ڏيڏر ٽپ جؤار، ڪوئي ڪوئي ٿڏا واڙ
ڏيڏر ويچارو ڪنھن جانور جو پيشاب ڏسي وٺي جو ٽُپ ڏنائين ته وڃي مٿو ڀتر (مٽيءَ جو کڙو) تي لڳس، اچي جو ٽانء ٽانء ڪيائين ته پاڙي وارا ڏيڏر ۽ ڏيڏريون اچي گڏ ٿيا، چيائون خير ته آھي ھيڏي وڏي حشري ٻڌي اٿئي؟ چيائين اڄ وسڪاري جي پھرئين برسات پئي آھي پر مون واري حريف ڏيڏر مونکي سينيٽائزر اڇلي ھنيو آھي منهنجو نڪ رتو رت ٿي ويو، هاڻي مونکي برسات جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ جي جڳهه تي ڌپ پئي اچي، ڪنھن ڏاھي سينئر ڏيڏر سمجھائيس شوقينَ، رڙين ڪرڻ جا ماھرَ اصل ۾ ڏوهه تنهنجو پنهنجو آھي، تو ٽُپ ئي ڌپ واري جڳهه تي ڏنو آھي، اھو چڱو ٿيو جو تنھنجو نڪ سينيٽائزر سان واش ٿي ويو، آئندہ لاءِ خوامخواه پرائي چوڻ تي ٽپو ڪو نه ڏيندي، سڄو ڏينهن ٽانء ٽانء ڪرڻ تي ڪُئيون ڪو نه لڀنديون نه ئي جھلي سگھندي، ڪجهه ٿڌو ڪري کائڻ سک، ڪو وڏو تلاء جانچ اتي يا ته شڪار ملندئي يا شڪار ٿي ويندي، نفعو نقصان ته ضرور آھي باقي رڳو فائيدن لاءِ نه ڀڄ، نه ته اھڙي ڌپ جي ڪري پنهنجا به ڇڏي ويندئي، اڄڪلهه پلر پاڻيءَ ناياب ٿيندو پيو وڃي، ائين وري نھري پاڻي جي به اڻاٺ پنهنجي جڳهه پر پوءِ به احتياط لازمي آهي، ماسي ڏيڏري پنهنجي سمجھاڻي جاري رکندي چيو ته، اسان واري وقت ۾ ھڪ چاچو چبنر نالي رھندو ھو، ڪچھري جو ڪوڏيو ھوندو ھو جنھن کي چُهٽيو ته بس چنبڙيو پيو ھوندو ھو، رات صبح ۾ تبديل ٿي ويندي ھئي پر گفتا ۽ ڳالھيون نه کٽن اصل ۾، سو ابي کي چوان چاچي چنبر چيو ته ھڪ ٽولو نئون نئون ٺھيو، پاڻ ۾ به گھاٽا يار ھئا بس ڪٿي ڪا سس پس ٻڌي نه اٿن سنگت سميت پھتا ناھن، الله سائين جي ڪرڻي ۽ چوڻي آھي ته کُٽي کڻي ته نانگن جا ٻر جانچي، وڃي ڪٿي ٺڪاؤ ڪيائون، رسمي ڳالھه ٻولهه کان پوءِ توازو ٿيو پر ھي نوان نوان شوقين جو سردين جا فروٽ گرمين ۾ کائڻ جا مزا پيا ڳولين، جيئن تون وڃين تلاء جي بدران گند ۾ ڪاھي پئني، ھو به تڪڙا چوٽيءَ جا، ڏنو ٽٻي تلاء ۾ مڇين لاءِ ۽ پاڻ ٿيا شڪار وڃي ڪاري نانگ بکايل جا، بس ابي کي چوان تڪڙ ڇڏ خواھشن واري ڪاري نانگ کان بچ نه ته جيت ماڪوڙا به ويري ٿي پوندئي، ڪُئيون ڪُئيون ڪندي متان ڪُئين وانگر اوھين کاڄ نه ٿي وڃو.