ڪتو ڪروزر ۾ يا کُوھه ۾، پر پينو پنندي ئي سوگھو
ھر طرف ڪتو، ڪتو لڳي پئي آهي، ڪٿي ڪتو ڏند پيو ڏيکاري، ڪٿي ڪتو پڇ ٽئورو ڪريو بيٺو آھي، ڪٿي وري ڪتو پڇ لڪائي ڪنھن مخصوص جڳهه تي ڀڄڻ جي پيو ڪري، ڪٿي وري ڪتو پير پيو کڻي، اڄڪلهه وري ڪتو کوھ ۾ ڪريو پيو آهي، پاڻي سڀ ڪڍندا وڃن ۽ پيئندا وڃن پر ڪتي مسڪين کي کوھ مان ڪير نٿو ڪڍي، سوچ انھيءَ ۾ ورتل آھيون ته کوھ جو پاڻي پاڪ آهي يا پليت. وارا بندي جي موسم ھئي تلائن مان پاڻي به اڻ لڀ ٿي ويو، واٽر سپلاءِ وارن وري وتائي فقير واريون ورڇون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. سو تولو مولو آخرڪار پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪرڻ بعد ان ڳالهه تي راضي ٿيا ته جيڪڏهن واٽر سپلاءِ وارن جي خلاف ڪنهن کي دانهن ڏبي ته ھو پراڻا بل وصول ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا، انھي ۾ پنھنجي لاءِ ڀلائي ڪانھي، بھتر اھو آھي ته مائيٽاڻي اصلي کوھ مان ولڻ وڏيري جي سولر پليٽ بلدياتي اليڪشن جي ووٽن جو آسرو ڏئي کڻي ڪم ھلائيجي، اھڙي ريت تولو مولو وڃي کوھ تي پھتا، جانچ پڙتال بعد کوھ ۾ ھڪ ڪتي کي مئل ڏٺائون، سرمائي سائينءَ جي صلاح مشوري بعد مولوي محبت خان وٽ وڃي پھتا، حرام حلال جي خبر وٺڻ لاءِ مولانا جي مشوري سان سؤ دلا پاڻيءَ جا کوھ مان ڪڍڻ لاءِ چيو ويو، ھمراھ ٻَئي ڪم کي لڳي ويا، سڄو ڏينهن سولر جي استعمال بعد وڃي سؤ دلا پاڻيءَ جا ٻاھر ڪڍڻ بعد سوا پنج رپين جي مٺائي ورھائڻ بعد پاڻي ڀري گھر آندائون ۽ سائين سرمائي ۽ سڄي سنگت کي ان خوشيءَ ۾ دعوت ڏئي مچ ڪچهري ۽ گجر محفل ڪيائون، سڄي رات روح رھاڻ بعد صبح جو سائين سرمائي کوھ جو ديدار ڪرڻ ۽ غسل ڪرڻ جي فرمائش ڪئي، وڃي جو کوھ تي پهتا سرمائي سائينءَ ھيٺ نھاري ته ڪتو کوھ ۾ موجود ھو، حيرت مان پڇائين ته ھي اوھان ڇا ڪيو؟ چيائون سائين پاڻي اسان مولانا جي چوڻ تي ڪڍي ڇڏيو آهي، سرمائي سائين چيو پر ڪتو ته ڪون ڪڍيو اٿئو! ھُنن چيو ڪتو ڀلي پيو ھجي ڪتي جي اڄڪلهه وڏي مارڪيٽ آهي جتي ڪٿي ڪتي جو نالو پيو هلي، گاڏين ۾ ڪتو، پير به ڪتو کڻي، جيڪو ڪاوڙجي اھو ڪتو، ڪتو چوي، ۽ پينو فقيرن کي ڪتا مار مھم وانگر جھليو سوگھو پيا ڪن، پر وڏا ڪتا اڃان کوھ ۾ محفوظ آھن، فقط ڪجهه دلا پاڻي جا ٻاهر ڪڍيا اٿن.