شعرن گلڙا، گل مهر جا....
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ ته ڪيترين ئي جاين پر شڪارپور ۾ سنڌ واهه جي ڪپ تي آخري رهجي ويل گل مهر وارو وڻ جڏهن بسنت ۾ ريٽا گل ڪندو آهي ته ڪيترو نه موهيندڙ ۽ وڻندڙ ٿي پوندو آهي!
حاڪم جي شعريءَ واري وڻ جي ڇيڙن تي ريٽا گل سندس تخليقي بسنت رت جو عڪس چٽي رهيا آهن، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن نکار ايندو پيو وڃي.
گُهٽ، ٻوسٽ واري ماحول ۽ پرماريت جي پاڇن۾ جيون گهڙيون گهاريندڙ حاڪم گل مهر حساس جذبن سان، جرڪا جوت ڦهلائيندڙ ۽ پيار پريت جا پيغام پهچائڻ وارا سُريلا شعر سرجي جديد سنڌي ادب جي سينڌ سنواري رهيو آهي.
هو مسلسل لکي ٿو ۽ وڏي اتساهه سان مطالعو ڪندو رهي ٿو. مطالعي، مشاهدي ۽ محنت سان هو هڪ جيڏن ۾ بهتر سڃاڻپ سان اڳتي وڌندو رهي ٿو، جنهن جو مثال سندس هي شعري مجموعو آهي.
ڌڻيءَ در دعا آهي ته سندس قلم ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سگهاريون سٽون ادب کي ارپي، هو پڪو پختو شاعر بڻجي جديد سنڌي ساهت جو سهڻو حوالو ٿي پوي!
[b] قاضي منظر حيات
[/b] حيدرآباد 10 اپريل 2006ع