اوجھري جا ڪم ڏسو گوشت پئي سڏائي
معاشي شرارت ۽ جاگرافيائي ڄنڊا پٽ دنياوي لاڙھا چاڙھا، ڪڏھن مٽ ماٽي تي ڪڏھن ماٽي مٽ تي، ڪڏھن دال چلهه تي، ڪڏھن چلهه سيني ۾، ڪڏھن سينو سرت ۾ ڪڏھن سرت ساڃاھ جي اڻاٺ ۾، ڪڏھن اوڻايون اوچائي اشارن تي، ڪڏھن اشارا فردن جي فرمائشن تي، ڪڏھن لفظن ۾ تال ميل، ڪڏھن تال ميل ۾ لفظن جون لذتون، ڪڏھن لذتن ۾ لالچون ڪڏھن لالچن ۾ ٺوڳي پٽ اوڀائي جو، جيڪو جھڙو تھڙو ماري پر وقت نه وڃائي پنھنجو. جڏھن دنيا جي نقشن تي نھاربو ٿورڙو پويان تاريخ مٿي وڃبو اڳي ويڙھون سرحدن جي حصول تي هونديون ھيون، سرحدون پار ڪبيون ته سڀ ٺيڪ ٿيندو، پر ھاڻي جنگ رڳو روٽي ڪپڙي تي آھي، سڄو زور خوراڪ ۽ اناج جي پورائي يعني معاشي شرارتون ڪڏھن ڪھڙي روپ ۾ ڪڏھن ڪنھن نئين ايٽم ۾، ڪڏھن ايندهن جي کوٽ ته ڪڏھن فقدان پاڻي جو، ڪڏھن حصولِ روزگار جو فڪر ته، ھڪ طرف اشياء جي قلت، پر قلت ناھي، قيمتون مٿي ٿي ويون آھن، جنھن شيءِ کي ھٿ لاھجي ٿو ته ناڻو ڊبل ٿيو وڃي، افراتفري جو اھڙو عالم جنھن جو مڪمل نقشو رمضان ۾ ظاھر ٿيڻ جو اوسيئڙو رھي ٿو، ڪڻڪ آبادگارن کان نڪري واپارين جي ڀانڊن ۾ پھچي چڪي آهي، ائين روزمره جي واپرائڻ جون شيون ويون وڏن مڇين جي منھن ۾، بس ھر طرف معاشي شرارت چوٽ چڙھي وئي آهي، ٻئي پاسي انٽرنيٽ جا مزا ۽ وات مٺو ڪرڻ لاءِ سڀ لھي پيا آھن دين ڌرم جي طرف، ھرڪو ڪنھن نه ڪنھن کي ڇڪيو بيٺو آھي، جڏھن قلم ۽ عقل علم واندن جي ور چڙهندو، جيڪي ڪمرن ۾ آرام سان ٽيڪ ڏئي پيا فيسبڪ تي ڦٿڪندا ته پوءِ سماج ۾ انتشار ۽ حرام پايون جنم وٺنديون، ڪي ته واقعي حقيقن تان پردا کڻڻ وارا ھوندا، ڪافي وري شھرت جا بکيا رات ۾ مشھوري ماڻڻ لاءِ ميدان ۾ لھي ايندا، نقصان وري به اوجھري جو ٿيندو ڇو ته ويچاري اوجھري آھي ته گڏ گوشت سان، پر گوشت تسليم نٿي ٿئي، ان کي به کينچل ٿئي پئي ته آئون گوشت ٿيان پر متان ڦوڪجي ڦوڪجي ڦاٽي واجهه نه ڇڏي، اھڙن ننڍڙي ذھنيت وارن کي اوجھري وڏي رکڻ گھرجي خوامخواه ڪنهن جي به دين ۽ ڌرم، عقيدي ۽ نظرئي ۾ خوامخواه وچ ۾ اچي فارم نه ڀرائجي، الله سائين جي ذات کي ھر ڪو ڪنھن نه ڪنھن طرح تسليم ڪري ٿو، انتھا پسندي ڪنھن لاءِ به چڱي ناھي ڀلي اھا معاشي ھجي يا ذھني ھجي، واپاري ھجي يا فزيڪلي ھجي، يا کڻي جاگرافيائي صورتحال ھجي، امن سٺي واٽ آھي ۽ ڀائيچارو بھترين ھٿيار آھي، ھڪ ٻئي کي ھضم ڪجي پر اوجھري کي گوشت سمجهي ھضم ڪو نه ڪبو.