ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سڻڀا، اڻڀا، کارا، مٺا، کٽا سڀ ھڙپ

سڻڀا، اڻڀا، کارا، مٺا، کٽا سڀ ھڙپ

جڏھن قوتِ ھاضمه هڪ وڏي مقدار ۾ مختلف غذائن کي هڪ ئي وقت هاضمي ڪرڻ جي طاقت رکي، پوءِ ڪھڙي ڊاڪٽر جي پرواھ آھي؟ ۽ ڇا جي لاءِ ڪنھن حڪيم جو پڇجي؟ جيڪو آيو سو اگھيو. ننڍي ھوندي اسڪول ۾ ھڪ شيدي ڪرتب اچي ڏيکاريندو ھو، شيشا ۽ ٽائر پر خبر ناھي ڇا ڇا کائي ويندو ھو، ائين وري ڏاڏي وڏي جي دؤر ۾ ھڪ ملنگ فقير ايندو ھو جنھن جي اڳيان ڇيلي جو ڪچو گوشت رکبو ھو جيڪو ھو ظاھري طور کائڻ شروع ڪري ختم ڪري ڇڏيندو ھو، اھڙا منظر اسان جي اکين پاڻ ڏٺا، پوءِ انھن کي اسان ڀلي ڪهڙا به کڻي نالا ڏيون پر اهي سڀ منظر اسان جي اکين جي اڳيان گذريا آهن. ھاڻي جڏھن تازو ڪاڪي اوڀائي جي سس فوت ٿي، اصل ۾ ته چاچو اوڀايو دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ھوندو، پر زال ماسي چپرا جي پادرن جي ڪري اکين ۾ لونگن جو پاڻي وجھي روئڻ جو ڊرامو ڪرڻ لڳندو ھو، وري ماسي چپرا دلاسو ڏئي ماٺ ڪرائيندي ھئي ۽ چوڻ لڳندي هئي ته، دل سوڙھي نه ڪر آئون جو ويٺي آھيان، اندر مان ڪاڪو اوڀايو چوندو ھوندو ته اھو وارو تنھنجو ھو، ھو ويچاري خوامخواه جھپجي وئي. ڳالھ ڪوتاھ فاتح جي رسم ادا ڪرڻ واسطي تولو مولو وارو سڄو ٽولو خالو خانڻ جي اڳواڻي ۾ ھڪ نئي دوست مجن ماريل سان گڏ وڃي اتي لٿو، ان ڏينهن ڪو ختمو رکيل ھو، پاڙي واري مولوي يعقوب ۽ گڏوگڏ سندس شاگردن کي گھرايو ويو هو، پر ٿيو ائين جو ھنن ھمراهن نه ڏٺي هم نه ڏٺي تم دسترخوان تي حملو ڪري ڏنو، ڪاڪو اوڀايو شرمساري وچان ماٺ ۾ رھيو، اڃان به پراڻن دوستن تولو مولو جي هدايتن تي ڪجھ رحم پئي ڪيو، باقي جيڪو نئون مجن ماريل آيو ھو ان مڇي، ڪڪڙ فارمي، ڪسٽر، مٺا چانور وري مولوي يعقوب وارو دھي جو ڊٻو، ديسي ڪڪڙ ۽ ڪڙھيل کير جو وٽو سڀ چٽ ڪري ڇڏيائين، بس جڏھن خير سان واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو اچي پيٽ ۾ ھيرا ڦيري لڳيس، تولو مولو اديب سگھڙ خليل عارف کوسو جو شعر پڙھڻ شروع ڪيو، روڊ کائي ويو، پٿر کائي ويو، رستا کائي ويو، ٻڌائي کل مشخريون ڪرڻ لڳو، ھمراھ جي اندر ۾ جھڙي نيب جي ٽيم اچي لٿي هجي، ھڪڙي پاسي مڇي پئي ڦٿڪي ته ٻئي پاسي مولوي يعقوب وارو ديسي ڪڪڙ ۽ کير جو وٽو، اڃان پاسو ورائي مس ته وري ڇيلو ۽ ڪسٽر سميت دھي چانور فارمي ڪڪڙ پيڇو ڇڏين ئي نه، بس خالو خانڻ بيزار ٿي وڃي حڪيم الله رکئي وٽ پھچايو، حڪيم ڏسي خانو خانڻ کي ڪن ۾ چيائين تون وارو دوست صفا کائڻ جو جھڙو ڪامريڊ ھجي، اھڙو بد فعلو نه ٿيڻ کپي، سڀ اڻڀا، سڻڀا، کارا، کٽا، مٺا ھضم ڪيئن ٿين ٿا؟ اسان وٽ اھڙي اڃان ڪا ڦڪي ايجاد ئي ڪو نه ٿي آھي.