بابا حيدر جون حبداريون
پھرين ته آئون ناچيز ايترو لھان ئي ڪونه جو بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري لاءِ انھن لفظن جي چونڊ ڪري سگھان جيڪي بابا سائين جي علمي ادبي قد ڪاٺ ۽ سندن شخصيت لاءِ بلڪل ايترو وزن رکندا ھجن جيترو بابا سائين جي ڏات جي اڏام تائين پھچي سگھن، بابا سائين کي ۽ سندن لکڻين کي ڏات جي ڏيهه ۾ ھيرن جي اڻ کٽندڙ کاڻ سان ڀيٽا ڏيان يا ارپيان فطرت جون اُھي سحر انگيزيون جيڪي جن کي محسوس ڪرڻ يا پرکڻ سان انساني سوچ سِڪ، سونھن ۽ سچائي جي حقيقي رنگن تائين رسائي حاصل ڪري ٿي، ڇونه سوپيان بابا سائين کي جھان جا سمورا جلترنگ، چنڊ جي چاھت ۾ پرواني جي عشق جي اوچائي، يا ڀيٽيان ڪنھن مست ملنگ جي اندر جو احساس جيڪو دُنيا جي ھر ان خواھش کان بي خبر آھي جيڪا وقت حاضر ۾ انسان جي ڀٽڪڻ جو سامان آھي. بابا سائين غلام حيدر شاھ صاحب جو ديدار سال 1988ع ۾ نصيب ٿيو جڏھن جڳ جا ماڻهو بابا سائين کي غلام حيدر شاھ ٻُسٽاني جي نالي سان سڃاڻيندا ھئا تڏھن کان اڄ ڏينهن تائين سائين بابا سان پريت جا پيچ ڳنڍيل آهن ۽ انشاالله جيون جوڳ ۾ ساٿ سلامت رھندو. آئون سمجھان ٿو سائين بابا کي ڏات جا انمول خزانا ڪنھن اھڙي ورھاست ۽ ولايت جي نگري مان مليل آھن جيڪي ھر ڪنھن کي نصيب ناھن ٿيندا.
بابا سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري روحاني صوفياڻي سلسلي (انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر) ۾ سٻاجھڙي سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ سلسلي جي اصل مقصدن ۽ ڪمن سان گڏ ان ئي ڪم جي ھڪ ڪڙي ڪالم لکڻ ۽ انھن کي سلسلي سان ڳانڍاپيل توڙي خلق خدا لاءِ سبق آميز مواد پھچائڻ جو ھڪ سگھارو ذريعو پڻ ٺاھيو. سائين جن لکيل ڪالم پرنٽ ميڊيا جي دنيا ۾ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيا جن مان مون فقير (راقم القلم) سميت اڻ ڳڻيا سلسلي جا ساٿي ۽ خلق خدا مستفيد ٿئي پئي. وقت جي مُختلف مونجھارن ۽ معاشري جي سرسري مشاھدي مان اھا ڳالهه پڻ عالم آشڪار نظر اچي ٿي ته ھن ڀونءِ مٿان ڀٽڪندڙ انسان روحاني سڪون جي ڳولا ۾ پنھنجا پير پٿون ڪندي نظر اچي ٿو، درد دل جي دوا لاءِ ڪنھن دارون دوا جو متلاش آهي پر انھي ڪوشش ۾ هلندي رھنمائي نه ھئڻ ڪري انسان انھي چوواٽي تي پھچي وڃي ٿو جتي کيس سڀ رستا وسري وڃن ٿا، سندس حواس ڪنھن بد مست گھوڙي جيان واڳون ٽوڙي سندس قبضي مان نڪريو وڃن، نتيجو اھو ٿو نڪري ته انسان راھ راست کي ڇڏي ڪنھن اڻ ڏٺي واٽ ڏانھن نڪريو پوي پوءِ ڪٿي اھو ڀٽڪيل ماڻھو ڪنھن اڻٽيھين اونداھي ۾ گُم ٿيو وڃي ته ڪٿي پنھنجو پاڻ وڃائي حق ۽ باطل جو فرق وساري انھن ڪُڌن ڪمن ۾ لڳيو وڃي جيڪي سندس بدنامي جو سبب ۽ نيڪ انسانن لاءِ اذيت ۽ مصيبت جو باعث بڻجن ٿا، اھڙين حالتن ۾ اھا ھڪ حق سچ حقيقت آھي ته بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري جي لفظن جو مضبوط سھارو ۽ دور انديشي اھڙن ڀٽڪيل ماڻھن کي روشني ڏيکاري واپسي جو دڳ پسائي پُرسڪون طرز حيات ڏانھن وٺيو اچي. اھا پڻ ھڪ تلخ حقيقت آهي ته وقت حاضر ۾ سوشل ميڊيا جي شور ۾ جتي لکڻ ۽ پڙھڻ جو رحجان تمام گهڻو گھٽجي ويو آھي اتي حالتن جي نزاڪت کي ڏسندي بابا سائين غلام حيدر شاھ قلندري پنھنجا ڪالم اصلاح، مذاح ۽ پڙھندڙن جي سوچ کي نظر ۾ رکندي 'ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا' جي سري ھيٺ لکي اھڙو ته وزنائتو سلسلو شروع ڪيو آهي جو پڙھندڙ سائين بابا جو لکيل ڪالم آخري لفظ تائين پڙھڻ تي مجبور ٿيو پوي، نه رڳو ايترو پر ڪالم پڙھڻ کان پوءِ ان ڪالم جي سبق آميز ڳالهه جنھن کي سينٽرل آئيڊيا يا ONE LINE کڻي چئجي مان گھڻو ڪجهه پرائي پنھنجي اصلاح ڪري ٿو، وجود يا ڪردار مان ڪا کُٽل شيءَ پوري ڪري ٿو ٻين لفظن ۾ مڻ ميراڻ ڌوئي ٿو ۽ ڪردار جي ڳري وجود کي ھلڪو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.
دلشاد خاصخيلي.