ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

واقعا، وھنوار، ورڇون ۽ واسطا

واقعا، وھنوار، ورڇون ۽ واسطا

وقت جون گھرجون ڪڏھن ڪھڙيون ته ڪڏھن ڪھڙيون، وقت ناياب ۽ قيمتي ھئڻ سان گڏوگڏ گذرڻ ۾ به دير نٿو ڪري، پوءِ پويان پنھنجا پاڇا ڇڏيندو ھليو ٿو وڃي، ڄڻ ٿرجي واري ھٿن جي آنڱرين جي وچان لھي پئي پٽ تي ۽ ڪو احساس ئي ڪو نه ٿيو، ڪلهه جنھن جڳهه تي تنبو ۽ شاميانا لڳل ڏٺاسون، ٽھڪڙا مذاق ڳالھين جا ٺڪاءُ پئي پيا، اتي اڄ خاموشي ۽ ويراني فقط کاڌي کائڻ کان پوءِ ڦٿل ڪيلا، ڇڏيل ڪچرو ۽ اڇليل ھڏا کاڌل جيڪي ڪتن ۽ جانورن به چوسي چوسي نه ڳڙڪائي سگهڻ جي صورت ۾ زمين تي ڦٽا ڪري ڇڏيا، ڪير محسوس ڪندو ته ھتي به ڪلهه ميلو متل ھو ڪو رنگ چڙھيل ھو، چون ٿا وقت واڪا يعني سڏ ڪندو ويندو آهي ۽ قدر قيمت سيکاريندو گذري ويندو آھي، پوئين لاءِ پڙاڏا ۽ پڇتاءُ جا پيغام چئي ۽ چوائي ويندو آھي، وقت اھڙا وھنوار ۽ ورڇون ورجائي ورجائي ايندڙن نسلن کي فڪر ۽ فلسفا مھيا ڪندو ويندو آھي، جنھن ان کي سمجھيو اُھي عقل وارا ڏاھا ليکبا، وقت جي ورقن ۾ انھن ڏاھن جو قدر ۽ قيمت لکبي ۽ چيو ويندو اُھي وقت جا قدردان ھئا، اڄ سندن فلسفا ۽ جملن جا پڙاڏا ٻڌجن پيا، تاريخ جي ڪتابن ۾ انھن کي ستل معاشري ۾ جاڳيل انسان سمجھيو ويندو، انھن جي عقل ۽ ھوشياري سياڻپ جون ڳالهيون پوئين کي ورڇ ۾ سيکاريون وينديون، انھن تي عمل ڪرڻ وارن کي سندن پوئلڳ چيو ويندو آھي، قبرن جي مڻ مٽي جي ھيٺان به زنده ڏيکاءُ ڏيندا رھندا، جڏھن به ھنن جا گفتا ياد ڪبا اھي ياد ايندا رھندا، باقي دنيا جا ستل ضمير وارا انسان دنيا ۾ بي فڪر ننڊن ۾ ستل آهن، انهن جي قبرن کي قبرستان ۾ ڳوليندا ته ھٿ به ڪو نه اينديون، نه ئي ڪو چاھيندو ته انھن جي مٽي تي ڪنهن ڏھاڙي تي پاڻي ڇٽڪارجي، ڇاڪاڻ جو انھن ھميشه انسانن جي ڦٽن تي لوڻ ڇڻڪيا، ڏک ۽ مھڻا ڏنا، سک کسي ڏک ڏنا، مجبورين ۾ وياج تي ڏوڪڙ ڏئي پنهنجي خواهشن جا ڀڀ ته ڀريا پر رھيا ھميشه خالي خالي، اھڙن معاشرتي وياج خورن جي ڪرتوتن ۽ بي ضميرن جي بدبوءِ جئيري ئي پري پري تائين مار ڪندي رھندي آهي، اھڙا لالچي عناصر ڪھڙن ئي ويسن ۽ قيمتي خوشبوئن سان پاڻ کي مھڪائين پوءِ به انھن جي بدبوءِ نه ويندي، قبرن جي مٽي به گواهي ڏيندي ته ھي جسم وياج خورن جو آھي، ڪوڙي دنيا جي ڪوڙن واسطن جا نشان مٽجي ويندا وقت جي وهڪرن ۾، خبر ڪان پوندي ته ھتي ڪو واسطي وارو رھندو ھو، مگر وفائن جا سڏ واقعا ھوڪا پڙڏا پري کان محسوس پيا ٿيندا، جيئن وري ڪو ھن ڏکئي وقت ۾ آٿت ڏئي رھيو آھي، حوصلو ڏئي رهيو آهي، اھڙن انمول انسانن جو قدر ڪرڻ سکو، اُھي تحفا آهن قدرت پاران انسانيت لاءِ ھن دجالي دؤر ۾.