تڏي آئي ۽ پُٽ ڄائي به ڪو آرھو ٿئي؟
راڻو رتن اڌار کڻڻ جو وڏو شوقين ھوندو ھو، ھميشه پيو وجهه ڳوليندو ھو، ڪٿان ڪا اڌار ملي پوءِ ڀلي ڪو فلاحي ادارو ڇو نه ھجي يا ڪو (اين جي او) مطلب ته دوست رشتيدار پاڙيسري راڻي رتن کان بچي به ڪيئن؟ اڌار گھرڻ جا نت نوان جديد طريقا استعمال ڪرڻ جو ھنر به ڪو وٽانس سکي، ائين ڌوڙيا لاھي ڇڏيائين پنجن رپين واري شيءِ پندرھ رپين ۾ پيو چُڪائي کڻي، لالچي لوڀ ۾ ڪنڌ نمايو اچيو پاڻ ڏين، پوءِ راڻي رتن جو ڪھڙو ڏوهه؟ گراھڪ گھر ويٺي اڌار ڏيو وڃن ٻيڻا ٺاھڻ جي چڪر ۾.
ھڪ دفعي متارو مسڪين جنهن جو ڪيتري وقت کان راڻي رتن ڏانهن قرض رھيل ھو جڏھن گھرڻ وڃي ته جواب ۾ اھا ورندي اچي بس منھنجو ڇوڪرو ٿيڻ وارو آھي دائي ٻڌايو آهي، بس پوءِ پئسا گھر ويٺي ڏئي ويندس، متارو مسڪين سوچيو ويچارو راڻو پريشان آھي شايد ٻار جي معاملي ۾ شايد ڪا آپريشن وغيره جو ڪو مسئلو آهي، ڀلي فارغ ٿئي، ائين وقت گذرندو ويو، هڪ ڏھاڙي نديم ناسوري جيڪو ويجھو راڻي رتن جو عزيز ھو، ھڪ ھوٽل تي ڏسي سڀ قرضي گڏ ٿيو راڻي رتن کي ڦريو ويٺا آھن، ھي به وڏو ناسوري فقير ھو وڃين پاسو ورتائين سڀ پيا پڇن ته راڻا تنھنجو ڇوڪر ٿيندو ڪڏھن؟ راڻي وڏا ٽھڪ ڏيندي چيو بس دير ڪانھي، اتي ناسوري نديم پڇيو ڀلا راڻا رتن تنھنجي ڇوڪر جي پيدا ٿيڻ سان ھنن قرضين جو ڇا جيڪي سڄو ڏينهن گھر جي گھٽي تي بيٺا آھن، پاڙي وارا ماڻهو سمجھن ٿا راڻو ڪا وڏي ھستي ٿي ويو آھي ڏاڍا مھمان اچن ٿا وٽس، اصل ڳالهه جي خبر ھاڻي پئي آهي، راڻي رتن ورندي ڏني، ناسوري! منھنجا ماڻھن کي ڪروڙين رپيا ڏنل آھن مبارڪن جا بس ڇوڪر جيئن ٿيو سڀ وصول ٿيندا، پوءِ الٽو ڪار به وٺبي ۽ قرض به ڏبا ۽ توکي به گھمائيندس، ناسوري ھيڪر ته خوش ٿي ويو سڀ قرضي حيرت مان ھينئان لاٿار ٿي ويا، پر راڻو رتن کلڻ ۾ لڳي ويو، ناسوري به ناسڪا ھڻندو وڃين گھر پهتو خبر پئي ته ٻار ته پري جي ڳالهه آھي ھمراھ اڃان ڇڙو ڇانڊ آھي، شادي جھڙي آھي تھڙي ڪانھي بس ناسوري الٽو ۾ گھمڻ واري ڳالهه تان ھٿ کڻي ويو پر قرضين کي ٻڙي ڏيڻ جو سوچيائين، وڃين متاري مسڪين جي ڪن ۾ سس پس ڪيائين، متارو ڪيئن مڃي جيڪو خيالي پلاءُ ۾ ٻيڻان ڏوڪڙ ٺاھيو ويٺو ھو اھو يقين ڪرڻ باوجود به آسرو ڪيئن پلي.
دوستو، دنيا جي وھنوار ۾، زندگيءَ جي خواھشن ۾ سواءِ ٺڳيءَ جي ٺڪائن کان ٻيو ڇا آھي؟ ويچارو انسان متاري مسڪين وانگر نفس راڻي رتن جي آسري رڳو خوش فھمي ۾ آڱرين تي ڳڻيندي ڳڻيندي سڄي بازي زندگيءَ جي ھارائي ھٿين خالي واپسيءَ جي ٻيو ڪجھ بچندو ڇا؟ بس سوچيندي ٻيڻا کڻڻ جي بدارن وکر اھڙو ويھارجي جيڪو پنهنجي مٺ ۾ ھجي ۽ خراب به نه ٿئي.