لائبريريون ۽ لاپرواهيون
مامي خدن جي افطاري تي سڄي سنگت اچي گڏ ٿي، فقرائي ۽ ڳوٺاڻي حال سارو سڀ کائڻ پيئڻ جو سامان اچي گڏ ٿيو، مامي خدن جي چؤ ياري جي ھميشه اھا عادت رھي آھي ته جيڪو به ايندو ڪجھه نه ڪجھه گھران کڻي ضرور ايندو آھي.
وڏيرو اديب روزا ته ڪو نه رکي پر احترام باقاعده ڪندو آھي، اھو به حسبِ دستور پنھنجي گھران ڪجھ نه ٺاھجي مليو ته به خير، پر ونگاري ڪنھن دوست کان سواءِ ڪنھن دين ڌرم جي پڪوڙا ۽ چرڪاڻ آڻي ئي آڻي، ڇاڪاڻ جو پاڻ ھميشه چرڪاڻ کائيندو رھندو آھي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر نوازڻ سائين کائڻ جي منع ڪئي اٿس، پر ان کي به کارايو اچي پوءِ ٻئي پيا کلندا آهن.
ائين خالو ھوٽل وارو بچيل ڪڙھيل کير ملائي ڪڍي ان ۾ ملڪ روز ٺاھي آڻيندو آھي، شودائي شمشو چپسون اڌار واريون ۽ ڀينڊيون پنهنجي ٻنيءَ مان پٽيل ڪچيون کڻي ايندو، ڇو ته پچائڻ لاءِ وري خالو ھوٽل وارو ذميوار آھي. ائين تولو مولو جو ذمو فقط کائڻ ۽ کارائڻ جو آھي، باقي ٻيا سائين سرمائي ۽ لکانو مرضيءَ جا مالڪ آھن، دعا پڙھندا آھن.
اڄ افطاري کان اڳ وڏيري اديب ھڪ اھڙي بھترين ڳالھ ڪئي جو سڀني ڪن ڏئي ٻڌي ۽ دل سان لڳايائون. وڏيري اديب چيو، يارو ڏسو اڳي ھر وڏيري جي اوطاق ۾ روز واريون تازيون اخباون پيل ھونديون ھيون، ائين ھوٽل واري وٽ، سيلون واري وٽ ۽ پيڊي واري وٽ، اڳي ڳوٺ ۽ شھر جي پارڪن ۾ به لائيبريرون ھونديون هيون جتان ننڍا وڏا ڪتاب پڙھڻ لاءِ کڻي ويندا ھئا ۽ وري واپس ڪري ٻيا کڻندا ھئا، ايترو ته ڪتابن جو رجحان ھو جو بابا مرحيات اسان سڀني کي گرميءَ ۾ نم جي وڻ ھيٺان ويھاري پاڻ خميص لاھي پوءِ ڪتاب کولي ڪڏھن قصص الانبيا، ڪڏھن امير حمزي وارو داستان مطلب ڪھاڻيون وغيره اسان کي ٻڌائيندو رھندو ھو، اُھي اڄ ڏينهن تائين اسان جي دل ۾ نصب ٿيل آھن، مجال آھي اسان ھيڏانھن ھوڏانھن فالتو گھمون، ھاڻي ته افطاري تائين رڳو فونون ھٿن ۾ آھن ڪا خبر ناھي، جيڪڏهن پيڪيج ختم ٿيو وڃي ته ڄڻ سڄيءَ فيملي ۾ ماتم، الاھي ڪھڙو واءُ وريو آھي، ٺيڪ آهي جديد ٽيڪنالاجي ضروري آهي پر اسان مان ادب ۽ احترام نڪري ويو، پوءِ ويچارو مامو خدن اڃان ڪم کي کڻيو ويٺو آهي، ڪتابن جو شوق پورو ٿيڻ سان ئي علم عقل موڪلائي ويو، معلومات جا ذخيرا ضرور گڏ ٿيا باقي لاپرواھيون وڌي وڃڻ ڪري سڄو ڪلچر ۽ تاريخ اڳتي پوئتي ٿي وئي آھي، جتي ننڍ وڏائي انسانيت ۽ ڪردار ڪتاب سيکاريندا ھئا اتي اڄ نيٽ اسان کي حرام پائيءَ جي جديد طريقن سان ھمڪنار ڪري اھڙيون گيمون متعارف ڪرايون آھن جنھن ۾ نه ڪو ذھني شعور، نه ڪو علمي شعور، فقط وقت قيمتي ھٿن مان نڪتو پيو وڃي، وڏيري اديب جي اھڙي ماھرانه گفتگو سڄيءَ روزي جون بکون ۽ اڃون لاھي ڇڏيون، سڀني متفقه اھو فيصلو ڪيو ته ھاڻي ڪتابن پڙھڻ ۽ پڙھائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون.