مرشد آهي پر گهوڙو گاھ مان ٻاهر ڪڍي
تولو مولو ڪو وقت هو، سائين سرمائي کي مرشد کي مڃيندا ھئا، پر چون ٿا وقت ھميشه ساڳيو ناھي رھندو، ڏسو اڄڪلهه ڪڏھن يارڙا ھڪ ھنڌ ته وري رات جي پيٽ ۾ ٻئي هنڌ بڻيا ويٺا هجن، خبرون ئي نراليون، جھڙوڪر تعلقات اصل ۾ ھئا ئي ڪو نه، دنيا جي مفادن ماڻھن جي پاڪ رشتن ۾ سڀ کان پھريائين چمڪ ڌمڪ ڀري پوءِ وري انھن ۾ نقل پڻي سان ربينن ذريعي سينگاري مارڪيٽ ۾ آندو، پوءِ چوندا آهن ته جھڙو وکر ۽ سودو ته گراھڪ به اوھڙائي ايندا، ائين ھن ھڻا ھڻ جي زماني ۾ ھر فيلڊ ۽ شعبي ۾ ڄنڊا پٽ لڳي پئي آھي، ھوٽل وارو ھوٽل واري کي بنهه برداشت نٿو ڪري، ڪوشش ۾ آهي ته ڪاري ڪامڻ ذريعي به ھن کي ھتان تڙجي جيئن آئون اڪيلو ٿي ھوٽل ھلايان، ائين مانڊلي واري کان وٺي سياستدان ۽ پاڙي جا وڏيرا آفيسر، پٽي ڀائي، ڀنگ ڀائي مطلب ته ھر واپار ۽ ڪاروبار کان وٺي نيڪي وارن ڪمن ۾ به ھيراڦيريون لڳيون پيون آهن، ھڪ ٻئي جا اصل ترا ڪڍڻ ۾ پورا، ڪو نه ڪو الزام ۽ بھتانن وسيلي ٻئي جو ڪاروبار بند ڪري پاڻ کي معتبر ظاھر ڪري پيش ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، جھڙوڪر پاڻ سئو ٻليون کائي به نيڪ ۽ ڪامل بڻيو ويٺو ھجي، زندگي جي روزمره ڪمن ۾ انسانن کي منجھائي ڇڏيو اٿن ته ويچارا ڪھڙا گس وٺن، جيڏانھن وڃن اڳيان سڀ ٻھروپيا پنهنجي پنهنجي ڌنڌي ۾ پي ايڇ ڊي ھولڊر لڳا پيا آھن، ڪميشن تي، بس متان ٿئي نه اونداه پير نه لھين پرينءَ جو، بس گڏ ڪري وٺجي جائيدادون ۽ ملڪيتون، ڪو فڪر نه ڊپ ڪو خدا جو خوف ڪونهي، توڪل سڀ ختم، ڳالھيو وڏيون پر ڏوڪڙن جي معاملي تي ڪير نه ڪنھن جو، عجب ستم ظريفي آھي، عيبن ڪڍڻ جا اھڙا ماھر ڄڻ ڪي وڏيون فلٽر مشينون گڏ کڻيو پيا ھلن، ھڪدم ٻئي تي تنقيد ڪري سڄي لسٽ جاري ڪري ڇڏيندا، وري ڇاڙتا اھڙا رکيل جو ڪوڙيون دعوائون ۽ ڪھاڻيون اھڙيون ته جوڙيندا جو پاڻ پيا شرم کان ڪنڌ ھيٺ ڪندا، عجب فسانا، وڃي جي پير کڻبا ڳالھه وڃي ڏوڪڙن تي ختم ٿيندي، ھڪ ٻئي جي گراھڪن تي اک، ائين تولو مولو ان وقت ٻن مرشدن کي ھڪ وقت سائين سائين ڪندا ھئا، ھڪ لکانو ۽ ٻيو سرمائي سائين، بس خالو واري ھوٽل تي چانهه جا چشڪا لڳا پيا هوندا هئا اھڙيون ڪوڙيون ٺڳيون جو سائين ويچارڙا ان غلط فھمي ۾ بس ھي ڪٽي کائڻ وارا نه خون ڏيڻ وارا مريد آھن، ٿيو وري ائين جو اڌ تي ٻنھي ھمراھن تولو مولو گاھ ڪارو لوسڻ پوکيو ھو، سائين لکاني جي گھوڙي سائينءَ سرمئي وٽ ترسيل ھئي، ٻئي گاھ لاءِ نڪتا ھنن جي اڌڙ مان گاھ ڪرڻ، بس ڇا تولو ھڪ ننڍڙي قد وارو وري ڪاوڙ ايڏي آئيس جھڙو ڦوڪڻو ٿي ڦاٽي نه پوي، لکانو اڳئي ڊڄڻو ھو رڙ ڪري چيائين تنھنجي مرشد سرمائي سائينءَ جي گھوڙي آھي! تولو چيو مرشد آھي پر گھوڙي گاھ مان ٻاهر ڪڍ.