ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

روز روز نئين کوهه جو پاڻي نه چکجي

روز روز نئين کوهه جو پاڻي نه چکجي

استقامت ۽ ھڪجھڙائي انسان کي قابليت سيکاري ٿي، در در سين ھڻڻ وارو گھڻ منھن وارو قرار ڏجي ٿو، چوندا آھن ھيءَ ھڪ ڳالهه وارو آھي يعني اعتبار جي لائق آھي، جيڪو سڄو ڏينهن ڳالھيون تبديل ڪندؤ رھي جيئن اسان وٽ ھمراهه پارٽيون ائين ٿا مٽائين جيئن شوقين برگر جوان ڪپڙن جا جوڙا، ائين سنگتون واسطا دوستيون وفائون سج جي پاڇولن وانگر گم ٿيو وڃن، افسوس اھڙا انسان صبح جو جنھن جي تعريف ڪندي ڏٺا ٿا وڃن شام جو اُھي وري چانهه جي پيالي وانگر ڍُڪ ڍُڪ سان گلائون ڪندي مور نه ڍاپن، ڪن کي وري عادتن ٻڪريءَ وانگر ٻٽيهه ۽ اُٺ وانگر ڇٽيهه ٻوٽيون کائڻ جي عادت ھوندي آھي.
ائين جيڪڏھن اليڪشن جا ڏينهن اچن ٿا ته خاص ڪري ھڪڙو شوقين ٽولو سڀني وڏيرن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن جا چڪر ھڻڻ اُتي ڳاڙھا ٻوڙ چکڻ سنگهڻ ۾ وڏي ڪاميابي سمجھي ٿو، وري ھڪڙو ٽولو اھڙن وڏن ماڻھن سان سيلفيون ڪڍرائي سوشل ميڊيا تي رکڻ ۾ وڏو ڪارنامو سمجھي ٿو، پوءِ ڌڻي سڃاڻي نه سڃاڻي پاڙي وارا ۽ گھر واري جي ھوندي ته اھا ويچاري ڦاٿي، چوندا ته ڏسو اسان ھاڻي وڏا ماڻھو بڻجي ويا آھيون.
ائين وري فقيرن ۽ عمليات جا شوقين بس راتو رات مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ پيا ڳولين اھڙا ماڻھو جن وٽ ظاھري وڌاءُ ۽ رک رکاو جھڙا اسباب موجود ھجن، ھاڻي ته اھڙا عامل وڏين گاڏين جي پروٽوڪول ۾ وڏن وڏن نالن وارن کي پاڻ سان گڏ کڻيو گھمندا وتن ۽ سفارشون به ڪرائين ٿا پوءِ ظاھر آھي دنيا ويچارڙي اوڏانهن منھن ڪري ٿي رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ، جيڪو فرد ھميشه پنھنجو پير ٻئي جي جُتيءَ ۾ وجھڻ جو عادي ھوندو ان کي تڏھن خبر پوندي يا جُتيءَ وارو وچ ميدان ۾ جھلي ڪڍندس ڦيهه يا جُتي ننڍي وڏي جي چڪر ۾، يا وري اُبتي سبتي يعني ھڪ پادر ھڪڙو ٻيو وري ٻيو، بھتري ھميشه ان ۾ ئي ليکبي آهي ويساھ ۽ واعدا قول قرار جيترا مظبوط ھوندا اوترو اُھو انسان سماج منجهه ھڪ ڳالھ وارو ليکبو، باقي ھڪ کوهه جو پاڻي کارو سمجھي وري ٻي ڏانھن منھن ڪري ڏسڻ وارو ڀلي کان ڀلي جي ڳولا ۾ زندگيءَ وڃائي ويھندو پر مطمعن مشڪل ٿئي.
ھڪ ڏينھن جڏھن تولو مولو گڏجي خيرات جي ماني کائڻ لاءِ سائين لکاني سان گڏ نڪتا ته وچ ۾ سرمائي سائينءَ اچي گڏيو، خبرون چارون وٺڻ بعد چيائين ٺيڪ آھي پر ھيڏانھن اڄ فلاڻي ڪمدار جي ماني جي وڏي ڳالهه ٻڌي اٿم اڄ ڏسون ٿا اوڏانهن ھلجي، ايتري دير ۾ وڏن سلامن سان چاچو چنبر خان اچي لٿو مڙئي حال احوال کان پوءِ ٻڌايائين پاڙي ۾ وڏي سياسي پارٽي آھي ڏاڍا ھرڻ ۽ تتر آندا اٿن ڪڏھن کاڌا ڪو نه اٿئون، مون واري ڇوڪر کي وڏيري جي ڇوڪر دعوت به ڏني آھي ۽ سنگت ساٿ کي آڻڻ جو چيو اٿن، اچو ته اوڏانهن ھلون، ھمراھ سڀ صفا مُنجھي پيا وات ۾ پاڻي نارا ڪريو پيو وھي، نيٺ آخرڪار تترن ۽ ھرڻن ماري وڌو، گڏجي سڪندي وڃي پھتا دعوت به پڄاڻي تي پھتل ھئي، وڃي اوبرن تي مارو ڪيون بس تترن ۽ ھرڻ جو ھڏيون گڏ ڪري ٿيلھي ۾ ٻڌي کنيائون ته سنگت ساٿ ۽ گھر وارن کي ٻڌائبو ته اسان اڄ تتر ۽ ھرڻ کاڌا آھن، بس تڏھن چوندا آھن پنھنجي پاروٿي، تازن ٽڪرن کان بھتر آھي جتي ڪپڙا به ڦاٽن ذليل رسوا به ٿيڻو پوي.