ڌاڳو دانگيءَ تي به نه ڌاڳجي
انساني فطرت جي حوالي سان ۽ انھن جي معيارن موجب يا ڪردارن تحت، ٻي صورت ۾ کڻي چئجي روئين ۽ روشن جي حوالي سان تعارف به مختلف ليکجن ٿا، انسان ويچارو مختصر زندگيءَ جي وھنوار ۾ ڪيترن ئي نالن ۽ واسطن سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ان کي اوهان احسن ۽ سولن الفاظن ۾ رشتا لاڳاپا يا واسطا ڪوٺي سگھو ٿا، رشتا يا واسطا ڪاروبار جا به ٿي سگھن ٿا جتي توھان جو واسطو فقط ڌندو داري ۽ روزمره زندگيءَ جي آمدن ۾ نفعي ۽ نقصان تحت قائم ٿيل تجارت آھي، جنھن کي گذر سفر پيٽ پالڻ جا لقب به ڏئي سگھجن ٿا، ھڪ ٻيو رشتو محبت ۽ خلوص جو ھوندو آھي، جنھن ۾ خود اعتمادي ۽ اعتباري قوت وڏي سگهه سمجھي ويندي آهي پوءِ اھو ازدواجي زندگيءَ کان وٺي ڪاروبار ۽ دوستي جي روپ ۾ ڇو نه ھجي، پر ان جي پويان وڏو ڪارڻ خلوص جو عمل ھوندو ۽ ھميشه خلوص دل انسان گھاٽن ۽ فائدن کان وڌيڪَ زور خلوص ۽ واسطي تي ڏيندو آهي، اھڙيءَ ريت روح جو رشتو جنھن جي جوڙجڪ ھڪ روح جي رابطي ۾ قيد ھوندي آھي، يعني ڪنھن معتبر فلسفي مذھب ڌرم سان عقيدي جي آڌار سان رغبت روحاني، ائين ڪنھن خاص ڪرشماتي شخصيت سان سواءِ ميل جول جي محبتن جو اظھار ڪرڻ فقط ان جي ڪردارن کان وٺي ان جي ڪشش واري حيثيت کي دل ڏئي ڇڏڻ مطلب ته ائين چانهه جي ڪپ تي تبصراتي ۽ ٽائيم پاس ڪرڻ وارا واسطا، جيئن رٽائر ٿيڻ جي صورت ۾ گھر مان بيزاري ۽ فالتو ڪم چور جي علامت سمجھي ويندڙ اھو انساني ڍانچو جيڪو ھڪ اليڪٽرانڪ مشين تحت پنهنجي جوڀن ۾ ڪم ڪار ڪري آخرڪار مشين جي پرزن جي ناڪاري ٿيڻ بعد گھر ۾ عزت وڃائي ويٺل پوءِ پاڻ جھڙن کي ھٿ ڪري ڪڏھن معاشرتي، ڪڏھن سياسي، ڪڏھن جواني، ڪڏھن مذھبي مطلب بحث ۽ مباحثا ڪري وقت کي ڌڪو ڏيڻ ۾ مصروف عمل رھندڙ ھڪ طبقو، ائين ھڪ رشتو رت جو به ھوندو آھي، پر رت ۾ جراثيم پنهنجائپ وارن جي بدران جراثيم حسد، ھوڏ، حوص ۽ حرص نمودار ٿي وڃن، ته دل بيمار لالچي ۽ لوڀي ٿي ويندي آهي، پوءِ اھو انسان سڀئي فطري لاڳاپا واسطا وساري ان مفادن جي جنگ ۾ لھي پوندو آهي جتي پڄاڻيءَ جي ڪھاڻيءَ عبرتناڪ ھوندي آھي، اتي وري روحاني رشتو پائيدار ثابت ٿيندو آھي ڇو ته ان ۾ لالچ وارو عنصر ختم ٿيل ھوندو آھي.
ھاڻي ڳالهه دانگي يعني ماني پچائڻ وارو ٿانوَ جي جنھن تي وڏڙا چوندا ھئا ته رت کي اتي به ڇڪ اچي ويندي آهي، پر ان نفيس ۽ نازڪ ناتي کي به وڌيڪ محبت جون ڳنڍون ڏيڻ بدران جيڪڏهن حسد ۽ ساڙ ۾ ساڙيو وڃي، نتيجن ڌاڳو داڳجي يا سڙي ويندو ھي اھو وقت ھلي رھيو آھي، انتھائي احتياط لازمي آهي جتي سڀني رشتن کي مفادن ختم ڪري ڇڏيو آھي، ان معاشري مان موٽ ملڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آھي.