لکي غلام شاهه جي علائقي سان تعلق رکندڙ اسان جو هي يار شاعر حاڪم گل پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ اهڙو ئي هڪ خوبصورت انسان آهي جهڙو هو اسان کي پنهنجن سرجيل خوبصورت شعرن ۾ نظر ٿو اچي. حاڪم گل نهايت ئي سادو، سڌو، ماٺيڻي لهجي وارو هڪ محبتي انسان، يارن جو يار آهي، هن جهڙيءَ ريت مسلسل جدوجهد جستجو ۽ رياضت سان سنڌي ادب جي اڻ ڳڻين شاعرن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي تهڙي ريت پنهنجي چاهيندڙن جو هڪ وڏو حلقو ٺاهيو اٿائين، حاڪم گل جي شاعر ۾ شاعري جي لوازمات سان گڏ جديد فڪر ۽ خيال جي گهرائي پڻ سمايل آهي، هن شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ پنهنجو فڪر اسان تائين پهچايو آهي، پر مون کي حاڪم گل جا غزل وڌيڪ وڻن ٿا، حاڪم وٽ درد، هجر ۽ فراق،بک بدحالي، بي رحمتي،حسن ۽ عشق جي جذبن جي اپٽار سان گڏ ڌرتي سان پيار، مارو ماڻهن سان محبت ۽ ڌرتي تان سر گهور ٿيڻ جهڙا جذبا پڻ ملن ٿا، جن جي پرچارڪ حاڪم گل پنهنجي شعرن ۾ ڪري ٿو. مطلب ته حاڪم جو شعر زندگيءَ جو ترجمان. آهي ۽ ترجمان شاعر ٿي ماڻهن کي صحيح راهه ڏيکاري سگهن ٿا. سندس سموري شاعريءَ مان ڪونه ڪو ڪارج ضرور سري ٿو.