سڀ رئيس، گھوڙو ڪير ٻَڌي؟
وقت، وقت جي تقاضا آهي، جڏھن گھر ۾ ھڪ وڏي جي ھلندي ھئي، ائين راڄ ڀاڳ ۽ ڳوٺ پاڙي جو چڱو به ھڪڙو ھوندو، ھاڻ ته گھر ۾ ڀاڄي به ھر ڪنھن جي پسند، نه ته اڳئي دال ماني به ھڪ دسترخوان تي گڏ کائبي ھئي، ھاڻ ته ٽي وي به ھڪ نٿي وڻي، ھر ڪو الڳ ديڳڙي رڌڻ ۾ پورو آھي، پوءِ اھا ٻي ڳالهه آھي جو ان ۾ سامان رڌڻ وارو گھٽ وڌ ھجي.
اڳئي صلاحون وڏن کان وٺبيون ھيون، ھاڻي مشورا مفت ۾ مفت وارن جا ٻُڌڻا ٿا پون، جنھن جو نالو نه نشان اھو به گھر ڌڻي، ھڪل ڪري چوي جانو ڪُتي کي جھل آئون تنھنجو مھمان، نه ڄاڻ نه سڃاڻ مڙس ائين اچي لٿو ڄڻ ملڪن جو والي، ويندي ويندي خبر پئي ته ڄٽ کيسو به ڪتري ويو.
ائين اڄ اسان ھڪ اھڙي ماحول ۾ رھون پيا جتي مائٽ پريشان آھي، اولاد ۽ استاد جي پاڪيزه رشتي ۾ گندلاڻ جو وچ ۾ اچڻ، جتي لفظ به اٽڪي ٿا پون ڳچيءَ مان ڪيئن نڪري اظھار ڪن ادب ۽ حياء شرمسار ٿيو پوي، فطرت جا قانون ۽ قائدا، نيڪيون ۽ بديون وري انھن جا به ڪي اصول ۽ سسٽم ھئا، نڀاڳن جي کوٽ اڳئي ئي ڪو نه ھئي پر ھاڻي ڇڙواڳي ڪم لاھي ڇڏيو آهي، نه خبر سمھڻ جي نه خبر جاڳڻ جي، وري ڪو پتو ڪو نه ٿو پوي دشمنن جي وچ ۾ دوستن جو ۽ دوستن جي وچ ۾ دشمنن جو، سڀ ڏسڻ ۾ ماکيان ميٺ گھڻو، خوشامند وري اھڙي جو جو ڄڻ ڪڪڙ ڪڪڙي کي داڻو پيو چڳائي، حسد جا ھيراڪ ظاھري ۾ حيرانگي جي عالم ۾ ماٺ جي مار ۾ جي ڳالھائي سگھن تي اھا ماجرا الڳ آھي، پر اندر جي باھ اکين ۽ منھن مان اولا ڪريو پئي نڪري، پرائي ڪاڄ ۾ ۽ ٽوپي نراڙ تي ڪاٽن جي کر کرا ائين گھوٽ ٿيو پيا اچن پر نئييڊ جي بيگ ۽ ڪاپي کان ايترو پري نڪريو ڀڄيو وڃن جيئن موالي مسجد کان ۽ ملان ملامت کان ۽ پير پنھنجي ماني کان، نقلي صوفي فڪر فھم کان، بس واڄٽ لڳو پيو آھي پنھنجي منھن پنھنجي تعريف جون ڪھاڻيون، وري ٻڌڻ وارا کائڻ ۾ پورا ڪرڻ وارو خوش فھمي مبتلا، چوڪيدار ۽ چور ڳٺ جوڙ ڀاڳيو ۽ پيري انھيءَ اوسيئڙي ۾ متان ڪٿي چورن جا سنگتي ڪا ٺوڪ نه ڏين، چڱا راڄ جا چورن جا يار وري والاري ۾ ڀاڳين سان گڏ ڀيڙا ۽ ڇڏائڻ ۾ سڀني کان اڳڀرا، پوءِ ڀلا ڪيئن نصيب کُلن ھن ڌرتيءَ جي دردن جا، ھڪڙو فون ٻَڌائڻ لاءِ وري ٻيو فون ڇڏائڻ لاءِ، آفيسر به پريشان ڇو ته ان ويچاري کي پيٽ ۽ ٻچا آھن، گھر جا ڌڻي ھيڪاندا، ھر ڪنھن جو گھوڙو جھلڻو پوندو ان جي واڳ سميت، جيڪڏھن گھوڙو رسو ڇنائي ويو ته راڄ رينگٽ ۾ اچي لھندؤ، پوءِ بس رئيس جو گھوڙو ۽ گاھ وري ڪلهو جھلڻو پوندو.