ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” درد گهنگهرو ٻڌا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب إاحساس ميرل سھتي جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
احساس ميرل سھتو سَيبتو سُڄاڻ شاعر آهي، جنھن پنھنجي شاعراڻي پنڌ ۾ سٺي مڃتا حاصل ڪئي آهي، اِها مڃتا کيس وقتائتي سُندر شاعريءَ جي حوالي سان ملي آھي. احساس سچ تہ سھڻن احساسن جو شاعر آهي. پياري احساس ميرل وٽ شعري حوالي سان کوڙ سارا موضوع آهن. قوميت ۽ محبت سان گڏ هن زندگيءَ جھڙي منجهائيندڙ موضوع يا هڪ ڏُکي ڳُجهارت تي پڻ گهڻو ڪجهه سوچيو ۽ لوچيو آهي. احساس ميرل جي زيرِ نظر شعري مجموعي اندر اسان کي غزل جي صنف اندر مختلف موضوعن، خيالن ۽ احساسن جي اُپٽار نظر اچي ٿي. 
هي ڪتاب 2020ع ۾ سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر  پاران ڇپايو ويو.  ٿورائتا آھيون پياري احساس ميرل جا  جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