نئون ڍَڳو نار ۾، وَھي ٿو واپار ۾
نئين ھر ڪا شيءِ وڌيڪ تيزي ڏيکاريندي آھي، جيئن پنهنجا پير پڪا ڪري، نئين ڪنوار نوان ويس ان لاءِ ڪندي آھي جيئن ڪنوار ٿي رھي پوءِ جيترا ڏينهن رھي، جيڪڏھن ھوندس مڙس ڪو لالو موالي ته ويھاريندس پھرئين ڏينھن چلهه تي، سو به ديوين جي آلين ڪاٺين تي، پوءِ ته ڪنوار وارا نخرا ته ٺھيو پر ونواهه وارا کاڌا به وسري ويندس، ائين مسجد ۾ موذن وڏن زورن سان ٻانگون ڏيندو آھي جيئن پاڙي واريو ماسيون ۽ نانيون ٻُڌن ڪو سڻڀو ٽڪر موڪلين.
ائين نئون نئون ڄٽ مارڪيٽ ۾ پنهنجي مائٽن جي ڪمائي تي انٽري ڪرائيندو آهي، ڪوشش ڪندؤ ھلندڙ وقت ۾ ضروري آھي ڀلي ٽپڙ وڪڻي پر ويگو گاڏي قرض تي به کڻين پر نمائش لاءِ اھو پھريون قدم کڻبو ضرور، ان سان گڏ سيٽون ڀلي سڀ خالي ھجن، پر ڏالي ۾ ڪو نشائي موالي ھيروئني کي ڪا ڦٽل بندوقڙي ڪلھي تي رکائبي ضرور پوءِ ويچارو اھو چرسي جيڪو پنهنجو پاڻ مان بيزار، وزن نه پنهنجو کڄئيس وري ڪَٽيل ۽ خالي ڪاٺ ڪٿان کڻي، ھن جو ساھ پيو وڃي ننڍو رئيس رونشي ۾ خوش، ائين نئون کلاڙي پري کان ڇَڪا چونڪا ڏسي ڪرڪيٽر ته بڻجڻ جو شوق ميدان ۾ کڻي آيس، لڳيس نه پٿر وارو ڏرو ٻئي ھٿ شلوار الاھي گھوڙا يوئنس پيشاب ھاڻي ڪيئن ڪندس، اھو اڳ ۾ سوچڻو ھو.
ائين نئون نئون صحافي موبائل اُڌار تي قسطن تي کڻي اچي مارڪيٽ ۾ لٿو ٻين جي واکاڻ ٻڌي، خبر ڪو نه پئي وڏو حق سچ جو شوقين بنجي پيو، مٿان اُڦٽ مار جي، پوءِ ته بابلا ھڪڙا پُٺا نوان وري مٿان سونٽا نوان پوءِ دانھون به صفا نئيون نئيون ۽ آوازن کا سُر ڪڏھن ڀيروي ڪڏھن اسان واري ڪوھياري مان مالڪوس پيو ڳائي، ٻُڌڻ وارن به واھ جا مزا ورتا، سڄي مارڪيٽ اڳئي لوڊشيڊنگ جي افراتفري ۾ ڪاوڙيل ھئي مٿان وري سواءِ ٽڪيٽ جي تفريح پوءِ ته ماشاءالله.
ائين وري نئون زميندار پڻس جي فوتگي جي ڪري اچي زمينن تي ڪڙڪيو، ڀاڻ کي ٻج، ٻج کي ڀاڻ پيو ڪري جنهن ھميشه ناشتي ۾ کارا بسڪوٽ کاڌا ھجن ان کي ڪيڪن جي ڪھڙي خبر، اھو ائين ٿيو جو مولو وارو يار تولو جي ڳالھين ۾ اچي شامتي پھلوان سان ملھه ٿو وڙھي خبر تڏھن پئي جو شلوار ۾ چاچي آدم واري دعوت جي ماني سڀ جمع ٿي اچي سائين سرمائي جي ھنج ۾ ڪري، پوءِ ته ملھه ته ملھه جي جاءِ پر شلوار ۽ سائين سرمائي ٻئي فقير لکاني جي ڪنڌ ۾، ڌوٻي ڪٿان ملي، ڦاٿي وڃي ماسي سڀاڳي ويچاري، جنھن کي ڪو ڪڻڪ جو ڪٽو مفت ۾ مليو ھو.
ائين سيٺ راضي رکت تي اچي نئون سيٺ ٿيو ٻه ٽي خوشامندڙا اھڙا اچي مٿي لڳس جو ھڪ ھفتي ۾ سيٺ پڪوڙن جو ٿالهه ھٿ ۾ ڪريو پئي گھميو، ائين وري نئون فقير پير پرديسيءَ جي صحبت ۾ اچي ميدان ۾ لٿو ڦيڻا سور ٻيڻا، فقيريون سڀ ٺڪريون ائين ٿيون ڄڻ نديم ناسوري جا وارا نانگ مڻڪن سميت ڳچيءَ ۾، سو نئون ڍڳو پانجاري ۽ گڏ سلھاڙيل پراڻو منڊو ڍڳو به ھلائي ڇڏيائين، چون ته سياڻا ته ڀَتُ ٺاري کائجي خوامخواه وات نه ٻارجي.