ڪالم / مضمون

ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

سيد غلام حيدر شاھ ڪاظمي قلندري جن جو قلم هر زهر کي ماکي ڪري ماڻھن ۾ محبتن جي خوشبو ڦھلائيندو رهي ٿو. هي ڪتاب ”ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا“ طنز مزاح نگاري واري ادب کي زنده رکڻ جي هڪ سٺي ڪوشش آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ڪالمن ۾ فڪري، اصلاحي سونھن ملي ٿي جنھن سان سماج جي عبين ۽ اوڻاين تي سائين غلام حيدر شاھ قلندري!  ٽوڪ ڪندي نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ استعمال آندل ٻولي سادي ۽ سولي آھي جنھن کي هر پڙهندڙ سمجهي سگهي ٿو.

Title Cover of book ٽھڪن ۾ ٽاڪوڙا

ساڍا چار وارن جو سٺ تي ڪانٽو

ساڍا چار وارن جو سٺ تي ڪانٽو


ڪاڪو اوڀايو خالو واري ھوٽل تي پراڻي وقت جو ساروڻيون ساريندين وڏا ساھ ڀريندي ۽ چانهه جا چشڪا وٺندي چوندو ويو ابي کي چوان جڏھن نارا ڪئنال ۽ سکر بئراج ڪو نه ٺھيا ھئا ابو مرحيات وسايو خان چوندو ھو ته زمينون گھڻي قدر غير آباد ھونديون ھنيون، واھوندين جي ھوائن ۾ واچوڙا چڙھندا ھئا جيڪي مٽي ۾ زمين تي گول ٺاھيندا پکڙبا ويندا هئا، اڃان آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ اھڙا واچوڙا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سو ابي کي چوان ناني مرحيات چوندي ھئي ته اھي واچوڙا جنات جي شادي آھي، انھي کي چپل اڇلي ھڻبي ته خارڪون ملنديون، بهرحال اسان به ھئاسين ڇوڪرا ائين ڪندا ھئاسين، خارڪون ته ڪو نه مليون، پر ٻه ٽي دفعا چپلون اڇلي ھنيوسين، ھڪ دفعي چپلون وڃي اسان جي ڳوٺ جي وڏيري جيڪو ان واچوڙي ۾ ڦاسي پيو هو ان کي لڳيون پوءِ ته واقعي خارڪون سونٽن واريون مليون جيڪي اڃان به ياد آھن، سو ابي کي چوان اوھين جوان آھيو تولو مولو واري خوامخواه ھيراڦيرين جي عادت پاڻ ۾ نه وجهجو.
چون ٿا ھڪڙا چار گھاٽا يار ھئا، چئني جون پنھنجيون پنھنجيون عادتون ھنيون، شل نه ڪو ڪٿي وجهه ملي ھميشه پيا لنڊيون لتاڙيندا ھئا، ڦوڪن وارا نانگ پيا جھليندا ھئا، ھر ڪنھن پنھنجي سڃاڻپ الڳ ٺاھي ھئي، ھڪڙو ته ھفتي ۾ گنجو ٿيندو رھندو ھو سو به سواءِ پاڪيءَ جي، پوءِ خبر ناھي ٿيندو ڪيئن ھو؟ چوندا ھئا وار پنھنجا پنھنجي ھٿن سان پٽڻ جي عادت ھوندي ھئيس يا گھر وارن جي مٿس عنايت ٿيندي ھئي، بهرحال اھو سندن خاص اسٽائيل ھوندو ھو، ٻيو جيڪو دوست ھوندو اھو ھميشه خوامخواه وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو ھو ويٺي ويٺي جھجهڪي چڙھندي ھئي اصل ۾ اندر ۾ روئيندو ھو پر ٻاھر نقلي ٽھڪ ڏيندو ھو پوءِ خبر وڃي اڳتي پئي ته سندس ٻي شادي پسند جي ٿي آھي، ٽيون جيڪو دوست ھو اھو پنھنجيون مُڇيون وات ۾ وجھي ڦيرائيندو هو شايد ڪا ڳالھه سوچيندو ھجي ۽ خوامخواه ڏيڻي وٺڻي اچي سنگت سان گڏ ويھندو ھو، چوٿون ھمراھ سرنهه جو کارو تيل مٿي کان وٺي سڄي بدن ۽ منھن تي ھڻندو ھو ان جو به وڏو ڪارڻ ھوندو ھو، باقي ساڍن وارو انگ ٻه ڪاليج جا ڇوڪرا ھوندا ھئا جيڪي ھنن جي حاضري ۽ واندڪائي ۾ ھوٽل جي ٻاهر واري ڪندا ھئا ۽ شام جو خرچي ملي ويندي هئي، سو ابي کي چوان اُھا ان وقت جي ڳالھه آھي ساڍن چار جي نالي سان وڏا مشھور ٿيا، جڏھن اڃان پھرين اپريل فول وارا ڪوڙ ڪو نه ھليا ھئا ان وقت ابي کي چوان اسان وٽ وڏو ڪوڙ اُھو ھوندو ھو ته وڏيري جي گھوڙي ڏينهن جو ويائي، بس سمجهه ھٿ ٻڌي ڪوڙ ھڻڻ ھوندو ھو اڳيون ماڻھو سمجھي ويندو ھو، اھي ساڍا چار ھميشه ڪو نه ڪو نئون اشو روز ٺاھيندا ھئا، الله جو ڪرڻو ائين ھو ڪنھن مست جنوني جي ور چڙھي ويا پھرين ته ھُن گھرائي دعوت کارائڻ ۽ سٺي تواضع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، ھنن کي ھميشه مفت جون مانيون کائڻ جي عادت ھوندي ھئي، بس ماني وغيره سامھون رکي جيئن ھنن کي مٿئين ھوا مان سرور واري کاڌي جي خوشبو پئي اچي بس ھمراھ سڄي ڏينهن جا بکايل ھئا گھرن ۾ عزت جي بس ڪھڙي ڳالھه ڪجي ھڪ ٻئي کي ٺوٺيون پيا ھڻن، ھڪڙو چوي فلاڻي ڀاڄي آھي ته ٻيو چوي ته پلاءُ ڀت آھي، بهرحال بس وات مان گگون ۽ بادي ھوا پيا خارج ڪن، ايتري ۾ جنوني مست کي ٿي جهجھڪي چڙھي ھڪ وڏي ڪاپي شاعريءَ جي ڪڍي کڻي آيو ۽ چيائين ته ٻڌو بس پوءِ ته ھڪ مٿان ٻيو شعر شروع ٿيندو ويو، جڏھن پاڻ ٿڪجي ته پنھنجي ٻالڪي کي پڙھڻ لاءِ پيو سڏي، پر کٽڻ جي ڳالھ نه پيو ڪري رات جا ٻارنهن وڃي ٿيا، ننڍڙا ٻاھر وارا ساڍا ٻئي سمھي رھيا، باقي وڏا چار ڪو مٿي جو وار پيو پٽي، ڪو مُڇيون پيو وات ۾ وجھي، ڪو خالي ٽھڪ ڏيڻ بدران رڳو ڏند پيو ٽيڙي مطلب ته ڪنھن ڏاھي ھنن کي صلاح ڏني ته ھاڻي ڏيئي ۾ تيل گھٽ آھي ماٺ ڪري خوشبو تي نه مرو رفعو چڪر ٿي واچوڙي وانگر سٺ تي ڪانٽو رکو، ھميشه سواءِ ڄاڻ جي ڪنھن جي دعوت ۾ ٽوپي نراڙ تي رکي نه ويندا ڪريو.