مينٽل پارٽي
تولو مولو جيئن ئي مزدوريءَ تان موٽيا واٽ تي شودائي شاعر وچ ۾ گڏجي وَين، ھڪل ڪري چيائين ڪيڏانهن پيا وڃو؟ چيائون گھر ڏانهن، بيھو بيھو منهنجي چانهه پي وڃو، دل ۾ ٻئي خوش به ٿيا وري سوچيو يار مٿو ته کائيندو ضرور، پر ھل پوءِ به چانهه پي ٿا وٺون، بس پوءِ شاعري مٿان شاعري ھئي، نه ڪن نه پڇ، اسان پاڻ ۾ نھاريندا وياسين ۽ واھ واھ سان گڏ چانهه جا ڍڪ به ڀريندا وياسين، تيستائين جولو پڪوڙائي آيو شودائي شاعر کي ھٿ ملائي چيائين يار اڄ اوھان جي ڪمپئرنگ گھرجي، بس اھا ڳالھه ڪرڻ جي دير ھئي شودائي شاعر کي به تازي ڪا پگھار ملي ھئي، بس پوءِ ته جالو پڪوڙائي لاءِ ڪيڪ اچي ويا چانهه اچي وئي، بس ان وقت شودائي فون ڪڍي دعوتون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيائين، سڄي شھر جي ڇٽل ڪارتوسن کي سڏڻ لڳو، پر اڃان پڇيائين ڪو نه جالو پڪوڙائي کان ته ڪنهن جي دعوت آھي ۽ ڇا جو پروگرام آھي؟ بس رڳو ڪمپئرنگ جي نشي ۾ ھمراهه تولو مولو کي ڀاڪر پيو پائي چوي پيو ھي ڏس فون ڦوٽو ڪڍڻ لاءِ ورتو اٿم، صبح جو مھرباني سان منھنجيون تصويرون ضرور ڏسجان، جيستائين فالتو فولادي پنھنجي گاڏي ۾ سائين سرمائي ۽ لکاني سميت اچي لٿو پوءِ ته بس ڇا ڏسون ھڪ ٻئي کي چميون ھٿن تي بس ڪھڙي ڳالھه ڪجي، ڪجھ ڏوڪڙ جالو جي تري تي رکي تياري ڪرڻ جو چيو ويو، وري تولو مولو کي رڪشي جو ڀاڙو ڏئي چيو ويو ڪجھه ھمراهه ضرور آڻجو، اسان کي اڄ طاقت جو مظاھرو ڪرڻو آھي، تولو مولو اڳي ئي سڄو راڄ کايو ويٺا ھجن چيائون ته اسان کي ٻن رڪشن جو ڀاڙو ڏيو، شودائي شاعر دير ئي ڪو نه ڪئين ڏئي ڇڏيائين، وري سٺي برياني جو آرڊر بڪ ڪرايائون، شام ٿي ته تولو مولو ڀاڙو سجايو ڪرڻ لاءِ ٻئي اچي کانچا کڻي پھتا، ڏسن ته اسٽيج تي اُھي ئي پنج چار يارڙا چڙھيو ويٺا آھن ۽ اسٽيج جي ھيٺ جالو پڪوڙائي پڪوڙن جي ٿال ۾ گل جھليو ويٺو آھي، شودائي شاعر جون گگون پيون وھن، شعر پڙھي ٻيو ٿيو سڀ خير جيستائين تولو مولو تي نظر پئي ھمراھن پاڻ ڏانهن سڏيو پر ھُنن ويجھي وڃڻ کان نٽايو ڇو جو اڳي ئي ھوٽل تي گگن ڀري ڇڏيو ھئن، پري کان ادب سان بيھي چيائون ھڪ رڪشو وچ ۾ خراب ٿي ويو ۽ ٻئي جو ٽائر برسٽ ٿي ويو آهي، ڪافي ماڻهو اسان آندا آھن ھاڻي ماني ڏيو يا انھن جا پئسا ڏيو، انھن کي کارائي وٺي اچون دير ٿي ويندي، تيستائين شودائي شاعر چيو ته ھي فون وٺ ٻٽي پوز ھڻ تي فيس بڪ تي رکون، اڄڪلهه اھڙا جنوني جوان اسان جي معاشري جي زينت بڻيا ويٺا آھن، جنھن جي ڪري ڪجهه چھچٽا لڳا پيا آهن، جتي ڪٿي لھيو پون مرڻا پرڻا خيراتون بس رڳو خبرون پوڻ جي دير آھي، زال مان مڙس ۽ مڙس مان زال ٺاھيو ڇڏين، اڳيون تڏي توري وارو ڦڪائي جي وچان رڳو ڪنڌ ڌوڙڻ جي پيو ڪري، ويچارو ڇا ڪري شرم اچڻ وارن کي ڪونھي ھو پوءِ به حيا ۾ ٻڏيو وڃي، وري ڪو ڇوڪر ڏسن جلدي ڪر ٻچا ھي يادگيرو آھي ٻٽي پوز ھڻي وٺ، صبح جو خبر پوي ته سڄي مينٽل پارٽي وڏو ميدان ماري اچي لٿي، جڏھن ھيڙا ھيراڪڙا ھلي پوندي ڏسو پوءِ ڇو نه نسلن جا نقصان ٿيندا، ڄٽن جا به وٿاڻ ڀريا پيا ھجن پوءِ جالو پڪوڙائي لاء به عيدون نت نيون روز ٿينديون، لکاني جي ٽوپي جالو گھري ڪنھن شادي ۾ پائڻ لاءِ پر لکاني چيو اھا تحفي ۾ مليل آھي ۽ آھي به ننڍڙي، مٿي ۾ به ڪو نه ٿي اچي، نرڙ تي نڪريو بيٺي آهي، پر وقت جي ضرورت آھي پائڻي پوي ٿي، سائين سرمائي جي ٽوپي تي وري شودائي جي اک ھئي ڇو جو مٿي تي فيشل ٿيو پيو ھو، ڄڻ ڪا ٽڪ ۾ تصويرون پيون نظر اچن، پر اھو به ڪامياب نه ٿيو ائين مينٽل پارٽي ٽڙ پکڙ ٿي ۽ تولو مولو واپس ڪون پھتا.