پيو ڦاٽي ڦوڪڻو ڦوڪن جو
اسان جي ڏيهه ۾ ڏھيسرن جو قحط ڪونهي، ڪاٽن ۽ ڪلف وارا ڏھيسر، مڇن کي تتليون ڪري مٿي چاڙھي چوٽائڻ وارا ۽ وڏي نڪ وارا ڏھيسر، ھوٽلن تي ھل ھنگاما، ھينگون، پٻجي گيم کيڏڻ وارا ۽ واتن ۾ ورتل گٽڪا چوسڻ وارا ڏھيسر، خيسا خالي جيبن ۾ لنڊيون بلائون اڌار تي نڪتل شوقين ڏھيسر، ڪڪڙن جي ملاکڙي تي حصي پتي مان مليل رقمن تي شراب جي چسڪن ۾ مست ڏھيسر، ڏسڻا وائسڻا ھر فوٽو تي سواءِ ڏسڻ جي ماشاءالله لکڻ وارا ڀلي ڪو ڪنھن جو مائٽ فوت ٿيو ھجي پر لکڻو وري به ماشاءالله اھڙا دانا ۽ دلبر ڏھيسر، فقط فوٽون سيشن لاءِ پھتل نالي وارا رانديگر سواءِ انعام جي موٽندڙ ڏھيسر، ٺڳي جي ٺڪائن تي نڪتل لٽيرن لوٽن جا ٽولا ٽولين ۾ ڏھيسر، واٺا واپاري وفا جي نعرن جي گونج ۾ نرڙ تي لڪيرون لڇڻن وارا ڏھيسر، مطلب ته گھران جيڪو به دال ماني تي ويچاري امڙ کان ڪاوڙجي اھو به مڙس ڏھيسر، اھي سڀ اسان جا ڏھيسر فقط سوشل ميڊيا تي، ڪي پرنس، ڪي لاڏلا، ڪي جوڌا جوان. اصل ۾ ڏسجي ته مڙس وياجن جي کنيل قرضن ۾ جڪڙيا پيا آهن، عجب تماشو ۽ روش آھي.
ھڪ دفعي، تولو مولو کي ڀرواري وڏيري چيو، اڄ ھلو ته اسان ڪرڪيٽ ميچ جا مھمانِ خصوصي آھيون، ڳالهه خيرن جي ۽ ويگو جون اندريون سيٽون به خالي ھيون پر تولو مولو کي وري پروٽوڪول لاءِ ڊالي ۾ ويھڻو پيو، وڃي پھتا گلن جي ورکا ۾، ٽنگ ٽنگ تي چڙھي پئي وڏيري جي شھپرن کي سٽڪا، تيستائين شوروم وارو پڇائون ڪندو ڪندو ميدان ۾ پهچي ويو، وڏي ڇڪ ڇڪان کانپوءِ ويگو شوروم وارو ڪاھي ويو، ڪجهه ڪپڙا به ڦاٽا، ھاڻي ھمراهه آھستي آھستي کسڪڻ جي ڪئي، تولو ۽ مولو، خالو هوٽل وارو جنھن ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ چڻن جو گاڏو لڳرايو هو، اتي بيٺل ھئا، بس وڏيرو اچي اتي پھتو شاباش ھجي خالو کي پوءِ به ڳوٺ جو هو جنھن گاڏي جي ھيٺيان ٻوري ٻڌل ۾ لڪائي ويھاري ھڪ چڻن جي پليٽ ھٿ ۾ ڏنائين، چيائين بک ٿو مرين ماٺ ڪري کاءُ، ائين وڃي گھر ڀيڙو ڪيائين ۽ سمجھائيندو ويس، آئون به فنڪاريون سکيو ھئس سرمائي سائينءَ کان، ڏاڍا پادر کاڌاسين، بس توبهه ڪئي سون، آئون چڻا پيو کپايان ۽ سائين سرمائي شام جي وقت پڪوڙا پيو ٺاھي، بس اھڙي ڦوڪڻي تي اعتبار ڪھڙو جيڪو گهڻي ھوا ڀرجڻ سان ڦاٽي پوي.