گَنجو چوي، سڀ مون جھڙا ٿين
عادتون ڇٽن ھا ته لومڙيون لوريون ڏئي پنهنجي ٻچن کي شينھن جون آکاڻيون ڪو نه ٻڌائين ها، گدڙ ويچارڙا اونائيون ڪن بُک مان صابو سمجھي ته منھنجي ڪڪڙ فارم تي حملو پيا ڪن، اصل ۾ ھو اھو چوڻ چاھين پيا صابو ھٿ ڪڍ حلال سڀ تنھنجا پر مئل ته اسان لاءِ ڇڏ، پر صابو به جڏھن گدڙ جي اونائين واري ٻولي سمجھي ايستائين ڪاڪو ڏنو پھچيو وڃي، سڀئي مئل ڪڪڙ ميڙي سيڙي ڪامران جي دعوت ۾ ديگڙي حوالي، پر گاھ به ڀريءَ ۾ ته اچي ان کان اڳ ۾ خدن اچي خواريءَ جو سندرو ٻڌو، ڍاپي مري مورو ڏوهه پوي ڏاتن جي ڏانٽن تي (گاھ وڍڻ وارو)، ڏاتن ڏانٽو ڇو ڏنو؟ پر گھرڻ وارن کان به ڪير پڇي ته اوھان ڏانٽو کنيو ڇاجي لاءِ؟ جڏھن اوھان ھميشه پرايا گاھه چورائي لوسڻ نڪ ڪيا، جيڪڏھن ڏاتن جي ڏانٽي پنهنجو ڪم ڪٻاڙو ڪيو ته چڱو ٿيو، وري ڪٿي لوسڻ مانجھلي ڪو نه ٿيندو، ھاڻي ته گاھ جا به ڪئين قسم دريافت ٿيا آھن، اسان اڃان پراڻا طريقا پيا ڳوليون.
ڪالهه گنجي گاجن جڏھن خالو واري ھوٽل تي نديم ناسوري کي وڳ پاتل ڏٺي بس ھمراھ صفا ٺري پيو، وڃين گھر واري ٻڪري ۾ ھٿ وڌائين تياريءَ ڪيائين ته ناسوري واري وڳ وٺبي، تڪڙ ۾ ڀلجي ويو تولو مولو کي صلاح ھنيائين ته اوھين به وڳ وٺو، سائين لکاني ٻڌي ورتو چيائين گنجو تون پاڻ سمجھين وري ٻين کي پيو، اتي چاچي خدن وڏا ٽھڪ ڏئي چيو ته سائين لکانو اُھي سبق ته سڀ اوھان ئي سيکاريا آھن ھر ڪنھن کي انھيءَ دڪان واري طوطي جيئن پاڻ وانگر سڀني کي گنجو سمجھڻ، جيڪي عادتون اوھان پاڻ ۾ وڌائي وڏيون ڪيون اُھي ائين پيا سمجھو ڄڻ ٻين ۾ اھڙيون عادتون ھونديون، لٺيون ۽ موچڙا پاڻ جھليو ٽپا ڏيو ڏيڏر وارا، نھاريو پرايون کيڙيل زمينون وري چؤو ته سبحان الله! اُھي اسان پنهنجي عقل ۽ فھم ۾ ڪھڙيون ٺاھيون ڪاريون ٻٽالي واريو بوتلون چپن تي چاڙھيو ۽ سڄو جيڪي چاڙھين انھن سان گڏ ھلو وري سمجھو ته چاچي خدن به ائين ڪيو ھوندو، ڪجهه خوف خدا جو ڪريو ھاڻي ڀلي کڻي سائينءَ ٿي ويا ھجو پاڻ سڀ مديجي آھيون، ھڪ ٻئي کي سڄاڻون ٿا، وقت تبديل ٿي ويو آهي ھر ھڪ کي گنجو نه سمجھو متان ٽوپيءَ ۾ لڪيل تو واري ٺوڙ تي ڪنبر ڪامل وارا ٽٽل ٺڪر نه ڪٿي ھي ھمراھ ٽوڙي نه وجھن، تون سمجهين پيو انھي آڳاٽي زماني کي ھن وقت ڇوڪرا سڀ شوق مان ڪڪڙي ڪٽ ٿيو پيا گھمن، ڇڏين نه ڪٿي گنج سُڄائي، پوءِ پيو مائي ڀاڳيءَ وارا ڳاجهه ڳائين ۽ ساروڻيون سارين.