ڪاٺ ڪٺو ۽ طوطو
طوطائي رنگ جتي دل فريب آھي اتي خوبصورتيءَ جي علامت پڻ آهي، سبز رنگ اسان جي زندگيءَ جي بھترين رنگن ۾ شمار ٿئي ٿو.
طوطو پکي تمام قديمي پکي تسليم ڪيو وڃي ٿو، مثنوي روميءَ ۾ ان جي ڏاھپ ۽ سياڻپ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انبن جي باغن ۽ وڻن سان طوطي جي قربت ۽ قريبي نسبت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگھي، جيئن اسان وٽ انبن جا باغ ختم ٿيڻ شروع ٿيا ائين طوطا غائب ٿيڻ لڳا، يقينن ان جو ڪارڻ انھن جي رھائش جو مستقبل جو مسئلو برپا ٿيڻ لڳو.
طوطو ٻوليون سکي گھرن ۾ ڳالھيندڙ پکي طور پاليو ٿو وڃي، سندس دلچسپ انداز ٻولڻ گھر جي ٻارڙن جي وڏي وندر رهي آهي، خاص ڪري پوڙھي امان، نانيءَ، ڏاڏيءَ جي اڪيلائيپ ۾ شغل ليکي ويندي ھئي، ھاڻي طوطا ٻاهرينءَ ملڪن وارا ڄڻ ھائيبرڊ ھجن، جھرڪين وانگر پنڃرن ۾ بازارن ۾ وڪري لاءِ رکيا ويندڙ نظر اچڻ لڳن ٿا. باغن ۽ باغيچن سان عدم دلچسپيءَ جا ڪارڻ ڳولي لھڻ سجاڳ وندن جو ڪم آھي، انھن ساڃاھه وند ڌرين کي اھڙن ناياب پکين جي گمشدگي تي اچرج ھئڻ ضرور گھرجي.
جيئن اڄڪلهه انسان ۽ خاص ڪري انسانيت ناياب ٿيندي پئي وڃي، انھن جي خانه پوري ڪرڻ لاءِ متبادل مصنوئي انسان جنم وٺڻ لڳا آهن، ھاڻي ڀلا انھن اصلي انسانن جي جڳهه جيين پيش، سون جي جڳھه تي مصنوعي زيور مارڪيٽ جي زينت اچي بڻيو، ائين ھر جڳهه تي متبادل سسٽم رائج ٿي ويا.
اصل ۾ ان طوطي جو انبن ۾ گھر ٺاھڻ جو ڪم اھو ويچارو ڪاٺ ڪٺو ڪندو ھو جنھن جي وڏي نوڪ واري چهنڀ ان ڪاٺ ۾ بھترين گھر فراهم ڪندي ھئي، انھن اصلي ماڻھن وانگر جيڪي پنهنجي خانقاهن، درسگاھن، تربيت ۽ تعليم ۾ ھڪ وڏي ڪرداري انسان ٺاھڻ لاءِ ڄڻ ھڪ فيڪٽري طور ڪم ڪندا ھئا، انھن ادارن مان جيڪي به فارغ تحصيل ٿيا اُھي دنيا جا وڏا عظيم اڳواڻ، صوفي معلم، سخي بھادر انسان بڻيا، اڄ به انھن جون ڳالهيون ڳائيجن پيون.
بس ڪوشش ڪجي انھن ڪاٺ جھڙن ذھنن کي ٽاڪيندڙ اھڙن ڪاٺ ڪٺن جي ڳولا ڪجي، پر اھڙا باغيچا به ڳولجن جتي اُھي اچن ۽ رھن، اچي آماجگاھون ٺاھين.