ڪنهن شاعر چواڻي ته:
آ هر ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا پر مونکي اهڙا مڙس وڻيا،
جي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا، جي جڳ جي جوت جلائي ويا.
حاڪم گل به پنهنجو پاڻ ملهائڻ لاءِ هر وقت تيار ۽ جدوجهد ۾ شامل رهندڙ شخص آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل،
ڪم ڪار کان ورچين ته مونکي ياد ڪندو ڪر،
راهي! توڏٺو آهي مون ساهي نه کنئي آ.
جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
(راشد مورائي)
حاڪم گل جو ڪردار به مٿئين شعر وانگر اتساهه ڏيندڙ ڪردار آهي دعا آهي ته سنڌ ۾ اهڙن اتساهيندڙ ڪردارن جي شل کوٽ نه ٿئي.
هيٺ مان حاڪم گل جي ڪجهه خوبصورت شعرن جون سٽون نقل ڪريان ٿو. اهي مصرعون مون کي وڻيون آهن، ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي به پسند اچن.
پنهنجون يادون مون کان کسين ڇو ٿو؟
دوست! ايڏو مون کي لٽين ڇو ٿو؟
وڇوڙي تنهنجي ۾ روئي ۽ رڙي،
چري دل صفا چپ ڪري ئي نه ٿي!
زندگي ڪاش ڪوئي قصو ٿي وڃي!،
توسان ٽڪرائجي حادثو ٿي وڃي!.
ماٺ ئي ماٺ ۾ واءُ اهڙي گهلي،
تون اچين روبرو معجزو ٿي وڃي!
تو جڏهن کان ڪيا سڀ ختم سلسلا،
ڏينهن محشر ٿيو، رات ٿي ڪربلا!
مُئي کان پوءِ نيڪي اها ريت اڳ جي،
نئين واٽ ڏس ڪا تون مڃتا ڏيڻ جي؟
جڏهن کان جدا ٿي وئين تون تڏهن کان،
اکين کي ٿي پئي آهي عادت وسڻ جي.
ٿا چون پاڳل سڀئي هن کي مگر،
هو نه ڪنهن جي چاهه ۾ گم ٿي ويو.
ڪونه هن جي خيال کي ڄاڻي سگهيو،
هو ته بس ويساهه ۾ گم ٿي ويو.
انڊيا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي شاعر جو شعر آهي ته:
ڪتابن ساڻ دل منهنجي، ڪتب خانو وطن منهنجو،
مئي کان پوءِ ڪتابن جا ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.
حاڪم گل ساڳي ڳالهه پنهنجي شعر ۾ هن ريت ٿو ڪري:
اگر مون کي ڳولين ڪتابن ۾ لهجان،
پرين درد وارن خطابن ۾ لهجان.
استاد بخاري پنهنجي هڪ آزاد نظم ۾ چيو آهي ته:
“ شاعري جنهن کي مان
سادڙي، واهڻي ڇوڪري
سمجهندو هوس ۽ نٽائيندو هوس
سا ته منهنجي تتي ۽ ٿڌي بنجي وئي
زندگي بنجي وئي
هاءِ ڙي دوست هيءُ ڇا ٿي ويو؟
ساڳي طرح حاڪم پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو:
جنهن کي چاهيو، نه سمجهيو، نه ئي سوچيو،
سائي وينگس منهنجي شاعري ٿي وئي!
ڪالهه جنهن کان مون پرتي رهڻ پئي گهريو،
اڄ اها ئي سکي بندگي ٿي وئي.
هن جي منهنجي اڱڻ رکيا پيرڙا،
منهنجي جيون اندر روشني ٿي وئي.
حاڪم گل جي هڪ غزل جا هي خوبصورت بند ڏسو:
وار آلا تو ڇنڊيا جو واءُ ۾،
پئي وسي برسات تنهنجي شهر ۾.
ڪيئن ڪري انڪار سگهندو ڪو ڪوي،
پئي وسي ٿي ڏات تنهنجي شهر ۾!.
پيار،محبت، چاهت سان ڪئي،
پئي تڪي جذبات تنهنجي شهر ۾!.
حاڪم گل جي هن خوبصورت غزل جو مزو به وٺو:
اٺ ڏهاڙا پري اٺ صديون ڄڻ لڳيون،
تو سوا اوپريون سڀ خوشيون ڄڻ لڳيون!.
جام ها جام پر ڪو مزو ڪونه هو،
پر پيالو پرين وهه وٽيون ڄڻ لڳيون!
