جنوني الست شخص
تازو تولو مولو پنھنجي يارن ڏانھن نڪتل ھئا، وقت پاس ڪرڻ لاءِ، ڪچھري ڪندي ڪندي ڳالهه نڪري پئي ته يار جيئن جيئن گرمي پد وڌندو پيو وڃي ائين ڪاوڙون پيون وڌن، الاھي ڇا ٿي ويو آهي انسانن کي؟ جنھن کي کڻي ڏسو بس ڪانٽو ٻارنهن کان مٽيو پيو وڃي.
جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ھڪڙا دوست نڪتل ھئا ڪنھن دوست جي سڏ تي، واپسيءَ ۾ ايڏو تڪڙ سان وريا جو سڀ ڦٽا پيا ھئا ڪو به ڪنھن سان نه ڳالھائي، بس اسان به ڏٺو سون پر ماٺ ڪئي سون ھمراھن جي حالت حال پڇڻ جھڙي ڪو نه ھئي، مٿان وري مولو چيو ھاڻي خير صبح ساڻ سوشل ميڊيا تي سڄي رپورٽ اچي ويندي واقعي ٿيو به ائين، سڄي ڪاروائيءَ وڏيري جي پٽ اسان کي سڏي سڄيءَ روئداد ٻڌائي ۽ پڇيائين اوھان ھنن سان گڏ ڪو نه ھئا، اسان ڳالهه کي سمجھي چپ جو روزو رکيو سون، چيائين وڏي سوشل ميڊيا تي دٻ دٻان لڳي پئي آهي، پاڻ وارو فراقي ڦٽيل شعر پيو پڙھي ۽ جنوني الست تپيو ويٺو آھي، بهرحال مٿان خالو ھوٽل وارو پھچي ويو ۽ ڳالهه مان ڳالھڙو ڪرڻ کان روڪيندي سياڻپ ڏيکاريندي چيائين، تولو مولو وڏيرو صحيح پيو چوي، اڄڪلهه ھر ڪو جنوني الست ٿيو پيو گھمي، ڪنھن جي قلم ۾ جنون، ڪنھن جي سوچ ۾ جنون، ڪنھن جي ڪچهري ۾ جنون، ڪنھن جي لفظن ۽ تقرير ۾ جنون، مقصد ته اسان جو معاشرو ذھني حدون جنونيت جون پار ڪري ويو آهي، ڪنھن جو ڪپڙو نٿو وڻي ته ان تي به ٺٺوليون ۽ بحث تبصرا، ڪنھن جي ڪاروبار تي چڙ، ڪنھن جي نالي سان ناراضگي، جنهن جي فائدي واري ڪا ڳالھه ڪانھي بس ھو جنون جي حد تائين پھچيو وڃي، سڀئي لقب ڏيو ڇڏي، بس ھرڪو ٻئي تي حاوي ٿيڻ لاءِ ۽ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ حربا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، جيئن گونگو ڄڻ لائوڊ تي ڪم لٽيو بيٺو ھجي، ان کي خبر به آھي مالڪ مونکي ڳالھائڻ واري سگهه ناھي ڏني، تڏهن به ٻئي کي ھٿ لاھڻ ناھي ڏيڻو ڀلي گگن سان ڇو نه ڀري ڇڏي، ائين انڌو آئيني جي سامھون بيهو اپوزٽ کي شڪل ۽ شبيهه پيو ٻڌائي، پر ان کي صورت ڏسڻ به ناھي ڏيڻي، وري گنجو مٿي تي ڦڻي گھمائي گھمائي تارون ۾ داڳ ڪري ڇڏي واھ واھ وارا لفظ پيو اچاري، پر ڪنگو پاڻ تائين محدود، جيئن پاڻ وارو ڪاڪو قادن ڪنن کان ٻوڙو پاڻ کلي ۽ هاڻ روئي ڏوهه سڄيءَ ڏيهه تي بس ڇا چئون.
جيڪڏھن اسان وارو اڄ جو انسان پنهنجي اندر واري جنوني حسد تي ڪنٽرول ڪري ۽ پنهنجو محاسبو ڪري ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن، جڏھن اسان رڳو ھر عيب ھر ڳالهه ٻين ۾ ڳولڻ جي بدران پاڻ ۾ ڳولي اُهي عيب ظاھر ڪريون ته معاشرو ھن انتشار جو اصل شڪار ٿئي ئي ڪو نه، جڏھن اسان سڀ پنھنجو پاڻ کي آپي خان ۽ ٻئي کي گھٽ اھميت ڏيڻ شروع ڪنداسين ته حشر اھڙو ئي ٿيڻو آهي. اوھان مونکي ڏسو آئون ھاڻي ھوٽل تي ويھي ھر گراھڪ کي ڏسان ٿو انھن جون ڪچيون ڦڪيون ڳالھيون ٻڌان ٿو، ڪو چانهه مان عيب پيو ڪڍي، ڪو پاڻي مان، ڪو وري ٻاھر واري کي گھٽ وڌ پيو ڳالهائي، آئون سڃاڻان ٿو جيڪو ائين چوي پيو ان کي کٽ به گھر ۾ سڄي ڪونھي پر ھوٽل تي ڪمدار سان گڏ اڌار تي چانهه پيئڻ آيو آھي، صبر ڪرڻو پوي ٿو مونکي به اڳي اھڙي برداشت ڪو نه ھئي پر سائين سرمائي ۽ سائين لکاني سان ڌڪا کائي کائي پرايون اوطاقون ماپي ماپي ڏاھا ٿي وياسين، ھنن وڃي ٻيون فيلڊون سنڀاليون مونکي ھوٽل تي لڳائي ڇڏيو اٿن، دوستن کي ڪجهه ونڊي ورڇي ۽ ٿڌو ڪري کائڻ گھرجي جيئن ھمراھ گرم لاءِ نڪتا ٿڌا ٿي اچي لٿا، مٿان وري جنوني الست ڳالهه کي گهوٻاٽو ڪريو پيو گھمائي.