رولو لڏو، وڪاڻو وڃي ونگاري ٿي
آڳاٽي زماني ۾ وقت جا ڏاھا وڏيون ڏاھپ واريون ڳالھيون ڪري ڇڏيندا هئا، سمجھڻ لاءِ گھڻو ڪجهه چئي ويندا هئا. چون ٿا ته، ڪاڪو آچار وڏو ڏاھو ماڻھو ھو، جڏھن ڪچھري ۾ ويھندو ھو ڏسندي ڏسندي گھڻن جا ڇڪا ڇڏائجي ويندا هئا، چھرن منجھان سڃاڻي وٺندو هو، چون ٿا ته ان وقت ھڪڙو نئون جنوني درويش فقير پيدا ٿيو، جنھن ڪاڪي آچار جي پاڙي ۾ ٻه ٽي پنھنجا ھم خيال ٺاھيا، ڪنھن ڪچھري ۾ ڪاڪي آچار جي ور چڙھي ويا، ڪاڪي کي رڙ ڪري چيائين ته توھان سان منھنجي اڳي ئي ملاقات ٿيل آهي خادم واري خيرات جي ماني تي، ھمراھن شرم مان ڪنڌ جھڪائي چيو ٿي ٿو سگھي، مگر ڪاڪي وري ڇڪي چَين، ٻي سنگت ڪٿي آھي؟ جنھن وڏيون پئي مرليون وڄايون، جنوني فقير جي ٽولي جي ھڪ ھمراھ وڏي فلسفي واري ڳالھ ڪئي ۽ چيائين ته ڪاڪا وڻ وڏو ھو ٽار به نڪرڻ شروع ٿي ويا ھئا، هو هوڏانھن ويا اسين وري ھيڏانھن آياسين، ڪاڪو آچار وڏو ڏاھو ماڻھو ھو چيائين پوءِ سمجھو اوھان وڻ کان الڳ ٿي ويا آھيو، سمجھون ٿا، ٽاريون ۽ ٽار وڻ کان ڌار ائين ڪون ٿيندا آهن، يا ته ڪو وڍي ڌار ڪري يا ھوا طوفان ڌار ڪري، اوھان ڏيو خبر ڪيئن الڳ ٿيا؟ وري ٻئي ساٿي چيو اسان پنهنجي مرضيءَ سان ڌار ٿيا آھيون، وڌيڪ پڪڙڻ لاءِ ڪاڪي رڙ ڪري چيائين وڌڻ وارو ڪم ته ٻج جو ھوندو آھي، يا قلم لڳائيندو آھي ڪو ڪاريگر، اوھان ڏيو خبر ڀلا؟ پاڻ خود جنوني چيو ته نه اسان پاڻ قلم ۽ ٻج جو ڪم ڪندا آھيون، ڪاڪي آچار چَين شاباش ھجي پاڻ پيا چئو، آھيو ٽاريون، وري ڳالهه ٻج ۽ قلم جي پيا ڪريو، يا ته نڪتل ٽاريون آھيو، جيڪي سڪي ٻارڻ ٿينديون وڃي ڪنھن مچ جو، يا سڙي جانور کائي ويندن، چريا ٿيا آھيو ڪجهه سمجھڻ جي ڳالهه ڪريو، وڃي قلم ڪنھن مالھي کان لڳرايو جيڪو مالڪي ڪري پاڻي پياري وڏو ڪري، جيڪڏھن نه ته ٽئين گڏجي نڪري پئو، ٻه ٿين چيلا ھڪ ٿئي اڳواڻ، ڌنڌو سٺو لڳي ويندو، باقي ٽار ۽ ٽارين واريو ڳالھيون ڇڏيو، اھا جڏھن ڪاڪي آچار واري ڪھاڻي تولو کي مولو ٻڌائي ته اھي ٻئي کلڻ لڳا ۽ سمجھي ويا، چوڻ لڳا يار ونگار وارن جو حشر ڏاڍو ڀيانڪ ٿيندو آھي، ھميشه رولو لڏي وانگر رلندا رهندا آھن، ڀلي کڻي ڪنھن به فيلڊ سان وابسته ھجن، ڪڏھن جلسن ۽ جلوسن ۾، ڪڏھن خيرات جي ماني کائڻ ۾، ڪڏھن نعرا ۽ نغما جُهونگاريندي، ڪڏھن ڪنھن جي چاپلوسي ۽ واکاڻون ڪندي، بس نتيجن موٽ صفر ڇو سڃاڻيندا، سڀئي آھن ڪي ڪاڪي آچار وانگر منھن تي چئي ڏين، ڪي وري ڀر ۾ رکيو ڇڏين، پر جنھن لاءِ ونگار وهبي آھي، اُھي به قدر ڪو نه ڪن، ڇاڪاڻ جو ريٽ ۽ اگهه اڳي ئي مقرر ڪيل ھوندا آھن، جڏھن ڀاڙي ۽ مسواڙ تي نڪربو پوءِ ڪھڙا روئڻ روئبا، ڪڏھن برياني ڪڏھن ڌڪا ۽ ٿاٻا ضروري آهن، مختلف آفرون ۽ ڪم ملندا آھن، پوءِ بحث وري ڇا جا؟ بس رولو لڏا ۽ ونگاري ائين ئي وقت پورو ڪندا آھن.