ڏينهن تو بن سمورا سڄڻ سور ها!
۽ وري راتيون بي چسيون ڄڻ لڳيون!.
دوستن منهنجي دل کي ڏنيون آٿتون،
پر اهي آٿتن ڪل ٺڳيون لڳيون!.
آرسيءَ ۾ ڏٺو مون جڏهن پاڻ کي،
آب هاڻيون پرين ٻئي اکيون ڄڻ لڳيون!.
حاڪم گل نوجوان شاعر آهي، پنهنجي عمر ۽ آزمودي آهر چڱو پاڻ پتوڙيو اٿس. سندس لکيل سڀئي صنفون سٺيون ٿيون لڳن، پر مون کي سندس غزل وڌيڪ وڻيا آهن. هيٺ سندس غزل جا ٻه بند پڙهي ڏسو:
روز جيان آ اڄ به تنهنجي،
وارن سان هٿڙن جي کيچل.
ڪيڏو توکي ٺهندي آهي،
چهري تي زلفن جي کيچل.
هن ٻئي غزل جا ٽي بند به دلچسپي کان خالي نه آهن:
تون آن چنڊ ستارن جهڙي،
سانوڻ جي وسڪارن جهڙي.
تنهنجي ڪاوڙ موت آ مون لئه،
تنهنجي مرڪ بهارن جهڙي.
حاڪم گل کي لڳندي آهين،
سنڌ ڌرتيءَ جي نعرن جهڙي.
اچو ته وري حاڪم گل جي هڪڙي ٻئي غزل جا چند بند ملاحظه ڪيون:
پير اگهاڙا رستا ڪنڊا!
جون جا هاڙا رستا ڪنڊا!
توڏي ايندڙ ويندڙ آهن،
سڀئي لاڙا، رستا ڪنڊا!.
تنهنجي خاطر چوڙي ويندس،
تيز ڏهاڙا رستا ڪنڊا!
تنهنجي واهڻ جا هن سانئڻ،
آڙا پاڙا، رستا ڪنڊا!
اچو ته سندس آخري غزل جو ساءُ وٺي هن مضمون جي پڄاڻي ڪيون:
هيڪلائي لڳي ڌر تتيءَ وانگيان،
ساٿ تنهنجو سکي زندگيءَ وانگيان!.
سونهن جي شهر ۾ تو سوا سانوري،
پاڻ ٿو ڀانئجي اجنبيءَ وانگيان!.
ڀاڳ منهنجا کڻي آ هلي اوچتو،
منهنجي جيون اندر روشنيءَ وانگيان!.
ڇو پري ٿي رهين پرهه جهڙي پري،
آءُ چپ تي سُري تون چُميءَ وانگيان.
منهنجي مايوسين جو اڇي انت ڪر،
هڪ گهڙي لاءِ بڻجي خوشيءَ وانگيان!.
حاڪم گل جي شاعري اونداهيءَ ۾ لاٽ آهي پر سڄي سنڌ کي روشن ڪرائڻ لاءِ حاڪم گل کي اڃان محنت ڪرڻ گهرجي، بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي، ڇو ته مطمئن ٿيڻ معنيٰ موت قبول ڪرڻ.
ڪنهن اردوءَ جي شاعر چيو آهي ته :
موت جب مظطرب ہی زندہ ہے،
قرار پایا مرگئی
مون کي يقين جي حد تائين وشواس آهي ته حاڪم گل محنتي ماڻهو آهي. هن جدوجهد۾ ايمان آهي. سو ڪڏهن به هٿ هٿ تي رکي خاموش ۽ مطمئن ٿي ويهي نه رهندو پر پنهنجي ڏات کي سونا پَرَ لڳائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ جاري رکندو. مستقبل انهن ئي ماڻهن جو موچارو ٿيندو. جيڪو لڳاتار محنت ڪندا ۽ محنت کان هڪ پل لاءِ به منهن نه موڙيندا.
استاد بخاريءَ چواڻي ته:
آسان ناهي دنيا ٺاهڻ دوزخ مان جنت،
محنت، محنت، الفت الفت، همت ئي همت.
اسسان جهونن جون دعائون ۽ نيڪ تمنائون سڀني جاکوڙيندڙ جوانن سان شامل آهن ۽ رهنديون. دعا آهي ته حاڪم گل ۽ سندس جوڙ جا ٻيا ساٿي سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ کي شعرن جي گلابن سان ڀريندا رهن.
[b] راشد مورائي
[/b] مورو 25.03.2006