کُٽا آھيون تڏھن به خان آھيون
چون ٿا رئيس رمو وڏي ڳالهه ھو، جڏھن مُڇين کي ڪارو ڪلر ھڻي وٽ ڏيڻ شروع ڪندو ھو ڄڻ ساري پاڙي کي پيو وٽ ڏئي ۽ وڏو شوقين به ھو خاص ڪري ڪٿي ميلو ملاکڙو نه ٻڌي، اڌار سڌار کڻي به پھچڻو ھوندو ھئس، پوءِ بس گھوڙن جي ڊوڙ دوران رڳو سندس نالا پيا ورتا ويندا ھئا، پھرين ته پاڻ ويگو گاڏي جي ڊالي ۾ بيهي ريس ڏسندو ھو، پوءِ جڏھن ڏوڪڙن جي ڪمي پيشي ٿي ته ڪاڪي ولڻ جي ٽريڪٽر ۾ ٽيڪجي مڊگارڊ تي الڙون پائي جهاتيون پائيندو ھو ۽ لڪندو به ھو متان ڀوتار ڏسي نالو نه وٺي لائوڊ تي ڇاڪاڻ جو خيصو خالي ٿي چڪو ھو، ايترو ھٿ کي تيز ھلايائين جو ھوريان ھوريان مٿان کان ھيٺائين ڏانھن رڙهندو ويو، ان ڪري جنھن سان مدِ مقابل ٿي مھاڏو ٿي اٽڪايائين انھن وٽ پرايو مال ھو، چون ٿا ته پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، خبر نٿي پوي باقي ويچارن وڏرڙن جي ڪمائي وارا ھڏا وڪڻي جيڪڏهن شوق ڪبا ته آخرڪار نتيجو اھڙو ئي اچڻو ھو، پوءِ رمو ڳالھيون ٻڌيون ته ماڻھو ڪيئن ٿا ڪمائين انھن جي ريس ڪرڻ شروع ڪيائين، پر اھا اٽڪل نه آيس، وري جو سوشل ميڊيا تي ڏٺائين ڌاڙيلن جا ٺٺ، ائين ڪرڻ جو شوق جاڳيو وڃي پاپڙ چوري ڪيائين پر پڪڙجي پيو، پاپڙ واري ترس کائي ڇڏي ڏنس، اھا سڄي ڪھاڻي سائينءَ سرمائي ھڪ ساھي ۾ چئي ويو، ايستائين تولو مولو گرم چانهه مفت واري ڳڙڪائي ويا، خالو جيڪو اڳئي تپيو ويٺو ھو دوستن جي رويي تي ڏاڍي ڪاوڙ ھئيس، جو ھميشه خالو کي برياني مفت واري وڻندي ھئي، ھڪدم جو تولو مولو کي ٻڌايائين تي پاڙي واري ڪڪڙائي چاچي ڪا دعوت ڪئي ھئي جيڪا ھنن دٻي کاڌي، پوءِ گرميءَ اچي کنيو تڏھن وڃي پاڻي جي ڀر ورتائون، بس خالو جيئن جيئن خبرون ٻڌي تيئن گرم ٿيندو وڃي، بس مٿان سائين لکاني رڙ ڪري ھڪل ڪئي ۽ چيائين نور ڀٽاري جو قسم! ڪڪڙائي وارا ڪڪڙ پيالو پيتل ھئا مونکي ادي سڀاڳي ٻڌايو ھو نه ته دعوت مون کي به ھئي، تڏھن تولو مولو کي ھيڏي گرميءَ ٿي، بس اھا ڳالهه ٻڌڻ خالو جو خاموش ٿيڻ ۽ تولو مولو جو الٽيون شروع ڪرڻ، بس چون ٿا ايترو ڪجي جو وري ٻاھر ڪڍڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ھميشه ٿڌو ڪري کائجي پوءِ رڳو پاروٿيون ڳالھيون بقايا رھجي وڃن ٿيون تي اڳئي ائين ڪندو ھئس ھاڻي پنا پيو ميڙيا، پير به سَوَڙِ جي ويڪر ڏسي پکيڙجن متان ٻاھر نه نڪري وڃن.