ڀڀڪيون ۽ ڦڙڪيون ھوا ۾ اڏريون
جڏھن انسان لفظن جي ورڇ ۾ ورھائجي ويندو آهي، لفظن جي چونڊ ۾ ڦاسي پوڻ بعد ناداني سر مستيءَ ۾ ڪنھن سودائي جوش ۾، خوشيءَ جي کيل ۾، جيت جي ريت ۾، نوبت جي نعري تي نچڻ وارن جي جھرمٽ ۾، معاشرتي قائدن ۽ قانونن کان اڻ ڄاڻائيءَ ۾، محبتن جي مدِ مقابل نفرتن جي پاليسي ۾، گفتن ۾ گلن جي خوشبوءِ وکيرڻ جي جڳهه گند ۽ گندلاڻ جي ڌپ ڇٽڪارڻ سان فقط امن ۽ سلامتيءَ جي گھر ۾ جھيڙي جهڳڙي جون جھمريون پائيندي ته گھڻن جي ڪکاؤن آکيرن کي ڄيرا باھ جا ڏيڻ عقل مندي ڪون چئبي، چپن مان نڪتل لفظن ۾ وڏي مٺاس ۽ چاشني رکيل ھوندي آھي، پراون کي قيد بند ڪري ڇڏيندو ھڪ آٿت ڏئي غمن کي خوشين ۾ آڻي تبديل ڪريو ڇڏي، اتي مرڪون مرجھائڻ بدران نڪريو نڪور چڪور وانگر چمڪن ٿيون، باقي نفرتن جا جملا جھيڙن جھٽن ويڙهاند کانسواءِ ڇا ڏيندا، معاشرو اڳي ئي سڙيو پيو آھي سورن ۾، مھانگائي ۽ اڻ ھوند زماني سازي جي قحطن ڪارا ڪڪر ڇانئي ڇڏيا آهن، اڃان ڪھڙي ڪثر رھيل آھي؟ پوءِ ڀڳڙن واريون ڀڀڪيون ڇو ۽ ڇا جي لاءِ؟ اسان جا احساس سھي وانگر، اسان محبتن جا متلاشي سٻاجهڙا پراون کي پنهنجو سمجھڻ عادت اسان جي، ڦوڪڻا ھميشه ھوائن ۾ اڏرندا ڏسبا آھن، ٽائرن ۾ به ھوا ھوندي تڏهن ئي گاڏين کي گهلي منزلن تائين رسائيندي، جڏھن ھوا نه رھندي پوءِ ڦوڪڻن ۽ ٽائرن تي ڪھڙو ڀروسو ڪبو، اڏري اڏري نيٺ لھڻو ته ھيٺ پوندو، داڻون چڳڻون زمين تي پوندو، پوءِ ڇا لاءِ زمين تي رھي اڏرڻ واريون ڳالهيون ڪجن؟ انسان ويچارڙي کي وري به زمين جي اندر ئي لھڻو آھي، ٽيڙين آنڱرين وارن گيهه پئي ڪڍيا ڪنھن وقت پر آسمانن وري انھن کي زمينن ڏانھن موڪليو.