نه ڪُھڻ نه ڏُھڻ پوءِ ڇا جو روئڻ؟
دنيا جي فطرت ۽ انساني ضرورتون، دوستيون، رشتيداريون، وڻج واپار، کيتيون، آباديون، رسمون ۽ رواج، غميون ۽ خوشيون، موج ۽ مستيون، تدبيرن ۽ تقديرن جو ڳالھيون ٻڌڻ ۽ سکڻ لاءِ ڏاھن ۽ سگھڙن جي واتان ڪڏھن ڳجھارتن جي صورت ۾ ته ڪڏھن وري شعرن جي صورت ۾ ملن ٿيون، ناتا ۽ دوستيون نڀائڻ لاءِ رکبيون آهن، نڪي مفادن جي واسطي، پر ھاڻي گاڏو ئي چٻو لڳو پيو آهي، سڀ ڪھاوتون ڪوڙيون خبرون پيون لڳن، سڀ مٽيون مائٽيون ڄڻ ڪاغذ ڪورا بڻجي چڪيون آهن، غميون خوشيون بس ان ٽشو پيپر وانگر ٿي چڪيون آهن جنهن کي استعمال ڪرڻ کانپوءِ اڇلائي ڇڏجي ٿو، عجب لقاءُ آهي، نڪو ڪو ترس آهي نه ئي ڪو تعارف، وفا جو ڪم نڪتو ناهي پنو ڦاٽو ناهي، قرابت ۽ واسطو ڄڻ ڦوڪڻي ۾ ھوا، مطلب واري نڪتي ناھي ڪنھن ڪم جو نه رھيو، اھڙا ماڻھو جڏھن مسڪيني ۾ ھئا ڄڻ وڏا ھڏ ڏوکي پئي لڳا، جڏھن پيرن تي بيٺا ڪنھن حوالي سان ڪٿي غمي خوشي ۾ جيڪڏھن آمھون سامھون ٿجي ٿو ته چھرو لڪائي ڀڄن ٿا، ان مان ٻه شيون واضح نڪرن ٿيون، هڪ ته ڪو ڪم نه پوي، پر ٻي خاص ڳالهه جيڪا ذھن ۾ اچي ٿي ته متان ڪٿي منھنجي اصليت ڳالھين ڳالھين ۾ ظاهر نه ٿي پئي. اھڙي ريت تولو مولو جو پڳ مٽ يارڙو قاضي قادن ڪنھن وقت ۾ ڏاڍو ڪمزور ھوندو ھو، شلوار پائڻ جي به خبر ڪو نه پوندي ھئيس، ڪڏھن ڪڏھن گوڏن کان مٿي شلوار کڻي ڇڏيندو ھو، ڪڏھن وري ھڪ پانچو ھيٺ ته ٻيو مٿي ٿي ويندو ھو پر ھمراھ کي سمجھ ۾ ئي ڪو نه ايندو ھو، سندس والد ويچارو رڳو گگون ڇاڻڻ ۾ پورو ھوندو ھو، پراڻي ھڪ ڦٽڦٽي تي ننڍا وڏا گڏجي سوار ٿيندا هئا، بس وقت ڦريو ھمراھ ڪجھ ڏانءُ سکيو، ائين ڪندي گاڏيون بنگلا بس ڊزائين ئي تبديل ٿي وئي، استري ڪاٽن جي به ٻئي شھر مان ٿيڻ لڳي، سنوارت کي اڳي ڪيترا ئي مھينا گذري ويندا ھئا، ھاڻي ته وڏا فيشل اڇا ڪارا برش واھ واھ لڳي پئي آهي، ڳالهائڻ جا اسٽال مان تان بس ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن، تولو مولو کي جيڪڏھن ڪٿي ڏسي منھن موڙيو وڃي، خانو چانهه واري ھوٽل جي مفت چانهه به ياد نٿو ڪري، تڏھن چون ٿا اھو ڪھڙو جانور پالجي جيڪو ڪُھڻ جي ڪم اچي نه ڏُھڻ جي، باقي خوامخواه گاھ جي چٽي.