ٻرڙي ڪئي ٻارن سان، يارن ڪئي يارن سان
دنيا جا چھچٽا ئي آھن، جيڪي دنيا جي طرف سڏي وري ڌڪاريو ڪڍن، ويھاريو ويجھو وريو اڇلايو ڇڏين، پوءِ به دوکن ۽ فريبن جي ھوندي به دنيا قائم آهي، پنهنجي سڀ رنگينن سان ڇو ته وٽ وڪڙ ئي ته زندگيءَ جو نالو آھي، ڪڏھن سوڀ ڪڏھن ھار، اڇا ڪارا ڦڪا پيلا ضرور حياتيءَ ۾ ھلن ٿا، پر وفائون ويچارڙيون ڳوليندين شام ٿيو وڃي، رات ڪاري جي ڇانئجي وڃڻ کانپوءِ صبح جي انتظار ۾ ڏاڙھي جا وار سفيديء ۾ ڍڪجيو وڃن، سڃاڻڻ به مشڪل ٿيو وڃي جنهن لاءِ ڪارن مان اڇا ٿيا، ڪٿي راھون تڪيندي راھگير ڀٽڪيو وڃي، ڪٿي وري ڀٽڪيل راھ تي رسيو وڃي، ڪٿي جلوا جواني ۽ مستيون اھڙيون جو مليل ڏک درد ٽھڪن جي ٽاڪوڙن ۾ ڪجھ دير لاءِ وسريو وڃن، پر جڏھن اڪيلائيپ ڀاڪرن ۾ ڀري ته ستل سور وريو جاڳيو سامھون ٿيو بيھو رھن، ڪٿي عقل علم تي حاوي ڪٿي وري علم عقل تي حاوي بس ائين نشا نينهن جا سڀني تي حاوي وري رونشان ۽ رمزون اميرن لاءِ راند روند ڪٿي غريبن لاءِ ڳجھارتون پيٽ بکئي ڀريل جون، ڪٿي ٽيجوڙين جا دروازا کليل ڪرسي جي مزي لاءِ، ڪٿي ڪرسي ڪلھي تي ۽ ڪلھا ڪمزور بڻيل، ڪٿي اقتدار اڻڀو سڻڀو سڄو ۽ منڊو نه جانچي ڪٿي وري ٺوڪرون ڪنڌ مان سريا لوھ وارا ڪڍيو ڇڏين، ڪٿي سمجهه کان ٻاهر ٻوليون پروڙڻ ڏکيون، ڪٿي ڏکيون پروليون ڪم لاھيو وجھن، بس دنيا تنھنجي مرضي ڪنھن کي روئاڙي ڇڏي ڪنھن کي کلائي وجهين، بس ٻرڙي واري ڳالهه ٻارن واري سکيو وڃون، ٻرڙو ويچارو دل پڪي ڪري ويھي ڪون رھندؤ، ضرور چوندو مون سمجھيو ڪو نه جيڪڏهن سمجھيم ته سوچيم ڪو نه، جڏھن سوچيم تڏھن ٻرڙو ٻارن وٽ پھچي ويو، جڏھن ٻارڙا ٻرڙي جي ور چڙھي ويا پوءِ لاھڻ وس ۾ نه رھيو، بس وري انتظار ڪرڻو پيو ۽ يارن جي ياري ڇڏبي نه.