جيڏانھن رخ، تيڏانھن مخ
دنيا جي گھڻائي ھميشه دنيا جا رخ ڏسي پاڻ کي به اوڏانھن موڙيندي آھي، اھو فطرت ۾ شمار رھندو اچي، ھر ڪو ڪنھن نه ڪنھن جي ڪاپي ڪرڻ جي چڪر ۾ رڌل هوندو آهي، خبر دير سان وڃي پونديس ته ڪاپي غلط ٿي وئي، انھيءَ ۾ وڏي آساني سوشل ميڊيا ڪري ڇڏي آھي بس رخ ڏٺو ناھي مخ ڦريو ناھي، ڪاپي پيسٽ ڪرڻ ھونئن به آسان طريقو آهي، جيئن ڪنھن وقت ۾ جناح ٽوپي جو رواج ھو، وري ترڪي واري ٽوپي ائين ڪئين ٽوپيون آيون ۽ ويون، ائين وري ڊريسنگ وقتن به وقتن تبديل ٿيندي وئي، ائين ھر اڳواڻ پنھنجي پوئلڳن کي پاڻ جهڙي ڊريسنگ پارائڻ شروع ڪئي، ائين وري سياسي شخصيتن کان متاثر ڪجھه عناصرن اھو شوق جاري رکيو، بهرحال ڊريسنگ تائين ته سڀ خير پر لھجن ۾ جيڪڏھن اھڙيون شروعاتون رونما ٿينديون رھن، سٺي ڳالهه جي نقل سٺو رجحان پيدا ڪري ٿي بھتر آھي، پر جيڪڏهن غلط رويا ۽ غلط لھجا ۽ خاص ڪري غلط الزام بازيون ۽ تعصب ڀريون ۽ نفرت سان مالامال نقلون سڄي معاشري جو وايو منڊل تبديل ڪريو ڇڏين، نقصان وري به پنھنجا ئي پنھنجا، جتان کنيو وري اتي ڇڏيو، اھڙيون سرد مھريون رشتن ناتن سان ھٿ چراندون، ڪلفتن جا دڪان کوليو ڇڏين خاص ڪري اڄڪلهه وڏي دڪان داري سوشل ميڊيا تي ٿيندي آھي. جيئن تولو مولو پاڻ ۾ ڪنھن ڳالهه تي کلي رھيا ھئا ته ڪاڪو قادن خوامخواه کليو پئي، تولو ھَڪَلَ ڪري پڇيس ته ڪاڪا ڪجھه سمجھيو اٿئي يا خوامخواه پيو کلين؟ ورنديءَ ۾ چيائين ابا سمجھڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي سائينءَ سرمائي چيو آھي ته وقت سان گڏ ھلڻ سکو، بس ٻچا اوھان پيا کلو ته آئون به پيو کلان، جيڪڏھن اوھان روئيو ھان ته آئون به اوھان وانگر روئڻ جي ڪوشش ضرور ڪريان هان، باقي معلومات وٺڻ پاڻ ۾ ڪونھي، نڪو ٻڌون نڪو سڻون بس جڳ جھڙو ٿيڻ لاءِ ھونگرون ٻڌڻ بعد آواز ملائيندا آھيون، پوءِ جھڙو رخ اوڏانھن اسان جو چھرو ۽ مخ.