ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

چريون ڏئي چار، واڇان ورتيسين هڪڙي، ان جا به اهڙا ئي پار.

چريون ڏئي چار، واڇان ورتيسين هڪڙي، ان جا به اهڙا ئي پار.

ماسي چپرا ڏاڍي ڪاوڙ مان ڪالهه جڏھن سيڌي سامان وٺڻ لاءِ خادم خفتي جي دڪان تي وڃي پهتي، ته اُتي ماجرا ڏسي حيران ٿي وئي! خادم خفتي پنهنجي ڇوڪر کي ڪجهه ھدايتون ڏئي رھيو آھي، وڏيري واجد واري پٽ جي سالگرهه ملھائجي پئي، مھينو ٿيو آھي ڪڏھن ڪنهن وٽ، ڪڏھن ڪنهن وٽ، روز دعوتون پيون اچن. رات وڏيري جي پٽ مون کي گھرائي ٺوڪ ڏني ته تون ڪڏھن ٿو منهنجي سالگرهه ملهائين؟ اھڙي ريت خادم خفتي مشورو ڪري رھيو ھو سندس ڇوڪر سان ۽ چئي رھيو ھو ڪا مار پوي فيس بڪين کي ٻيا ڪم سڀ ڇٽا بس رڳو سالگرهون اچي بچيون آھن ڏسو، پر يار ھي ڪھڙو ظلم آھي، اڃان به ڪا شخصيت ھجي ڪنھن ڪمال واري ته اڃان به ڳالھ ڪجي، نه منھن نه مھانڊو، پر ھتي ته چرخو ئي اونڌو، ڌڻي پاڻ سڏائي سالگرهه ملھائڻ لاءِ چئي پيو، بس توبهه لڳي پئي آهي، اسان مسڪينن لاءِ وڏو آزار آھي، ڪيڪ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست وري تحفا تحائف اھڙا جيڪي سوشل ميڊيا تان ڪنھن جي ويڊيو ڏسي انھن جي نقل وارا، بس لاچار ٿي اچي قابو ٿيا آھيون، نٿا ڪريون ته ٽپڙ ٽيشن تي رکڻا ٿا پون. بس ماسي چپرا روئي چيائين پئي ته، پٽ وڏن ڪردارن جون ورسيون ته ٻڌنڌا ھئاسين، بابا مرھيات ڪڏھن ڪڏھن نالا وٺي انھن عظيم شخصيتن جون خوبيون بيان ڪندو هو، پوءِ اھڙن پروگرامن تي انھن عظيم انسانن جون ڳالهيون ٻڌائي ٻين کي سبق ڏنو ويندو ھو، پر ھتي ابو بس منھن اڇو ڪريو ڇڏين ڪيڪ اڳيان پيو آھي، بيڪري وارن وري ڪمائي لاءِ برٿ ڊي جا ڪيڪ ٺاھيا آھن، ھڻ ھڻان لڳي پئي آهي. ابي کي چوان ڪلهه مون کي تولو مولو ٻئي گڏيا پاڻ ۾ بحث پئي ڪيائون، آئون مٿان پهچي ويس، انھيءَ ڳالهه تي اٽڪي پيا ته پھرين سالگرهه ڪنھن جي ڪجي، مون رڙ ڪري چيو اوھان کي خبر آهي ته ڪھڙي ڏينهن جنم ٿيو؟ چيائون اسان ڪاڪي لکاني کان پڇيو ان وراڻيو ته ڇپر واري قحط ۾، مون رڙ ڪري چيو ابا انھن کي وڏو عرصو ٿيو اوھان جو ڏاڏو مرھيات ان وقت پيدا ٿيو ھوندو، آئون اوھان جي پيدائش جي ڳالهه پئي ڪريان، ٻنھي چيو ماسي چپرا فيسبڪ ۾ جيڪا تاريخ اچي وئي اھائي آھي، فيسبڪ جو اڪائونٽ ڇوري ناٿن ٺاھيو ھو انھيءَ وري ابي مرھيات واري تاريخ لکي ڇڏي، جيڪو ٿو ڏسي اصل ۾ رڪيسٽ ئي نٿو موڪلي، اڃان تولو ويھن سالن جو ڄاڻايل آھي، پروفائيل تي تصوير زناني لڳائي آھيس، پنج ھزارن کان مٿي دوست ٿي ويا آھن بس انھيءَ لاءِ سالگرهه ملھايون ٿا، ٻين کي جواب ڏئي ٿڪي پيا آھيون، چونو وٺي آيا آھيون منھن کي اڇو ڪنداسين، بيڪري تان پاپا آندا اٿئون انھن کي ڊٻي ۾ پيڪ ڪرايون ٿا، رميز نٽ کي چيو اٿو فوٽو ڪو نه ڪڍنڍو ڇا؟ صابو جي والد جي فوت ٿيڻ واريون اوڍائيل ٻه ٽي اجرڪون ملان يعقوب کي مليون آھن، اھي کڻي اچبيون، ٽماٽا ٽڪي ڌڙي لڳا پيا آھن انھن جي چٽڻي پاپن تي ھاربي مڙئي جڳاڙ ٿي ويندي، ڇوڪر رميز نٽ موبائيل ۾ تصويرون فيشل ڪندو، بس واھ واھ ٿي ويندي، ماسي چپرا چيو ته چريون وٺي چار اسان به ڏٺيوسون پر اھڙي واڇان کان الله ڏئي پناھ.