ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

ٽانڪيون ٽانڪا ۽ ٽوٽڪا

ٽانڪيون ٽانڪا ۽ ٽوٽڪا


جڏهن هيٺاهين سنڌ ۾ ڪڏھن به وارا بندي ڪو نه ٿيندي ھئي، نھري نظام مسلسل روان دوان رھندو ھو، جيڪڏهن ڪو شاهوڪار ٺهرائيندو هو، زمين جي سطح تي ھوديون يعني ٽانڪيون ٺھيل ھونديون ھيون، واٽرن مان گڏھ گاڏين تي ڊم رکي يا مشڪون يا ساندارين جي ذريعي ڀريون وينديو ھيون، غسل ۽ وهنجڻ لاءِ کوھن يا واٽرن ۽ ڪينالن جو رخ ڪيو ويندو ھو، عورتن لاءِ خاص مقام درياھ کان وٺي ڪينالن تي ٺھيل ھوندا ھئا، جتي ھو ڪپڙن جو ڌوپ يعني ڌوئڻ سان گڏ غسل جو اھتمام ڪنديون هيون، ايڏي عزت ۽ احترام پردي داري جو خيال رکيو ويندو هو، مجال آهي ڪو غير مرد ان طرف لنگھي وڃي، ڇوڪري ڇٻر کي جرئت ئي ڪان ٿيندي هئي، ڳوٺن جا رکوالا وڏيرا انھيءَ ڪم ۾ ڏاڍا سخت ھوندا ھئا، اھڙي حساب سان مال وغيره لاءِ کاڻيون ٺھرائيل ھونديون ھيون جتان ڪچين ديوارن ۽ ان تي گارو يعني راڳو ڪرڻ ۽ مٽي کڻڻ ۽ جانورن پالتون کي پاڻي وغيره پيارڻ جو ڪم ورتو ويندو هو، اھڙي طرح گوچر يعني اھڙا چراگاهه خالي ھوندا ھئا جتي ڳوٺاڻن جا پالتو جانور چري سگھن، گاھ وغيره ان ۾ قدرتي ٿيندو رھندو ھو، اھڙيءَ ريت ٻٻرن جا وڏا وڻ جنھن کي ھُڙِيُون چيو ويندو ھو جيڪي جهجي انداز ۾ ھونديون ھيون، جنھن جا ڪاٺ گھر ٺاھڻ کان وٺي جنھن ۾ ڇنا منا چونئرا وغيره ٺھندا ھئا، ان سان گڏوگڏ ٻارڻ جو ڪم ورتو ويندو ھو، شادين ۽ فوتگين ۾ پاڙي جا ماڻھو پاڻ پھچائي ويندا ھئا، پاڻ ۾ اعتبار ۽ ناتا ايترا ته مظبوط ۽ پائيدار ھوندا ھئا جيڪڏهن ڪنھن ھڪ جو ڪو مھمان ايندو ھو ته اھو سڄي پاڙي ۽ ڳوٺ جو مھمان سمھجيو ويندو ھو، اوطاقن تي مھمانن لاءِ ھر وقت ماني کير ۽ لسي جو انتظام ڪيو ويندو ھو، کير ۽ مکڻ کي وڪڻڻ وڏو عيب سمجھيو ويندو ھو، اھڙي طرح وري ٿر ۾ برساتن جو پاڻي سڄي سال لاءِ محفوظ ڪرڻ لاءِ ٽانڪا مٽيءَ مان اھڙي مھارت سان جوڙيا ويندا ھئا جو ان ۾ پاڻي خراب ڪو نه ٿيندو ھو ۽ سڄي سال دستياب هوندو ھو، پيئڻ لاءِ اھڙي ريت اناج لاءِ گدام ٺاھيا ويندا ھئا ۽ مال جانورن لاءِ خوراڪ کي ذخيرو ڪيو ويندو ھو، سنوارت وارو نائي يا درزي سڄي سال لاءِ مقرر ھوندو ھو جنھن کي فقظ اناج ڏنو ويندو ھو، ڪڪڙ، گھيٽا ۽ ڇيلا مھمانن لاءِ مخصوص پاليا ويندا ھئا، ڪڏھن به مادي جانور يا ڪڪڙ حلال ڪون ڪيو ويندو ھو، ڀاڄي جي جڳھه تي کير مکڻ ۽ لسي جو استعمال گھڻو ڪيو ويندو هو، جيئن جيئن انسان جديد ٿيندو ويو انھي جديد ٽوٽڪا ميدان ۾ متعارف ڪرايا، کائڻ پيئڻ ۽ اٿڻ ويھڻ جا اسٽائيل تبديل ٿيندا ويا، گھرن جا ڊزائين مختلف صورتن ۾ سامھون اچڻ لڳا، لائيٽ جي فراهمي گھر گھر ٿيندي وئي، گھرن جي مٿان ٽانڪيون ٺھڻ لڳيون ۽ انھن جا نمونا مختلف طريقن سان سنوارجڻ لڳا، پاڻي لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيمون اچڻ شروع ٿي ويون ۽ تلاءَ ٺھڻ لڳا، پاڻيءَ کي محفوظ بنائڻ لاءِ جيئن جيئن ٽانڪا جڙيا ته وارا بنديون شروع ٿي ويون، جيئن جيئن ڀاڄيون اچڻ لڳيون ته کير گيهه مکڻ لسيون ختم ٿينديون ويون، اوطاقن جي جڳهه تي ھوٽلون جڙيون، محبتن جي جڳهه تي نفرتن ۽ حسدن جايون والاريون، حيا شرم جي جڳهه تي بي شرمي اچي وئي، بردباري برداشت جي جڳهه تي ڪاوڙ بخيلي ڪاھي پئي، ڪچھرين جي جڳهه تي فون، ٽي وي اچي ويا، سماجي واسطا سياست جي ور چڙھي ويا، افراتفريون سڪون ۽ راحت آرام کي کڻي ويون، پالتو جانور ڊيري فارمن ۾ قيد ٿي ويا، اصل ڪڪڙ فقط ويڙھ لاءِ وڃي بچيا ھئا، هائبرڊ ڪڪڙ ۽ انسان متعارف ٿي ويا، ھرطرف ڪيميڪل شيون مارڪيٽ ۾ پيڪينگ ۾ دستياب ٿي ويون، بس ٽانڪيون ٽانڪا ۽ ٽوٽڪا اسان جا پيٽ ٿي ويا، جيڪي انسانن جي خواهشن کان وٺي انھن جي خونن سان ڀرجي ڀرجي ڦاٽي رھيا آھن پوءِ به اسان پنهنجو پاڻ کي جديد انسان سڏيون پيا.