لالچي لومڙي، بگهڙن جي ڳوٺ ۾.
جڏھن معاشرو سڄو ئي بگهڙن جو ھجي اتي لالچي لومڙيون پيدا ته ضرور ٿيڻيون آهن، اھو انسان جي فطرت ۾ شامل آھي ھر شيءِ جيڪا ظاھري اکين کي متاثر ڪري ان جي خواهش پيدا ٿيڻ انسان جي خامين ۾ اچي ٿي، پوءِ اھا متاثر ڪندڙ سواري ھجي يا سونھن ڀريو چھرو ھجي يا رھائشي گھر کان وٺي منصب ۽ مراتب ڇو نه کڻي ھجي، ان جي وقت کان پھرئين سواءِ ميرٽ جي طلبي اسان کي يا ذھني بيمار بڻائيندي يا لالچ جي بازار ۾ پھرئين وڪامي پوءِ خريدڻ جي ڊوڙ ۾ ڊوڙائڻ لاءِ تيار ڪندي. چوندا آهن چنڊو چنڊن کي ڳولي وڃي ھٿ ڪندو آهي، ھر ڪو پنھنجي ھم خيالن جي تلاش ۾ رھندو آھي، فقير فقيرن سان ٺھندو آھي، امير اميرن جي ڀر وٺندو آهي، غريب ويچارڙو پنهنجي خبرون پاڻ جھڙن غريبن سان وڃي سليندو آهي، ائين ڪنھن نشي ۽ منشيات جو عادي جيستائين پاڻ جھڙن سان گڏ نه ويھندو نشو اصل چڙھندس ئي ڪو نه، پر ھڪ اصلي فقير وري به انھن سڀني کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ھوندو آھي ۽ پنهنجي گودڙيءَ ۾ جڳهه ڏيڻ جي به ڪوشش ڪندو رھندو آھي، من ڪو فقيري واري رمز ۾ اچي لالچ جي مرضن کان بچي پوي، پوءِ قسمت ۽ مقدر جي راند آھي جنھن جو جتي لکيو اتي وڃي داڻو چڳي، جڏھن نئون لالچي نئين بازار ۾ پراڻن ۽ جھونن بازيگرن کان فن اٽڪلون سکڻ نڪرندو آھي، پھرئين ته ھو انھن جي ھٿان ٺڳجي ٺڳجي ڪاريگر ٿيندو آھي، ڇاڪاڻ ته ڪڏھن به لالچي پنھنجيون تدبيرون سيکاريندو ڪو نه، ان لاءِ ته متان منھنجي ڌنڌي ۾ گھٽتائي نه اچي، پر ھو انھن سان گڏ رلي ملي سکي وٺندو آھي، پوءِ اھو نئون لالچي پراڻن رھزني لالچين کي پويان ڇڏيندو سڀ گڻ ۽ اٽڪلون سکي مھارت حاصل ڪري، ڪڏھن نه ڪڏھن وڃي بگهڙن جي پاڙي ۾ سندن شڪار ٿي سڄي ڪمائي ھڪ ڌڪ سا چٽ ڪرائي پوءِ موٽندو، پوءِ گوشه نشين ٿي ويندو يا وري ڪنھن فقير جي پناري پوندو، سڄي روئي دانهه ڏيندو، پر فقير وري پيو کلندو ڇو ته ھو اڳ ۾ ئي ھڪ ڄاڻو ماھر ھوندو آھي، سڀ ڪجھ سڃاڻڻ بعد فقيري اختيار ڪندو آھي، پر خاموشيءَ به ايتري جو ظاھر ڪرڻ ۾ عيب محسوس ڪندو آھي، رڳو لالچي ھمراھ جي ڳالھه ٻڌڻ بعد کلي چوندو لالچي لومڙي وڃي بگهڙن جي ڳوٺ ۾ پاڻ کاڄ ٿي.
چون ٿا پنهنجو پاڻ وڃي ڦرائي ان جو ڪھڙو داد ۽ فرياد، ڇاڪاڻ لالچ موت جي ڀيڻ به سڏجي ٿي، جيڪو ھڪ سٺي انسان کي به لالچ جي پويان ڀڄائي ڀڄائي ٿڪائي وري فقير ٺاھي ٿي، ڦرجڻ کان پوءِ ڪو فڪر باقي رھندو ناھي، پوءِ آساني سان صبر سان فقيري رمز ۾ رھي پوندو پر ھڪ دفعا اھڙن عادتي نون لالچين جو پانارو بگهڙن سان پوڻ ضروري آهي، ڌڪا ٿاٻا کائڻ سواءِ ڪھڙو قدر ٿيندو آهي، ڏکن بعد سکن جو مزو ئي پنهنجو آهي، گھڻي ھڻ ھڻان مان جان آزاد ٿي ويندي.