کوٽن ۽ کرن جي پوي خبر ھار جيت سان
جتي خوشيون گڏ ملھائڻ جون رسمون زور وٺنديون وڃن، جتي غمن جي لڙڪن جون لاڙون پاڻ کي ئي اگھڻيون پون، جھمريون ۽ نعرا جيت جو سمان دلين کي ھميشه سٺو لڳندو آھي، اتي ھار جي بازيءَ کي به برداشت ڪرڻ جي سگهه ۽ سهپ ھئڻ بھادرن جي بھادري آھي، جيت جون مستيون ۽ تماشا ڏسڻ وٽان ھوندا آھن، اتي ھار جي بازي جا ھارايل چھرا لٿل ۽ ڪومايل نظر اچڻ ھڪ فطرت آھي، پر جڏھن ھار کي تسليم ڪري حسد جي ھاٿيءَ کي خاموش ڪرائي، لالچ جي لومڙيءَ جي شرارتن کي لغام ڏئي، ڪوڙيون گجگوڙون شينھن جون ڪجھه وقفي لاءِ ماٺ ڪرائجن، گدڙ واريون ڀڀڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪري، جيت جو تماشو ڀلي کڻي نه به ٿجي پوءِ به صبر سان ڪنھن جي خوشي کي ھضم ڪرڻ ئي ھڪ مردانگي چئجي ٿي، اسان جي معاشري ۾ جتي جنازا ۽ فاتحون مفادن جي ور چاڙهي پوءِ ادا ڪيون وڃن، ڪمزور ۽ ڪنھن لاوارث جي ميت تي روئڻ ته پري جي ڳالهه آھي، پر ڪير سمجھندو به نه آھي ته ڪنھن جي پاڙي ۾ به ڪا فوتگي ٿي آهي.
چون ٿا سياڻا صوبيدار جي بابي جي جنازي ۾ ماڻهن جي وڏي پيھ ھئي، پر خود صوبيدار جي جنازي لاءِ خلقِ خدا کي منٿون ڪرڻيون پئي پيون، ڇو جو جنھن ۾ مفاد ھو اھو دنيا ۾ رھيو ڪون، معاشرو پوئين کي ڏسي پوءِ شرڪت ڪندو آھي، تولو مسڪين جي شاديءَ لاءِ رڪشو تيار ڪيو ويو ھو، رئيس خدن جي ڇوڪر لاءِ الاھي ڪيتريون گاڏيون سوارنجي اچي لٿيون، پوءِ انھن جو ڀر وٺي مولو تولو کي وٺي سرمائي سائينءَ جي فون سان سيلفيون پئي ڪڍرايون، سرمائي سائين به فون ائين ڪو نه ڏنو ھو پراڻو واسطو ھو، اڃان به ڪڏھن زور ڏيارڻ لاءِ ضرورت پئجي سگهي ٿي، ڪٿي مچ سڪل ڪاٺن جا بڙ، ڪٿي وري ڇيڻي ۽ گوبر جو دونھون به اڻلڀ، ڪٿي خوشامندڙيون خوارين ۾ به چڱيون ڏسڻ ۾ اچن، ڪٿي وفائون ويچارڙيون سچ جي ھوندين به شرمائجيو پون، ڪٿي نه برداشت ڪرڻ واريون ڳالھيون مٺيون لڳن، ڪٿي ڏاھپ وارا گفتا ٻڌڻ لاءِ ڪو به نه ملي، ڪٿي ڪتاب رکڻ لاءِ جڳهه تنگ ٿيو وڃي، اتي بوٽن جي لاءِ قيمتي پاليشون ۽ بھترين کوکا دستياب ھجن، جتي اوطاقن ۾ گڏھ ھينگن اتي ھوٽلن جي رش چمڪار چمڪندي ملي، جتي لائيٽ غائب ٿئي ته ڄڻ دنيا ئي ختم پر محبتون ۽ چاھتون پنهنجي موت مرن ڪو فڪر ناھي، جتي ڏوھ ڪري سمھڻ وارن کان ماني کائڻ جون صلاحون ھرڪو ھڻي پر ڪنھن بکئي پيٽ کي محسوس ڪرڻ باوجود پاروٿي ماني ڏيڻ ۾ به شرم اچي، جتي ڪپڙي تي داغ ٿيڻ تي پريشان ٿيو وڃون پر سڄو ڪردار داغدار ھئڻ باوجود به خوش لڳون، پوءِ به جيتن تي جشن فطرت رھي آھي ۽ ھار تي حيرانگي شرمندگي محسوس ٿيندي آهي.